پھرين مئي 2025ع جي “پنھنجي اخبار” ۾ قمبر جي نمائندي عبد الرحيم منگي غيبي ديري ۾ ٿيل ھڪ وڏيرڪي جرڳي جي رپورٽ ڪئي آھي تـ چانڊين جي قاسماڻي پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ پندرنھن ھزار روپين جي معمولي رقم تان جھيڙو شروع ٿيو جيڪو چار انساني جانيون ڳڙڪائي ويو ۽ ڪيترا ٻيا زخمي ٿيا. ان جو روايتي فيصلو اھو ٿيو تـ ھڪ انسان جي قتل جا پنجھٺ لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جنھن ۾ ھڪ ڌر تي ٽي قتل، ٻي ڌر تي ھڪ قتل ثابت ٻڌائي ٻنھي ڌرين تي مجموعي نموني ٽي ڪروڙ سترنھن لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. سردار جي سامھون تـ انھن ان فيصلي کي مڃيو پر بعد ۾ ھڪ ڌر ان تان ڦري ويئي ۽ ائين معاملو ختم ٿيڻ بدران تھان وڌڻ جا امڪان پيدا ٿي پيا.
سنڌ ۾ عدالتي حڪم تحت اھڙن وڏيرڪن جرڳن تي پابندي لڳل آھي پر ھڪ اھڙو خطو جتي جھنگ جو اڻ لکيل قانون ھلندو ھجي اتي اعلى عدالتن جا فيصلا ڪير ٿو مڃي! جيڪو ڏاڍو، سو گابو آھي. اوھان جيڪڏھن صوبائي ۽ قومي اسمبليءَ جا ميمبر آھيو تـ اوھان ناظم جوکيو، نصراللھ گڏاڻي، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جھڙن انسانن کي قتل ڪرڻ يا ڪرائڻ جو حق رکو ٿا، اوھان جي اھڙي عمل تي ڀلي تـ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي پوي پر اوھان جو ڪو وار بـ ونگو ڪري ڪونـ سگھندو. سچ چيو ھو خليل جبران تـ قانون ڪوريئڙي جو ڄار آھي جنھن ۾ مڇر ۽ مکيون تـ ڦاسي سگھن ٿيون پر طاقتور ڍڳو پنھنجي سڱن سان ان ڄار کي تھس نھس ڪري ڇڏڻ جي صلاحيت رکندو آھي. انھن جرڳائي عدالتن ھڪ انمول انسان ھٿرادو ذھانت جھڙي جديد علمن جي ماھر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي سر جي خون بھا ھڪ ڪروڙ روپيا رکي قاتلن کي آجو ڪرائي ڏئي ڇڏيو ھو. ھاڻي ان ڳالھ تي افسوس ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو تـ اسان جي ادارن جي نظر نام نھاد سردارن، جرڳائي وڏيرن، حڪمران ڌر جي مافيائڻ تي بلڪل ناھي پوندي! اھي ڏينھن ڏٺي جو قانون، انصاف، عدالتي فيصلن تي کڙي رکي پنھنجي شاندار گاڏين تي وڏي مان شان سان گهمندا وتندا آھن. قانون، ٿاڻا، عدالتون بي پھچ ماڻھن لاءِ جڙيل آھي. مظلوم انسان جيڪي ذلالتن ڀريون زندگيون گذارين ٿا ۽ سمورا سرڪاري ادارا سندن بي چس زندگين ۾ وڌيڪ زھر ڀرڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا پيا ڪن ۽ کين وڌيڪ ذليل ۽ خوار ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاھي نـ پيا ڪن. ۽ مسڪين ماڻھن جي حالت ان فلمي ڪلام واري بيھندي آھي تـه، “ھم وفا ڪرڪي ڀي تنھا رھ گئي”. ڪجھ ڏينھن اڳ سوشل ميڊيا تي لڪل نموني وڏي اٽڪل سان ڀريل ھڪ وڊيو مون ڏٺي ھئي، جنھن ۾ غيبي ديري جو ڪو سردار ڪجھ غريب ھارين کي ڪچيون گاريون ڏيڻ سان گڏ اھو چئي رھيو ھو تـ اوھان جي زمين مون کي اوھان جي ڪنھن مائٽ وڪرو ڪئي آھي، ھاڻي اوھان نڪرو ھتان، وڃو وڃي جنھن کي وڻي ان کي دانھن ڏيو! زمين جو مالڪ غريب سندس سامھون برسات ۾ ڀڳل ڪڪڙ وانگر ليلائيندي چئي رھيو ھو تـ سائين منھنجي ڳالھ تـ ٻڌو پر سردار صاحب سندس ڪا ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نـ ھو. اھي جيڪي ناانصافي، ڏاڍ، جبر، ظلم، بيداد جا استعارا بڻيل آھن ۽ اسان جا ماڻھو انصاف لاءِ وري سندن درن تي ڌڪا کائڻ پيا وڃن. افسوس صد افسوس، ھي جيڪي جرڳائي سردار آھن، نام نھاد ڀوتار آھن اھي ان ڪري طاقتور آھن، ڇوتـه قانون حرڪت ۾ نـ ٿو اچي ۽ ججن پنھنجن اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون آھن ۽ اھي تڪڙي انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آھن. جڏھن بـ سستو ۽ تڪڙو انصاف عام ماڻھن کي ملڻ شروع ٿيندو اھي ڪاغذي شينھن ڪٿي ڏٺي ڪونـ لڀندا.
