هِي جنوري جو سرد مهينو هلي رهيو آهي. 17 جنوري جو ڏينهن، جيڪو سنڌ واسين لاءِ خوشي ۽ غم جو ڏينھن آھي. ان تاريخ تي سائين جي ايم سيد جو جنم ٿيو ھو ۽ ان ئي تاريخ تي گولاڙچيءَ ۾ سنڌ جو ٻھڪڻو اڳواڻ فاضل راھو شھيد ڪيو ويو ھو. پاڻ سنڌ وارا ان معاملي ۾ڏاڍا بدنصيب آھيون ته ھڪ اک ۾ خوشين جا ترورا آھن ته ٻي اک ۾ غم جا ڳوڙھا پيا ترن. آڪاش انصاريءَ جي ان نظم ته “نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رُناسين”. سنڌ ڌرتيءَ جي انھن ٻنھي اڳواڻن پنھنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سختيون سَٺيون، جيل ڪاٽيا، ٻچا قربان ڪيا پر اھي ڪڏھن نه جھڪيا نه آڻ مڃيائون. پنھنجي آخري ساھن تائين ويڙھيچن سان ڪيل وچن تي قائم رھيا.
مون 16 جنوري 2015ع جي ڏينھن پنھنجي فيس بوڪ وال تي شھيد فاضل لاءِ تاثر لکيو ھو ته، “منهنجي دل اڌما ٿي کائي ته سنڌ جي عظيم، نرالي، اڳواڻ شهيد فاضل راهو تي لکان، پر ڇا لکان هُو ته مرشد سچل چواڻي، هڪ خيال هو، هو ته پروين شاڪر واري خوشبوءِ وانگر هو، هو ته فيض احمد فيض جي محبوبه جهڙو هو، بس ايترو چوندس ته جيڪڏهن ڀٽائيءَ جي سمورن سورمن ۽ سورمين جي گڻن کي ملائجي ته ناٿو يعني فاضل راهو جُڙي پوندو. سنڌ ڏاڍي بدنصيب رهي آهي ۽ ان سان گڏ اسان انتهائي بيحس رهيا آهيون. سنڌ بدنصيب ان معنى ۾ ته جيڪي زندهه رهڻ گهرجن ها، اهي اسان کان کسيا ويا، (شهيد فاضل راهو، شهيد بشير قريشي، شهيد مرتضى ڀٽو، شھيد نذير عباسي) ۽ اسين بيحس ان حساب سان ته اسان کين بچائي نه سگھياسين ۽ هاڻي اسين لوڙيون پيا. جمهوريت جي نالي ۾، قومپرستي يا ترقي پسنديءَ جي نالي ۾ گھڻو تڻو ‘رانگ نمبر’ ئي ويٺا آهن ۽ اهي اسان کي مُنجهائڻ وارو ڪم تمام سليقي سان پيا ڪن ۽ ان ۾ ڪامياب و ڪامران آهن ۽ اسين آهيون ته جيئن ٿڌ تيئن وڌ وڃون پيا پوئتي ڌڪبا. ٻئي دفعي 16 جنوري 2019ع تي پنھنجو اسٽيٽس ھنن لفظن سان اپ ڊيٽ ڪيو ھوم ته، “وري اڄ انهن روڊن تي گاڏي ڊوڙائيندو شهيد فاضل راهوءَ جي راهوڪي پهتو آهيان، جن تي سکر کان پيرين پنڌ پهتو هئس، منهنجو مقصد ان وقت ۽ اڄ به ساڳيو ئي آهي: عظيم انقلابي اڳواڻ شهيد فاضل راهوءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ”. سنڌ جو ڪو ورلي اهڙو اڳواڻ هجي، جيڪو سياست جي پرپيچ پيچرن تي هليو ته هجي پر اهو سڀني لاءِ قابلِ قبول هجي، جنهن جي سموري ڄمار ڪنهن به قسم جي اسڪينڊلن کان آجي هجي، جيڪو پنهنجي پارٽي مفادن بدران قومي مفادن کي ترجيح ڏيندو هجي، اهڙن بنهه آڱرين تي ڳڻڻ وارن ڳڻائتن سياستدانن ۾ فاضل راهو به شامل هو. فاضل راهو هارين، شاگردن، عام سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ حقيقي اُتساهه پيدا ڪيو هو ته، “اسين هن مڪر جي مانڊاڻ کي ڀسم ڪري هڪ عوام دوست، سنڌ دوست سماج اڏي سگهون ٿا”. سنڌ جي دشمنن ۽ عوام جي دشمنن کي اهائي ڳالھ نه وڻندي هئي ۽ انهن سوچي سمجهي اهڙو حملو ڪيو ته نه رڳو اسان کان پنهنجو محبوب اڳواڻ کسجي ويو پر ان ويساهه کي به گهُٽو اچي ويو”.
