ڪاش اخباري ڪالم ۾ وڏي گنجائش ھجي ته مان اھڙين سمورين ڇسين ڳالھين تي مفصل نموني ڇنڊڇاڻ ڪري سگھان پر اھو ممڪن ناھي. ان ڪري اڄ مان رڳو ھڪ تمام گهڻو پکڙيل ھن خيال تي ٽيڪا ٽپڻيءَ جي جسارت ڪيان ٿو تـه؛ “ھي فاني دنيا آھي، نسورو ڪوڙ، اکين جو فريب آھي، فوتگي کان پوءِ جيڪا حقيقي ۽ بي انت زندگي آھي، اھا ئي اصلي دنيا آھي ان ڪري ھن فاني دنيا کي ايندڙ حقيقي دنيا تي قربان ڪرڻ گھرجي، جيترو ممڪن ٿي سگھي دنياوي لذتن، خواھشن، ارمانن، احساسن، خيالن کي ترڪ ڪرڻ گھرجي، پنھنجو نفس مارڻ کان سواءِ اللھ سائين جي خوشنودي حاصل ڪرڻ محال آھي وغيره وغيره”! اوھان ڪڏھن سوچيو آھي ته ان قسم جون ڳالھيون ڪير ڪندا آھن؟ سنڌ جي عظيم فڪري اڳواڻن جھڙوڪر لطيف، سچل، بيدل بيڪس، قلندر شھباز، صوفي شاھ عنايت شھيد جي درگاھن تي قبضو ڪري ويٺل نام نھاد صوفي، متولي ۽ نام نھاد عالم! اھي جيڪي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون پکيڙيندا آھن، اھي ھن دنيا جي سمورين آسائشن جو ڀرپور فائدو حاصل ڪندا رھندا آھن، محلاتن ۾ رھندا آھن، چار چار شاديون ڪندا آھن، دنيا جي مھانگين لگزري گاڏين ۾ گھمندا آھن، پوري دنيا جا سير سپاٽا ڪندا آھن، سندن ھڪ ويلي جي کاڌي پيتي جو خرچ عام ماڻھوءِ جي پوري مھيني جي بجيٽ کان وڌيڪ ھوندو آھي، وٽن ڌڻ نوڪرن چاڪرن يا رضاڪاراڻا خدمت ڪندڙن جا موجود ھوندا آھن، اھي ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھن ڪندا، اک جي ھڪ اشاري سان ھر شئي کين پيش ڪئي ويندي آھي. ھنن جي بود باش ڪنھن مغل بادشاھ کان ڪنھن به صورت ۾ گهٽ ناھي ھوندي. اھي اسان جھڙن غريب ۽ مسڪين ماڻھن کي سيکارين ٿا ته دنياوي آسائشن کي وساري ايندڙ دنيا ۾ ملندڙ سھولتن تي سوچيون! ۽ اھي انھن ماڻھن کي سادگي، صبر، رضا تي راضي رھڻ جو درس ڏيندا آھن، جن جي زندگي اڳ ئي ڏُکن، دردن، ذلتن ڀريل ھوندي آھي. مولانا طارق جميل، مولانا ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ، مولانا فضل الرحمان، شاھ عنايت شھيد جو متولي ستاري صاحب جن کي مثال جي طور تي کڻون ٿا. ھن معاملي ۾ ملان، مولوي ۽ نقلي صوفي سڀ ھڪ آھن.
ھِيءَ دنيا، جنھن جي وسيلن تي سمورن انسانن جو ھڪ جيترو حق آھي. ھر انسان جيڪو پيدا ٿئي ٿو، کيس کاڌي پيتي، رھائش، تعليم، صحت، روزگار جھڙيون بنيادي دنياوي سھولتون ملڻ گھرجن. سماجن جي جوڙجڪ ڪا الھامي ناھي، ھي طبقاتي فرق، وسيلن جي ورڇ وارا معاملا انسانن پاران ڪيل آھن. ھڪ نام نھاد علامه آھي، جيڪو ان طبقاتي اڻ برابري کي ھٿن جي چيچن جي ننڍ وڏائي بيان ڪري صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اھو اڻ سڌيءَ طرح انھن ظالم قوتن جو ساٿاري آھي، جن پوري سماجي وسيلن تي ناجائز قبضو ڪري رکيو آھي. تاريخ شاھد آھي ته ظالم بادشاھن، حڪمرانن جي ڪيل قھري ڪاررواين تي ھر وقت جي نام نھاد فقھي عالمن پردو پئي رکيو آھي، پري وڃڻ جي ضرورت ناھي، پاڪستان جي ڊڪٽيٽرن ضياءَ الحق، مشرف يا ايوب خان جڏھن حڪمران ھئا ته ساڻن ڪنھن ڪنھن تعاون ڪيو ھو، انھن جا ساٿاري ڪير رھيا آھن؟ آمريڪا جي ڊالرن تي نام نھاد جھاد نالي فساد ڪنھن پکيڙيو ھو؟ ملڪ جي تعليمي ادارن اندر ظلم، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ جو ماحول ڪنھن پيدا ڪيو ھو؟ ظالم حاڪمن کي ظل الاھي ٻڌائي سندن سڀني ظالماڻي ڪارواين جي حمايت ڪير ڪندا رھيا آھن؟
