ڇوليون …. اُٿي رائو ريل، ويٺلن تان واري وري

0
42
ڇوليون .... اُٿي رائو ريل، ويٺلن تان واري وري

 سفر ڪندي سِکڻ، پرکڻ ۽ مشاهدي ڪرڻ جا کوڙ سارا موقعا ملندا آهن. سفر ڪندي مختلف خيالن، سوچن، ٻولين ۽ تجربن وارا ماڻهو ملي ئي ويندا آهن ۽ حالي احوالي ٿيندي کانئن کوڙ ساريون نيون ڳالهيون سِکي سگھجڻ جا امڪان هوندا آهن. اهي جيڪي وڏا سياستدان آهن، واپاري آهن، انٽرنيشنل ۽ نيشنل ڪمپنين جا ڪارندا آهن، اهي سدائين چُرپر ۾ رهندا آهن، پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاءِ دُنيا جي هڪ ڪُنڊَ کان ٻي ڪُنڊَ تائين سندن سفر سدا جاري ۽ ساري رهندو آهي، ان ڪري سندن مشاهدو تمام تيز هوندو آهي، اهي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسندي ئي سمجھي ويندا آهن ته اهو ڪهڙي قسم جو انسان آهي، انهن کي ڌوڪو ڏيڻ يا کين ڪنهن به ڪم ۾ چت ڪرڻ جهڙوڪر ناممڪن هوندو آهي. اهي خوبيون هو سفر ڪندي، سفر دؤران پيش ايندڙ انيڪ واقعن جو مان سبق پرائيندي، جاگرافيائي ماحول جو مشاهدو ڪندي ۽ مختلف خيالن، سوچن، عادتن، هنرن جي مالڪ انسانن سان ملي ڪري حاصل ڪندا آهن.  مون ڏٺو آهي ته هر سفر ۾ ڪونه ڪو ڪم وارو ماڻهو ملي ئي ويندو آهي.بيشڪ تحرڪ ئي زندگي آهي، تحرڪ سان ئي تبديلي ايندي آهي، بيٺل پاڻي ڌپ ڪري ويندو آهي ۽ ان ۾ ڪيئي زهريلا جراثيم پيدا ٿي پوندا آهن، ويٺلن تي واري وري ويندي آهي، منزل اهي ماڻيندا آهن، جيڪي رَندن تي روئندا آهن يا پنهونءَ جي پچار ۾ جھر جھنگ، جبل، لڪَ سَر ڪندا آهن ۽ وڻجارا بڻجي سمونڊ سوجھيندا آهن، ان ڪري اسان مان هر ڪنهن کي سفر جو ڪوبه موقعو ضايع نه ڪرڻ گُھرجي. منهنجو شمار ڪو اهڙن ماڻهن ۾ به ناهي، جيڪي تواتر سان سفر  ڪندا آهن، پر منهنجي ڪوشش بهرحال اها ئي رهندي آهي ته ڪنهن نئين جهان کي پسڻ پرکڻ جو موقعو ڪڏهن به نه وڃايان، ان سلسلي ۾ ڦڪڙ هوندي به ڪنهن نه ڪنهن نموني سونهاري سنڌ سان گڏ پياري پاڪستان جي چڱن خاصن علائقن جي ڌوڙ لتاڙي چڪو آهيان. هونئن هر ماڻهونءَ وانگر هوائي سفر ڪرڻ جو خواهشمند ته هئس پر پوري حياتيءَ ۾ اهڙو اتفاق جُڙي نه سگھيو هو، اجھو گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ ان سفر ڪرڻ جا ڪجھ موقعا ملي سگھيا آهن ۽ مون به انهن مان خُوب مزو ماڻيو آهي. سو منهنجي ايڏي وڏي تمهيد جو مقصد هيءَ آهي ته دنيا لاءِ جيڪا تمام گھڻي قيمتي شيءِ آهي جنهن کي بچائڻ لاءِ  اھي هوائي جهاز جي ڀاڙي کي به سستو سمجھندا آهن، پاڻ وٽ جهڙوڪر اهو بيڪار وکر آهي!