سنڌي سماج دنيا کان صديون پوئتي ڇو آھي؟ ان سوال جا ڪيئي جواب ٿي سگھن ٿا ھڪ جواب سنڌين جي صديون پراڻي مدي خارج سوچ پڻ آھي. سنڌي سماج غيرت ۽ بي غيرتيءَ، مڙس ماڻھپي ۽ ڀاڙيائپ جا جيڪي اصول جوڙي پنھنجي ڳلي ۾ طوق وانگر وجھي ڇڏيا آھن، اھي کين اڳتي وڌڻ جي اجازت ئي ڪونـ پيا ڏين. سنڌ اندر اڄ بـ لکين گهراڻا اھڙا آھن، جيڪي نياڻين کي پڙھائڻ بي غيرتي سمجھندا آھن، نياڻين کي آني بھاني قتل ڪرڻ واري ڏوھ تي غيرت جو نالو رکندا آھن. عام ماڻھن پاران پاڻ جھڙن غريب مٽن مائٽن تي ڪاوڙ صفا نڪ تي چڙھيل ھوندي آھي، اھي ننڍين ننڍين ڳالھين کي انا جو مسئلو بڻائي جھيڙا جھٽا ڪرڻ، قتل ڪرڻ واري مڪروھ عمل کي مڙس ماڻھپي سان سلھاڙيندا آھن. اھڙن قبيلن ۾ ڪجھ پڙھيل لکيل گهراڻا جيڪي امن پسند ھوندا آھن، جيڪي درگذر کان ڪم وٺندا آھن، وٽن معاف ڪرڻ واري عظيم طاقت ھوندي آھي اھي سندن نظرن ۾ ڀاڙيا ھوندا آھن. اھڙن “مڙس ماڻھن ۽ غيرت مندن” کي سندن گھرن ۾ گهڙي آيل غربت، بيمارين تي ڪڏھن بـ غيرت ناھي ايندي. اھڙين سوچن جي اثر ۾ اچي اسان جو عام ماڻھو ڪروڌ جي وڻ ويڙھيءِ ۾ جڪڙجي ويندو آھي ۽ انھن ڪارڻن ڪري اھي پاڻ ۽ سندن ايندڙ نسل صدين تائين بي معنى مسئلن ۾ اڙجي پوليس، ڪورٽ ڪچھرين ۽ سردارن، پوتارن، وڏيرن، مجيرين جي درن تي ڌڪا کائڻ تي مجبور ھوندا آھن. ان مامري ۾ سڀ کان ڏکوئيندڙ پاسو اھو آھي تـ اسان جو سماج اھڙي انڌ واري گھوڙي تان لھڻ لاءِ بنھ تيار ناھي. سوشل ميڊيا واري دؤر ۾ سڀ ڪجھ اسان سڀني جي اکين اڳيان پيو ٿئي، ٻيون قومون، گروھ، قبيلا، گھراڻا ترقيءَ وارن ڏاڪن تي تيزيءَ سان چڙھي رھيا آھن. انھن کي اکين سان ڏسندي بـ اسان جي اندر ۾ ڪا چڻنگ نـ ٿي دکي، اسان جي اکين ۾ جوت جو ڪو ڏيئو روشن نـ ٿو ٿئي، من ۾ آنڌ مانڌ جا طوفان نـ ٿا اٿن! منھنجي خيال ۾ اھو وڏي ۾ وڏو الميو آھي.
