پنجاھي سالن جي عمر کان پوءِ انساني جسم مان چستي ھوريان ھوريان گهٽندي رھندي آھي پر زماني ۾ ڪيل ڪم ڪار، تجربن، چڱاين، ڌوڪن ۽ فريبن ، ترقي ۽ تنزلي، ڏکن ۽ سکن مان ھو گهڻو ڪجھ سکي چڪو ھوندو آھي ۽ حيرت انگيز طور ماڻھوءَ جي دماغي صحت ۾ خوشنما واڌ ويجھ ٿيندي رھندي آھي. اھا عمر ھوندي آھي جڏھن ليکڪن جي لکڻين ۾ نکار ايندو آھي، چترڪارن جي برش مان رنگ ڦوهاري جيان وھڻ لڳندا آھن، راڳين جي سرن ۾ دل کي ڇھندڙ آلاپ اڀرڻ لڳندا آھن. گهڻو تڻو اھو سچ آھي پر دنيا اندر مون جھڙا بـ ڪي آھن، جن جي جسماني توڙي دماغي صحت ٻئي ڀُتي ڀتر وانگر ڀرندا رھندا آھن. ھاڻي مان اوھان کي ھروڀرو پنھنجو دکڙو سڻائي ھمدردي وٺڻ جو بلڪل خواھان ناھيان، بس ھڪ سنئين سڌي حقيقت بيان ڪئي اٿم. مون جن سان حياتيءَ جا ڪيترا سال گڏ گذاريا ھئا انھن مان ڪيترن محبوب دوستن جا نالا ياد ناھن رھيا، مھانڊا وسري ويا آھن، ڪيترن کي سڃاڻڻ مون لاءِ مسئلو آھي! ڪو زمانو ھو تـ مرشد لطيف جو ڳچ جيترو رسالو ياد ھوندو ھو، سياسي، ادبي، علمي ۽ اڪيڊمڪ پروگرامن ۾ لطيف سائينءَ جا بيت ياد ٻڌائي داد حاصل ڪندو ھوس. شيخ اياز جا ڊگها نظم، استاد بخاريءَ جا قطعا ۽ غزل پڻ ھروقت زبان تي ھوندا ھئا پر ھاڻي تـ ايڪڙ ٻيڪڙ شعر ياد آھن، ھاڻي يارن دوستن جي محفلن ۾ شعرن ٻڌائڻ بدران مفھوم بيان ڪري جان آجي ڪندو آھيان. پنھنجن لکڻين ۾ شعر گوگل، ڪتابن، ھٿرادو ذھانت، فيس بوڪ تان تصديق ڪري پوءِ رکندو آھيان. ڪو وقت ھو تـ منھنجي قلم توڙي ليپ ٽاپ جي ڪي بورڊ مان لفظ، جملا، مضمون واھڙ وانگر وھي نڪرندا ھئا، ۽ ھاڻي رڳو ٻن صفحن جو ڪالم تحرير ڪرڻ لاءِ پھرين اولاد کي جنم ڏيندڙ ناريءَ جھڙو درد محسوس ٿيندو آھي. اھو ڀلا ائين ڇو آھي؟ منھنجي خيال ۾ ھر انسان جي جيئن شڪل آڱوٺي جا نشان ۽ سوچڻ سمجھڻ جون صلاحيتون منفرد ۽ مختلف آھن تيئن ھر انسان جي جسماني ۽ ذھني واڌ ويجھ وارا مرحلا پڻ مختلف آھن. جيڪي جسماني ڪم ڪار وڌيڪ ڪندا آھن انھن جو جسم وٽر سٽر، مضبوط ٿي پوندو آھي، جيڪي انسان ذھني صلاحيتن کي وڌيڪ استعمال ڪندا آھن سندن ذھانت جا انيڪ دروازا کلندا رھندا آھن ۽ جيڪي انسان جسماني توڙي ذھني پورھئي کان آجا رھندا آھن، اھي مون وانگر ٻنھي مدن ۾ وقت کان اڳ پوڙھا ۽ لاچار ٿي پوندا آھن. اھو سچ آھي تـ پورھيو ماڻھوءَ کي جانور مان سماجي جانور جو رتبو ڏئي ٿو. اسان جي مائٽن ۾ ھڪ سئو سالن جي عمر کي پھتل ڏاڏو شاھنواز ڪٽوھر ھو، جيڪو ان عمر ۾ لوھارڪو ڪم ڪندو ھو، باھ جي ڌنوڻيءَ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي ڏاٽا، ڪھاڙا، ڪھاڙيون، گھوٻا، ڪوڏاريون، واھولا، رنبيون، رندا، چاقو ٺاھيندو رھندو ھو. ھو ھڪ بھترين سگھڙ پڻ ھو ۽ ساڳي عمر ۾ سندس يادگيري ڪمال جي ھئي، ھو تـ راتين جون راتيون شعر، بيت، ڏور ٻڌائڻ جي صلاحيت رکندو ھو.