منهنجو مشاهدو آهي ته اهي ماڻهو، ٻار يا عورتون جيڪي گھڻو سفر ڪيل هوندا آهن يا ڪندا رهندا آهن ته منجھن بلا جي خوداعتمادي اچي ويندي آهي، مختلف ماڻهن، ماڳن مڪانن کي اکين سان ڏسڻ ۽ پرکڻ ڪري اهي  تمام گھڻي ڄاڻ به حاصل ڪري وٺندا آهن. هي پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ پنجابي يا پٺاڻ ڀائر سڄو ڏينهن ملڪ جي هڪ حصي کان ٻئي طرف ۽ اتان کان وري ٽئين طرف پيا اچن وڃن ته ڇا وٽن پئسو ۽ وقت آهي جو پيا زيان ڪن، نه هرگز نه، ٻين ڳالهين سان گڏ سندن ان تحرڪ به کين اڳتي آندو آهي. هينئر مس مس سنڌين دنيا گھمڻ، ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ يا اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گھر جي چانئٺ ڇڏي پرڏيهه وڃڻ جي جرئت ڪرڻ سکيو آهي. منهنجي خواهش آهي ته اسان جي سنڌين کي ملڪ ۽ پوري دنيا جي چپي چپي ۾ گھمڻ ڦرڻ سان گڏ ڌنڌي ڌاڙيءَ لاءِ يا نوڪرين جي سلسلي ۾ پکڙجي وڃڻ گھرجي. شل ڪو ڏينهن اهڙو اچي ته لاهور، پنڊي، اسلام آباد. پشاور، ڪوئيٽا ۾ به اسان سنڌي ماڻهن جا علائقا هجن، لنڊن، نيويارڪ، پئرس، ٽوڪيو، سئزرلينڊ، تائين اسان پکڙيل هجون، جيئن ڪراچيءَ ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جا اسڪول آهن ڪڏهن ڪو سڀاڳو ڏهاڙو اهڙو اچي ته پشاور، پنڊي، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد ۽ ملتان ۾ پڻ سنڌي ميڊيم اسڪول قائم ٿين ۽ اسان جا ٻارڙا پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ جٿ ڪٿ تعليم حاصل ڪن، اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان وقت جي اهميت ۽ افاديت کي سمجھي ان کي جائز نموني استعمال ڪرڻ سکنداسين ۽ ان سکيا جو پهريون ڪم آهي سفر، لطيف سرڪار پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙن امر انسانن جي وڏي تعريف ڪئي آهي، جيڪي جبل، جھنگ، لڪ، ڀٽون لتاڙي، سمونڊ جي ويرين سان وڙهي ڪمائي ڪري ايندا آهن. مثال طور  هيٺ ٻه شعر سر سريراڳ مان پيش ڪيان ٿو؛

سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،

آندائون عميق مان، لالون مان لهرن،

ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.“

يا وري سندس هي خيال به ڪهڙو نه ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي؛

اِي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجھيائون،

پيهي منجھ  پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي  ڏنائون، هيرا لعل هٿن ۾.

ان کان سواءِ سر کاهوڙي ته آهي ئي جُنگ جوانن جي ذڪر فڪر سان ڀريل جيڪي ٻاروهي سفر ۾ هوندا آهن،

”سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کيتڙا،

سا جوءِ ڏوري آيا سونهان جت منجھن،

ڳجھا ڳجھيون ڪن تهان پراهين پنڌ جون.“

يا وري هي خيال به ڪيڏي نه معنى ٿو رکي؛

جت نه پکيءَ پير تت ٽمڪي باهڙي،

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري.

مان مڃان ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن اهي سفر انگريزيءَ وارا suffer  به بنجي پوندا آهن، پر ان کان گھٻرائڻ جي بدران ان کي هڪ قسم جي للڪار سمجهي منهن مقابل ٿجي. اُڃ، بُک، ٿڪاوٽ، بيزاري، گھر ڀاتين جي سڪ، سوڙهه سنگھيڙ، گھٽ آرام ۽ بيماريون به سفر جي ساٿ ۾ سلهاڙيل رهنديون آهن پر منزل ماڻڻ کان پوءِ جيڪو مزو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ اهي ننڍڙيون شيون آهن. منزل کي اهي ئي ماڻيندا آهن، جيڪي مقدر جا سڪندر هوندا آهن.