شهيد فاضل راهو، سنڌ جو هڪ بهادر قومي ۽ عوامي اڳواڻ ھو، جيڪو سنڌ دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چُڀندو ھو. سندس سڀاءُ ايترو ته پنھنجائپ وارو ھو جو جيڪو ساڻس ھڪ دفعو ملندو ھو، سندس پرستار ٿي پوندو ھو. فاضل راھو وٽ ڪا ريارڪاري، ڏيکاءُ، نه ئي وڏائي ھوندي ھئي، ھو قومي ۽ عوامي ڪم کي مٿس رکيل مقدس فرض سمجھي سرانجام ڏيندو ھو. رات ھجي يا ڏينھن، گرمي ھجي يا سردي، بر ھجي يا بحر، برسات ھجي يا طوفان فاضل ڪڏھن به ورچي نه ويٺو. ھر وقت متحرڪ، ھر وقت سجاڳ، ھر وقت جدوجھد لاءِ تيار رھندو ھو. فاضل راھوءَ ۾ ھڪ منفرد خصوصيت مون ڏٺي، اھا ھيءَ ته وٽس پارٽي انا نالي ڪا شئي نه ھوندي ھئي، فاضل عام ماڻھن کي پنھنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي غرض سان خدمت نه ڪندو ھو، وٽس جيڪو ماپو ھو اھو ھي ھو ته جيئن ته ھي مسئلو ھن جو حقي مسئلو آھي، ان ڪري اھو حل ٿيڻ گهرجي. جيئي سنڌ ۽ عوامي تحريڪ جا دوست نظرياتي حساب ڪتاب سان ھڪ ٻئي کان تمام گهڻو پري بيٺل ھوندا ھئا پر فاضل جيئي سنڌ جي ڪٽر ڪارڪنن کي جيل مان آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ وڃي ضامن پوندو ھو. وٽس پارٽي، مذھب، ذات جو ڪو فرق نه ھوندو ھو، ھُو سڀني مظلومن جو ڀرجھلو ھوندو ھو. ھر ڪنھن سان ڏُکئي وقت ۾ ساٿ نڀائڻ ڪو کانئس سکي ھا. ھڪ دفعي سندس گهر ۾ فوتگي ٿيل ھئي، ساڳئي وقت پاڙي ۾ رھندڙ مسڪين ھارياڻيءَ کي ويم جي سورن ۾ ڪا پيچيدگي پيدا ٿي پئي ھئي، ته فاضل پنھنجي ڊاٽسن ڪڍي فوري طور تي ان ھارياڻيءَ کي اسپتال وٺي ويندي چوڻ لڳو ھو ته، ھُوءَ منھنجي ڀيڻ جيڪا فوت ٿي ويئي آھي، ان کي ته مان ھاڻي موٽائي نه ٿو سگهان پر ٻي منھنجي ڀيڻ کي ته بچائي سگھان ٿو. شھيد فاضل ھونئن ته پوري سنڌ اندر مقبوليت ماڻي رھيو ھو پر لاڙ پٽ ۾ سندس اثر رسوخ ڪنھن طوفان جيان وڌي رھيو ھو. سندس انھن فتحن کان اوندھ جا رکوالا ڏاڍا ڊڄي ويا ھئا ۽ پوري پلاننگ ڪري 17 جنوري 1987ع جي ڏينھن فاضل تي حملو ڪرائي سندس آواز کي ھميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو ھئائون. فاضل راهو هارين، پورهيتن ۽ مظلوم طبقي جي حقن لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. هُو زميندارن ۽ جاگيردارن جي ظلم خلاف هڪ مزاحمتي آواز هو. سندس شهادت سنڌ جي قومي تحريڪ جو ناقابلِ تلافي نقصان ھو ۽ سندس پڄاڻان پيدا ٿيل خال اڄ سوڌو ڀرجي نه سگهيو آھي. بھرحال فاضل راهو جي قرباني سنڌ جي حقن جي تحريڪ ۾ سدائين ياد ڪئي ويندي.