پنھنجي سماج اندر ڪيترين ئي ڇسين سطحي ڳالھين کي پٿر تي ليڪ سمجھيو ويندو آھي. جڏھن ڪو اعتراض واريندو آھي ته اھڙن جي نيتن تي شڪ ڪيو ويندو آھي، کين دين دشمنن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي ۽ پنھنجي ڳالھ کي وزن ڏيارڻ لاءِ بنا دير ڪنھن نام نھاد عالم جي تقرير کي حوالي طور پيش ڪيو ويندو آھي. ھونئن به پاڪستاني سماج اندر ٻارڙن کي شڪ ڪرڻ، اعتراض وارڻ، پنھنجي ذھن کي استعمال ڪرڻ جھڙن اعلى انساني گڻن کي گناھ جي زمري ڳڻائي کين انھن کان پاسيرو رھڻ جي تعليم ڏني ويندي آھي. ھتي سطحي، فروعي، فرقي واريت تي ٻڌل، مذھبي منافرت پکيڙيندڙ، ڳالھين کي پکيڙڻ لاءِ ڪيئي ذريعا آھن. ھڪ اھم ذريعو پرائمريءَ کان يونيورسٽي سطح تائين جوڙيل نصاب آھي، جنھن ۾ ڪجھ مضمون ھر شعبي ۽ سطح وارن شاگردن لاءِ لازمي آھن. ريڊيو، ٽي وي، انٽرنيٽ، مسجد جو لائوڊ اسپيڪر، لکن جي تعداد ۾ لکيل مفصل ڪتاب، تاويلون، تفسيرون ان کان الڳ آھن. لکين جاھل روزانو در در تي وڃي ٺڪ ٺڪ ڪري انھن ڇسين ڳالھين کي پکيڙڻ جو ڪم تواتر سان سرانجام پيا ڏين. سڀ جو سڀ ظاھري ڏيک ويک کي مذھب پيا ٻڌائين. روزن، نمازن، عبادتن تي سندن سڄو زور ھوندو آھي، ڏاڙھي جي سائيز، سٿڻ جا پائنچا، وضو ڪرڻ جو درست طريقو، ويھي پاڻي پيئڻ جا فائدا، جنت، حورون، غلمان، شرابن طھورا سندن فڪرن ۽ ذڪرن تي حاوي ھوندا آھن. ڪردار جي بلندگي، انساني ھمدردي، بي غرض مدد، انساني احساسن جو ادراڪ، ھڪ ٻئي جي خيالن، سوچن، نظرين، عقيدن جو احترام جھڙا اعلى انساني گڻ ۽ قدر انھن “نيڪو ڪارن” جي گفتار مان ڪڏھن ڀلجي به ناھن نڪرندا. سنڌ سميت پوري پاڪستان اندر جيڪي مدرسا آھن، انھن ۾ جيڪا تعليم ڏني ويندي آھي، اتي سوچ سمجھ وڌائڻ، پرک ڪرڻ، شڪ ڪرڻ، شين جي گھرائي تائين وڃي جاچ جوچ ڪرڻ بدران رٽي بازيءَ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويندو آھي. اھا رٽي بازي بلڪل اھڙي ھوندي آھي، جيئن اوھان پنھنجي گھر ۾ ڪو طوطو پاليو ۽ ان کي ڪي لفظ سيکاريو ۽ پوءِ اھو طوطو بنا ڪنھن سوچ سمجھ، موقعي مهل جي پيو اھي لفظ ورجائيندو. مدرسن ۾ خطابين کي اھو سيکاريو ويندو آھي ته کين جيڪي ڪجھ پڙھايو پيو وڃي، اھي ڳالھيون ڀٿر تي ليڪ آھن، انھن دائرن کان ٻاھر نڪري سوچڻ گناھ عظيم آھي. خطابين لاءِ لازمي آھي ته سيکاريل ڳالھين کي برزبان ياد ڪري ڇڏين، ۽ انھن تي ڪنھن به قسم جي غور ويچار ڪرڻ، اختلاف رکڻ، اعتراض ڪرڻ کان پاسو ڪن. جيڪڏھن ڪو ائين ڪندو ته اھو ڪفر جي زمري ۾ اچي ويندو. مون کي تمام گهڻي ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ھن ڳالھ تي آھي ته اھو رويو ھاڻي رڳو مدرسن تائين محدود ناھي رھيو پر اھا وبا اسان جي يونيورسٽي توڙي ڪاليج سطح جي پروفيسرن، پنھنجو پاڻ کي اسڪالر سمجھندڙن ۾ پڻ پکڙبي پئي وڃي. مون کي ذاتي طرح سان تجربا آھن ته ڪيترا مولوي آھن، جيڪي نيچرل توڙي سوشل سائنس جي مختلف مضمونن ۾ ماسٽرس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪيل آھن پر انھن ۾، ۽ ڪنھن ٽئين درجي واري حيثيت رکندڙ مدرسي ۾ پڙھيل خطابين جي سوچن ۽ روين وچ ۾ فرق ڪرڻ مشڪل آھي. ھاڻي ته پنھنجو پاڻ کي کاٻي ڌر سان واڳيل دوست پڻ انھن راھن تي نڪري پيا آھن!