سنڌين ۾ مولى پاڪ تمام گھڻيون خوبيون رکيون آهن، بس محض گھر جي چُلهه ڇڏڻ جي دير آهي ۽ هاڻي برف پگھرڻ شروع ٿي چڪي آهي. منھنجو فوجي ڀاڻيجو وليداد خان فوجي نوڪري ۾ لڳ ڀڳ سال تائين سياچن گليشير جي برفاني وادين ۾ گذاري آيو ھو. ڪٿي خيرپور ميرس جي ساڙيندڙ گرمي ۽ ڪٿي ٺنڍا ٺار اهي علائقا، پر اسان جي نوجوانن کي هر قسم جي حالتن سان منهن ڏيڻ ايندو آهي. مون کي ھڪ دفعي ڪوھ مري جي علائقي ڀورڀن ۾ قائم فائيو اسٽار ھوٽل پرل ڪانٽنينٽل ۾ آئيس ڪريم هلائيندڙ چانڊيو به مليو ھو، جنهن ٻڌايو ته هو هتي ٽريننگ تي آيل آهي. کيس هوٽل ۾ رهائش جي سهولت مليل آھي نه ئي هوٽل وارا کيس ماني ٽڪي کائڻ جي سھولت ڏيندا آھن ھو اھا سکيا بنا ڪنھن معاوضي جي حاصل ڪري رھيو آھي. سندس چوڻ هو ته ٽن مهينن جي ان سکيا بعد کيس ڪنهن به فائيو اسٽار هوٽل ۾ نوڪري ملي ويندي. ان سلسلي ۾ سندس عزم هو ته ڀلي کيس معاوضو يا ٻيون سهولتون نه ملن پر هو پنهنجي سکيا کي ڪڏهن به اڌ ۾ نه ڇڏيندو. اسان سنڌين کي گھر گھاٽ کي نه ڇڏڻ جا جيڪي طعنا ملندا آهن ته انهن جو جواب اهڙا جنگ جوان آهن. اهي اهڙا ڪردار آهن جيڪي قومن جا سفير هوندا آهن ۽ جڏهن به دشمن يا ساڙ سڙيل قوم جي ڪنهن اوڻائيءَ تي چٿر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اهي جيئرا جاڳندا مثال ٿي سندن سامهون بيهي سندن بولتي بند ڪري ڏيکاريندا آهن. اسان جي نوجوانن لاءِ اهو چيو ويندو هو ته اهي فوج جي نوڪريءَ مان لنوائيندا آهن، پر جڏهن کين اتي چانس مليو ته هنن ثابت ڪري ڏيکاريو ته اھو سراسر ڪوڙ آهي، اسان جو نوجوان ته تيار هو پر فوجي سروس ۾ سندن وڃڻ جا سمورا گس بند ڪيا ويا ھئا. جڏهن کين ٿورڙي به وٿي ڏني ويئي ته هنن ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪيو ۽ اڄڪلهه پاڪ فوج ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي نوجوان خدمتون سرانجام ڏيئي نه صرف ملڪ ۽ قوم جو پر سنڌين جو ڳاٽ اوچو رکڻ وارا ڪارناما سرانجام ڏيئي رهيا آهن. سو ان ڪري اسان سڀني کي گھرجي ته گھرن ۾ ويهي کٽن ڀڃڻ بدران دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڌنڌي روزگار توڙي سير سفر لاءِ نڪري پئون. سفر ڪرڻ سان مٿي بيان ڪيل ڳالهين کان سواءِ معاشي مسئلن جا حل به نڪري پوندا آھن. سو اسان کي گھرجي ته “اٿي رائو ريل ويٺلن تان واري وري”. جي مام کي پروڙي حق جو نعرو هڻي ميدان ۾ نڪري پوري دنيا کي فتح ڪريون.