سنڌ جو ٻيو انمول ڪردار سنڌ جو عظيم فڪري اڳواڻ ۽ قومي تحريڪ جو باني سائين جي ايم سيد، 17 جنوري 1904ع تي سن، ضلعو دادو (هاڻوڪو ضلعو ڄامشورو) ۾ پيدا ٿيو ھو. سائين جي ايم سيد پوري زندگي مسلسل جدوجھد ڪئي، ڪيترا ادارا قائم ڪيا، سنڌ وارن کي سجاڳ ڪيو، کين ٻڌايائين ته اوھين ھڪ قوم آھيو، ڇو ته جيڪي ھڪ قوم جون نشانيون جھڙوڪر، ڌرتي، تاريخ، ٻولي، تھذيب ۽ تمدن آھن، انھن سڀني تي سنڌي سئو سيڪڙو پورو لھن ٿا. سائين جي ايم سيد مذھب جي نالي ۾ جاري ڪاروبار کي “جيئن ڏٺو آھي مون” لکي ڪاپاري ڌڪ ھنيو ھو. سندس اھڙي جُرئتمنداڻي علمي ڪم تي ان وقت مذھب جا ٺيڪيدار ڏاڍو ڪاوڙجي پيا ھئا، سندس دليلن ۽ منطق سان ڪيل ڳالھين جو علمي جواب ڏيڻ بدران روايتي نموني مٿس ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون ويون ھيون ۽ ڪتاب تي پابندي مڙھي ويئي ھئي. ان وقت جا قلمي ڪمدار اصل ڇتا ٿي پيا ھئا، ھر پاسي کان واويلا مچي ويئي ھئي. چنڊ کاري ھيٺيان لڪي ناھي سگھندو. اھو سائين جي ايم سيد جي ٻين شاھڪار تخليقن سان گڏ لکيل اھو ڪتاب اڄ پڻ علمي ميدان تي ڇانيل آھي. “جيئن ڏٺو آھي مون” جو اردوءَ سان گڏ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آھي. سائين جي ايم سيد سان رڳو جيئي سنڌ جا نه پر غير متعصب سڀ فرد پيار ڪندا ھئا ۽ ڪندا آھن. ڪالھ شبير شر جي فيس بوڪ وال تي سائين جي ايم سيد لاءِ لکيل نوٽ پڙھيم، جنھن ۾ شبير صاحب چئي ٿو ته:
“مان جيئن 1988ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ سن ۾ سائينءَ سان ملڻ ويو ھيس، ته آريسر صاحب ھينئن تعارف ڪرايو ھيس: سائين، ھي شبير شر آھي، ڪميونسٽ پارٽيءَ جو آھي ۽ جيل ڪٽي ٻاھر آيو آھي، توھان سان الائي ڇو ۽ ڪيئن ملڻ آيو آھي”. سائينءَ چيو ھو، “ڪميونسٽ ھجي يا جماعت اسلاميءَ جو، ھر سنڌي مون کي پنھنجو لڳندو آھي ۽ مونکي به ھر سنڌي پنهنجو ئي ڀائيندو آھي”. پوءِ سائينءَ مون کي مخاطب ٿيندي چيو: “تو کي جيل ڪجھ سيکاريو؟”، مان چيو ھو: “ھا سائين، جيل گھڻو ڪجهه پڙھايو به ته سيکاريو ۽ سمجھايو به”. سائينءَ ٻيو سوال ڪيو: “ڪميونسٽن جي باري ۾ توھان جي راءِ ڪاٿي بيٺي؟”، مان چيو: “مون کي ڪو به ڪميونسٽ ۽ حقيقي سوشلسٽ انھن مان ڪنھن ۾ به نظر نه آيو، سڀ ڌنڌوڙي ھئا”.