مان لطيف، سچل جي فڪر جو پوئلڳ آھيان ۽ جيئن مرشد لطيف چئي ويا آھن تـه؛ “روزو ۽ نماز ھِي پڻ چڱو ڪم، پر سو ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسجي پرين کي”. مان ان “فھم” کي ئي حقي عبادت جو درجو ڏيندو آھيان. لطيف سائين وڌيڪ اھو پڻ فرمايو آھي ته، “کٽين جي ھارائين ھنڌ تنھنجو ھيءَ…” ھنڌ تنھنجو ھيءَ مطلب ھي زندگي جيڪا گذاريون پيا. اھڙن خيالن جي اثر ۾ رھندي. مان مٿي بيان ڪيل عالمن جي ان خيال سان اتفاق نه ڪندس ته “ھي ڪوڙي يا نقلي دنيا آھي” منھنجي ناقص سوچ مطابق پنھنجي ھي دنيا پڻ حقيقي دنيا آھي. ھڪ اھڙي دنيا، جنھن کي پاڻ پنھنجي ڇھن ئي حسن سان محسوس ڪري سگھون ٿا، نه رڳو انسان پر سمورا ساھوارا ان ۾ ساھ کڻن ٿا، اسرن ٿا، نسل پيدا ڪن ٿا ۽ پنھنجو جوڻ مٽائي ڪنھن ٻئي صورت ۾ ھليا وڃن ٿا. ھي ڌرتي، ھي ھوا، ھي سمنڊ آسمان تي ٽمڪندڙ چنڊ ۽ تارا، اڀ ۾ جرڪندڙ سج، جبل، نديون، آبشار، برساتون، ھوائون، سرديون، گرميون، گل ٻوٽا، وڻ ٽڻ، جيت جڻيا سڀ اصلي ۽ حقيقي وجود رکندڙ آھن. ھي دنيا جنھن ۾ پاڻ رھون ٿا، جنھن ۾ پيار ڪريون ٿا، مٽن مائٽن، يارن دوستن، پيارن سان ملي فرحت محسوس ڪريون ٿا. ھڪ اھڙي دنيا، جنھن ۾ ڏک سھون ٿا، سک ماڻيون ٿا، ڌڪ لڳڻ تي تڪليف محسوس ڪيون ٿا. ھاڻي ان دنيا کي رڳو خيال سمجھڻ، فاني سمجھڻ، نقلي سمجھندڙن جي ذھني صلاحيت تي مون کي شڪ ٿئي ٿو. ھي ھڪ تمام گهڻو خطرناڪ خيال آھي. ھن دنيا کي ڇڏي ايندڙ دنيا جي لذتن جي تمام گهڻي اپٽار ڪرڻ ڪري پنھنجي معاشري ۾ خودڪش بمبار پيدا ٿين ٿا، جيڪي ستر حورن کي ماڻڻ جي خواھش ۾ ھزارين جيئرن انسانن جي زندگين کي ختم ڪرڻ ۾ دير ناھن ڪندا. ان قسم جا خيال پکيڙندڙ ڪي ڀورڙيا ناھن اھو سندن ڪروڙن جو ڪاروبار آھي. جيترا وڌيڪ ماڻھو اھڙن ھوائي خيالن سان متفق ٿيندا اوترو سندن عزت ۽ توقير ھڪ طرف ٿيندي ته ان سان گڏ مٿن پئسن جي برسات ٿيندي رھندي. ماڻھو اھڙن خيالن جي اثر ۾ رھندي پنھنجو الھو تلھو انھن تي قربان ڪندي ويرم ئي ناھن ڪندا. اڳوڻي پير سائين پاڳاري کان ڪنھن سوال ڪيو ھو ته سائين ڏيو خبر ھي پيري مريدي ڪڏھن ختم ٿيندي؟ پير سائين پاڳاري بنا ڪنھن دير جي وراڻيو ھو ته، “جيستائين جھالت رھندي پيري مريدي ھلندي رھندي”. سو جيستائين شعور بخشيندڙ سائنسي علم سماج ۾ نه پکڙبو، ان قسم جا جاھلانا خيال گردش ڪندا رھندا ۽ چالاڪ، عيار ماڻھو ان جو فائدو حاصل ڪندا رھندا.