ھن قسم جي جرڳن ۾ ان ڳالھ جي ڳڻ ڳوت تـ ڪئي ويندي آھي تـ ڪھڙي ڌر ڪيترا ماڻھو قتل يا زخمي ٿيا پر ان ڳالھ جو مون ڪنھن بـ جرڳي ۾ ذڪر ناھي ٻڌو تـ آخر ڪار ان جھيڙي جي شروعات ڪھڙي ڌر ڪئي ھئي؟ شرارت ڪنھن جي ھئي؟ ڳوٺ جي ڪکاون گھرن کي پھرين چوچڙي ڪنھن لڳائي ھئي؟ ان جھيڙي جو مک ڪارڻ ڪھڙي ڌر يا ڪھڙو فرد ھو؟ منھنجي ناقص خيال مطابق تـ سڀ کان پھرين اھا ڳالھ طئي ٿيڻ گهرجي. جڏھن چٽو ۽ واضع ٿي وڃي تـ فلاڻو يا فلاڻي ڌر خوني تڪرار جي شروعات ڪرڻ وارن مان آھي تـ ان جھيڙي ۾ ٿيل سموري نقصان جو ذميوار ان/انھن کي قرار ڏيئي سموري ڏنڊ چٽي مٿن مڙھي وڃي. ان جي ابتڙ جرڳائي “جوڌا” بس اھا ڳالھ طئي ڪندا آھن تـ ڪھڙي ڌر جا ڪيترا انسان قتل ٿيا، خون بھا ھيتري آھي ۽ اھو ٻنھي ڌرين کي ادا ڪرڻو آھي، ھاڻي اٿو ڀاڪر پايو اوھان کير کنڊ آھيو. ان قسم جا فيصلا ڪنھن بـ نموني قانون، انصاف جي زمري ۾ آڻي نـ ٿا سگھجن. ڪيترن ڏھاڪن کان مان ان قسم جي فيصلن کي ڏسان ٿو ۽ اھو پڻ تـ ھيل تائين جھيڙيندڙ ڌريون کير کنڊ ٿي نـ سگھيا آھن. ان جو سبب اھوئي آھي تـ اھڙن جرڳن بعد قاتل پاءُ تيل جو مُڇن کي ھڻي وڏي طمطراق سان پيا گھمندا آھن، مخالف ڌر وارن تي ٽوڪون ڪندا آھن ۽ پنھنجو پاڻ کي وڏو مڙس ماڻھو ۽ اڳلي کي ڀاڙيو ثابت ڪرڻ واريون ڊاڙون محفلن ۾ پيا ھڻندا آھن. سندن اھڙي عمل تي ٻي ڌر وارن جي اندر جا ڦٽ اڊڙي پوندا آھن ۽ سندن اندر پانڌ ڪرڻ واري دکيل دونھي ڀڙڪو ڏيئي ڀنڀنٽ ٿي پوندي آھي ۽ ھڪ دفعو وري ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي وينديون آھن. ھنن قبائلي تڪرارن ۾ اڪثر اھڙن انسانن جو قتل ٿيندو آھي جن جو سڌو يا اڻ سڌو واسطو انھن جھيڙن جھٽن سان ھوندو ئي ناھي، انھن کي نشانو بس ان ڪري بڻايو ويندو آھي تـ سندن تعلق ھِن يا ھُن قبيلي سان ھوندو آھي. ٻنھي ڌرين جا قاتل، رھزن، خوني ان ڳالھ تي خوش ٿيندا آھن ۽ قتل ٿي ويلن جي تڏن تي وڃي مخالف ڌر تي الزم مڙھي اعلان ڪندا آھن تـ کين گھٻرائڻ نـ گهرجي ھو سندن پلاند ڪندا وغيرھ. مطلب تـ جيھڙيندڙ ڌرين جا ھيرو سماج دشمن، چور چڪار ۽ قاتل بڻجي اڀرندا آھن. انھن رھزنن کي سندن قبيلن جي سردارن جي پٺ ڀرائي پڻ مليل ھوندي آھي، سردار کين پنھنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندا آھن. چونڊن کٽڻ ۾ اھڙن رھزنن جون خذمتون حاصل ڪيون وينديون آھن يا مخالف سياسي ڌرين مٿان رعب تاب لاءِ انھن کي استعمال ڪيو ويندو آھي.مون کي ٻي تمام وڏي ڪاوڙ نام نھاد سول سوسائٽي. سياسي ڌرين تي ايندي آھي جيڪي قبائلي جھيڙن جھٽن جي خاتمي لاءِ مختلف ڌرين جي سردارن، ڀوتارن وٽ ميڙ منٿ قافلا کڻي ويندا آھن. کين ان ڳالھ جي خبر ناھي تـ اصل ۾ اھي سمورا جھيڙا جھٽا. /ڏسو صفحو 7 بقايا 01
تڪرار پيدا ئي انھن جا ڪيل آھن. بدبوءِ دار جاگيرداري سماج ھڪ اھڙو بيٺل تلاءَ آھي جنھن ۾ زھريلا جراثيم جنم وٺندا آھن، جيڪي پوري سماجي ڍانچي کي پيچيدا مرضن جي ور چاڙھي ڇڏيندا آھن. اوھان ٽولا ٺاھي، نياڻيون سياڻيون گڏ ڪري، پاڪ ڪتاب کڻي اھڙن ڪردارن جي درن تي وڃون ٿا، ان مان ڇا ٿو ثابت ٿئي؟ ان نموني اوھان ان قاتل، جاھل، خوني نظام جي پشت پناھي ڪرڻ جھڙو جرم پيا ڪريو ۽ پوري سماج کي پيغام پيا ڏيو تـ عدالتون، قانون، آئين ڪا حيثيت نـ ٿا رکن بس سردار، ڀوتار، پير ئي امن جي ضمانت آھن! ٿيڻ تـ اھو گهرجي تـ اسان جا سڄاڳ ماڻھو، قومپرست، ترقي پسند، جمھوريت دوست، عوام دوست سياسي پارٽيون ملڪي آئين ۽ قانون مطابق تڪڙي، سستي انصاف لاءِ جاکوڙ ڪن، جيتوڻيڪ ھن وقت پوليس سان گڏ عدالتي نظام سڪرات جھڙي صورتحال ۾ آھن پر آخري حل وري بـ اھو ئي آھي.