“ڀلا مون سان ملڻ جو خيال ڪيئن آيئي؟”، سائينءَ پڇيو. چيم: “توھان جو ڪتاب ‘جيئن ڏٺو آهه مون’ مون کي توھان کان واقف ڪرايو”. سائينءَ پڇيو: “ڇا چيو ‘جيئن ڏٺو آهہ مون’؟”، مان چيو: “توھان ئي حقيقي ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ آھيو، توھان ان ۾ جيڪو انساني ارتقائي عمل ۾ آدم واري ٿيوريءَ کي سائنسي دليلن سان رد ڪيو آھي. توھان جو اھو فلسفو ھيگل فائرباک ۽ ڪارل مارڪس جي جدلياتي ماديت جو نج ۽ اصلي اھڃاڻ آھي”. مون کان وڌيڪ پڇائين ته، “مارڪس جو ڇا ڇا پڙھيو اٿئي؟”، مان چيو: “جدلياتي ماديت جا قانون ۽ استحصال ۾ surplus value، وارو نظريو”. پوءِ سائينءَ سان لڳاتار ملاقاتون ٿينديون رھيون. جڏھن کانئس سوال ڪيو ھيم ته: “قوم پرستن جا سمورا ڌڙا توھان جي نظريي جا قسم کڻندي به الڳ ڇو آھن ۽ توھان انھن کي گڏيو ڇونه ٿا؟”.
ان سوال تي سائينءَ ھڪ ڊگھو شوڪارو ڀري چيو ھو: “انھن نه مون کي پڙھيو آھي ۽ نه سمجهيو آھي. اھي سڀئي خالي مريد آھن، انقلابي ناھن ۽ انھن سڀني وٽ پنھنجا الڳ الڳ مفاد ۽ الڳ پيٽ آھن. جڏھن به ھنن منھنجي ڪتابن ۾ ڏنل نظريي کي پڙھيو ۽ سمجهيو ۽ سنڌ جي مفادن کي پنھنجي مفادن تي اوليت ڏني، ان ڏينھن ھي ھڪ منظم سياسي انقلابي پارٽي بڻجي ويندا”.
سائين جي ايم سيد جو ٻيو ڪارنامو سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ کي نئين رخ ۾ پيش ڪرڻ پڻ ھو. سائين جي ايم سيد ٻڌايو ته شاھ لطيف تي رڳو باسون ناھن باسبيون پر سندس فڪر کي سمجھڻ جي اشد ضرورت آھي. شاھ عبدالطيف ڀٽائي ڪو روايتي پير ناھي پر هُو ھڪ انسان دوست، سنڌ دوست، فڪري ۽ فني حساب سان اعليٰ پائي جو بين الاقوامي شاعر آھي:سائين جي ايم سيد سنڌي قومپرست سياست جو بنياد رکيو، هن ادب، تاريخ ۽ فلسفي تي به وڏو ڪم ڪيو هو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ قومي وجود کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪئي، سائين جي ايم سيد سنڌ جي فڪري، سياسي ۽ ادبي دنيا ۾ سدائين اهم مقام تي رهندو، سندس فڪر نوجوان نسل کي حقن جي تحريڪ لاءِ اڄ به روشني فراهم ڪري ٿو.
کڻي جو 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي ولادت ۽ فاضل راھوءَ جي شھادت جو ڏھاڙو هوندو آھي پر ٻنھي شخصيتن پنھنجي ڌرتي، ماڻھن لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي، اھا وسارڻ جوڳي بِنھ ناھي.