اسان جي مائٽن جي ڏور ۾ سئو سالن جي عمر کي پھتل ھڪ ٻيو انمول انسان چاچو شاھ بيگ عرف ڀورل ڪٽوھر پڻ ھو، جيڪو پنھنجي حياتيءَ جي آخري ايامن تائين سائيڪل تي سوار تي سوين ميلن جون مسافريون بنا ڪنھن ٿڪاوٽ جي ڪري سگھندو ھو. سندس مون ھڪ ولاگ جوڙيو ھو جنھن ۾ ٻڌايو ھئائين تـ عمري تي وڃڻ ڪري اتي ھو سائيڪل جي سواري ڪري نـ سگهيو ھو، ان ڪري موٽندي کيس گھمڻ ڦرڻ ۽ ھلڻ چلڻ ۾ تڪليف ٿيندي ھئي ۽ ڳوٺ پھچڻ بعد جيئن ئي ھن سائيڪل جي پيڊل تي پير رکيو ھو تـ وري نوبنو ٿي ويو ھو. جسماني پورھيو ماڻھوءَ کي جوان رکڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندو آھي.
گھڻو تڻو پاڻ سنڌ وارا ڪڙمت، مزدوري، مال چارڻ، لوھارڪو، ڊکاڻڪو، مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ، مٽيءَ جا ٿانوءَ جوڙڻ، سرن جا بٺا، درزڪا، حجامڪا دڪان ھلائيندڙ يا اھڙي قسم جا ٻيا ڪم ڪار ڪندڙ رھيا آھيون. ڪوري، موچي، مھاڻو، بوذدار، ڊکڻ، لوھار، ڪنڀار، مڱڻھار، منگي، رنگريز ۽ ٻيون کوڙ ذاتيون انھن پورھين سان واڳڻ ڪري پيون آھن. اھي ڳالھيون پنھنجي جاءِ تي اتساھيندڙ آھن، جسماني پورھيو ڪري پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻارن ٻچن لاءِ حق حلال جي روزي روٽيءَ جو بندوبست ڪرڻ وارو عمل ساراھڻ جوڳو آھي.
جسماني پورھئو پنھنجي جاءِ تي پر ان جي ڀيٽ ۾ ذھني پورھيو ڪندڙ انسان ھر معاملي ۾ اڳتي رھيا آھن. ھر دؤر ۾ ھن دنيا تي حڪمراني ذھني صلاحيتن جي واڌاري وارا انسان ڪندا رھيا آھن. ھي جيڪي ايجادون آھن، گهڻو تڻو ذھني پورھئي جي مرھون منت رھيون آھن. ذھني صلاحتين جي آڌار تي گورن پوري دنيا تي حڪمرانيءَ جا مزا ماڻيا آھن. پنھنجي وقت جي جديد ھٿيارن، عيار سوچن سان انھن لکين انسانن کي غلام بڻائي انھن کان جسماني پورھيو ڪرائي اھي پنھنجا خزانا ڀريندا رھيا آھن. زمان بدليا غلاميءَ مان جاگيرداري ۽ جاگيرداريءَ مان سرمائيداريءَ جنم ورتو، دنيا اندر ٽيڪنيڪل ترقي ٿي، پيداوار ۾ ڪيئي سئو ڀيرا واڌارو ٿيو ۽ اھو سلسلو اڄ سوڌو جاري ۽ ساري آھي. ھن وقت دنيا جا امير ترين ملڪ آمريڪا، روس، چين، اسرائيل ان ڪري آھن ڇوتـ وٽن علم آھي. اھو علم اڻ ٿڪ ذھني پورھئي جو نتيجو آھي. انھن الھامي قوت يا قوتن تي آسرو رکڻ بنا پنھنجو پاڻ تي ڀاڙي پنھنجي نسلن جي ذھني صلاحيتن کي جلا بخشي اھا حيثيت حاصل ڪئي آھي. علم جنھن جي آڌار تي اھي ھرروز حيرت انگيز ڪانـ ڪا نئين ايجاد پيا ڪن. چنڊ تي پھچڻ وارو قصو تـ لڳ ڀڳ صدي پراڻو ٿي چڪو آھي، اھي نظام شمسيءَ ۾ وڌيڪ کوجنائون پيا ڪن. ايلن مسڪ ھٿرادو سيارن جي ھڪ پوري فوج تيار ڪري آسمان ۾ اماڻي ڇڏي آھي، سندس ٽيسيلا ڪار بنا ڪنھن ڊرائيور جي مسافرن کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پئي پھچائي، چين وارا پنھنجو ھٿرادو سج پيا جوڙين، سمنڊ انھن لاءِ ھاڻي اونھا نـ ئي ڳجها رھيا آھن. سندن نظرون دنيا جي شھرن تـ ڇڏيو پر برن پٽن، صحرائن ۾ ڪِوِل جي چرپر تي بـ آھي. فلسطينين جي ڌرتي غزا جي پٽيءَ جي پندرھن مھينن تائين جيڪا قيامت خيز جنگ برپا رھي ان ۾ پاڻ سڀني ڏٺو تـ اھا جنگ ٽيڪنالاجي جي جنگ ھئي. پيجر، واڪي ٽاڪي ڦاٽي رھيا ھئا جن جي ڪري سوين انسان اجل جو شڪار ٿي رھيا ھئا. مارڻ وارا انھن ڪوھين ڏور ويٺا ھئا. اسرائيل ايران اندر ڪاروايون ڪري ايران جي صدر، حماس جي سربراھ ۽ لبنان اندر حزب اللھ جي اڳواڻ کي شھيد ڪري ڇڏيو. انھن غزا پٽيءَ اندر جڙيل سمورن پلازائن، اسڪولن، مسجدن، اسپتالن کي تھس نھس ڪري ڇڏيو. باقي جيڪي مسلمان ملڪ ھئا، اھي پنھنجي ڪنن کي بچائڻ جي چڪرن ۾ رھيا، ميار لاھڻ خاطر سندن عمل اپيلن، دعائن، پٽن پاراتن کان اڳتي نـ وڌيو ھو، ڇوتـ کين خبر ھئي تـ وٽن اھڙو علم، صلاحيت نـ ئي وسيلا آھن جيڪي آمريڪا جھڙي اجگر ۽ سندس اکين جي ٺار اسرائيل سان منھن مقابل ٿي سگھن.
منھنجي ھن پٽاڙ جو بس ھڪ ئي مقصد آھي تـ جيڪڏھن سنڌ کي بچائڻو آھي، سنڌين کي ترقي جي راھن تي اڳتي وٺي وڃڻو آھي تـ رواجي پورھين، رواجي علمن مان جان آجي ڪري پنھنجي نسلن کي جديد ذھني صلاحيتن کي جلا بخشيندڙ علمن طرف وٺي وڃڻو آھي. ھن دؤر جون جنگيون نراليون آھن، اھي لٺ باٺي، لوڙھ، ڪھاڙي سان وڙھي کٽي ڪونـ سگھبيون. ھي دؤر ھٿرادو ڏاھپ وارو دؤر آھي، اسپيس ٽيڪنالاجي وارو دؤر آھي، آسمانن تي ڏاڪڻ رکي انھن تي چڙھڻ جو دؤر آھي. مون کي خبر ناھي تـ اھو عمل انھن اسڪولن ۾ ڪيئن ڏئي سگھبو جتي ڍور ڍنگر ٻڌل آھن، جن ۾ بُھ ڀريل آھي، جتي رات جو موالي نشو واپرائڻ ايندا آھن، جتي سارنگ شر جھڙا استاد آھن پر ھڪ ڳالھ لکي ڇڏيو، جيڪڏھن اسان ھي موقعو وڃائي ڇڏيو تـ جيئن صدين کان ڌارين جا ڌڪ کائيندا پيا اڄون، مستقبل ۾ پڻ ساڳي ڪار رھندي. بس منھنجي ياداشت ۾ اھي چار ڳالھيون اڃان سلامت ھيون، جيڪي مون اوھان سان ان ڪري ونڊي ڇڏيون تـ متان سڀاڻي مان انھن ڳالھين ڪرڻ جي قابل بـ نـ رھان.