ڇوليون … اسرائيل جي بربريت ۽ معصوم فلسطيني

0
23
ڇوليون ... اسرائيل جي بربريت ۽ معصوم فلسطيني

 فلسطينين سان روا ظلم پوري دنيا اکين سان ڏسي پسي ٿي، ھزارن جي تعداد ۾ معصوم ٻار، ٻُڍا، عورتون ۽ مرد گولين جو بک بڻايا پيا وڃن، سندن گھر، فليٽ، مسجدون، چرچ، اسڪول، اسپتالون، پناھ گاھ محفوظ ناھن ۽ اھو سڀ ڪجھ سندن ڌرتيءَ تي ساڻن اھي ماڻھو ڪري رھيا آھن، جيڪي پوري دنيا جا تڙيل ھئا ۽ جن فلسطين جي ڌرتيءَ تي دنيا جي شيطاني سوچ ڌاريندڙ ملڪن جي سھڪار سان اچي ناجائز قبضو ڄمايو ھو. اسرائيل وٽ تباھي پکيڙيندڙ جديد ٽينڪون، ميزائيل، ويڙھاڪ ھوائي جھاز، ڪيميڪل بم گولا آھن ۽ ھُو اھڙن موتمار ھٿيارن جو استعمال بنا ڪنھن ھٻڪ جي ڪري رھيو آھي. ھڪ طرفي مڙھيل ھلان ۾ پوري غزا جي پٽيءَ کي بنجر بڻايو ويو آھي، وچ اوڀر ۾ پئرس سڏجندڙ لبنان شھر سان پڻ ساڳيو سلوڪ جاري آھي. نيٽو ميمبر ملڪ برطانيا، فرانس، جرمني ۽ اٽلي دنيا جي داداگير آمريڪا جي سربراھيءَ ۾ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ واري مھم ۾ عملي طرح ڀاڱي ڀائيوار آھن. آمريڪا جا جديد ترين ھٿيار، سمنڊ ۾ نيوي فوج جا بيٺل ٻيڙا اسرائيلي فوج کي ھر قسم جي مدد پيا ڪن. مغربي ميڊيا جا انتھائي متعصب پيئرس مورگن جھڙا اينڪر پرسن ۽ تجزيا نگار رات کي ڏينھن ۽ ڏينھن کي رات پيش ڪندي ذرو برابر شرم ۽ حيا ڪو نه پيا محسوس ڪن. مورگن پنھنجي ھڪ پروگرام ۾ فلسطينين خلاف ھٿرادو نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ نڪ جي پڪائيءَ سان ھڪ ڪوڙ گهڙيو ھو تـ، حماس چاليھ کن اسرائيلي ٻارڙن جا سر قلم ڪيا ھئا پر عرب نزاد آمريڪي مسلمان مھدي حسن سان ھڪ انٽرويو ۾ ھُو ان ڳالھ کان سراسر نابري واري بيٺو ته ھن ان قسم جو ڪو بيان به ڏنو ھو. تازو ايمسٽرڊم ۾ فوٽ بال راند وقت اسرائيلي حمايت ڪندڙ يھودين پاران جيڪا بدمعاشي ڪئي ويئي ھئي ۽ مغربي ميڊيا ان سڄي ھٿ سان جوڙيل ماحول کي فلسطين جي ڳچيءَ ۾ وجھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ھاڻي سڀ ان ڪوڙي پروپينگڊه تي شرمسار آھن. ايمسٽرڊم جي مائي ميئر يارنھن ڏينھن کن پوءِ پنھنجي اڳوڻي موقف کي غلط چئي پنھنجي غلطي تسليم ڪئي آھي، پر اتي جا رھاڪو ۽ شھري مٿس وڏي تنقيد ڪندي نظر اچي رھيا آھن، سندن چوڻ آھي ته، سندس اڳوڻي غلط بيانيءَ جي ڪري جيڪو نقصان ٿيو ھو، ان جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟ ۽ کيس استعيفا ڏيڻ گُهرجي. ھڪ تبصري نگار اھو لکيو آھي ته، ڪُوڙا حُڪمراني ڪري دُنيا کي ھلائي رھيا آھن. پوري دُنيا اندر فلسطين جي نسل ڪشيءَ خلاف ٻڙڌڪ مچيل آھي. خود اسرائيل جي پارليامينٽ اندر ھڪ ميمبر سڪاٽ ميڪ گريگر نيتن ياھو ۽ سمورن ميمبرن آڏو زوردار نموني بن يامين نيتن ياهو جي نندا ڪئي ۽ کيس مخاطب ٿيندي چيو ته، “تون سترنھن ھزار ٽي سئو پنجاسي ٻارڙا قتل ڪيا آھن، جن ۾ اَٺ سئو پنجويھن جي عمر ھڪ سال کان به گهٽ ھئي، تو غزا جي پٽيءَ ۾ پنجٽيھ ھزار پنجونجاھ ٻارڙن کي يتيم بڻايو آھي، تون امن جو سيريل قاتل آهين، انھن جي رت جا داغ تنھنجي منھن تي آھن، تون ٽيهن سالن کان قتل پيو ڪرين، تنھنجو ويزن ڇا آھي؟”. ساڳئي اجلاس ۾ نيتن ياھو کي جڏھن تقرير لاءِ گهرايو ويو ته، ٻين ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته، تنھنجي نيت رڳو جنگ ڪرڻ جي آھي، باندين کي واپس موٽائڻ تنھنجي ايجنڊا جو حصو ئي ناھي. نيتن ياھو اسرائيلي باندين کي واپس وٺي اچڻ وارن لاءِ پنج ملين ڊالرس ڏيڻ جو اعلان ڪري جھڙوڪر جنگ ۾ اڻ سڌيءَ طرح شڪست قبول ڪئي آھي. نيتن ياھو فلسطينين تي باھ ۽ بارود جي مينھن وسائڻ وارين پنھنجي ڪاررواين کي باندين جي آزاديءَ سان سلھاڙيل چوندو رھيو آھي، ھيڏي وڏي تباھيءَ بعد به ھُو پنھنجي ان مقصد ۾ مڪمل نموني ناڪام ويو آھي ۽ ھاڻي باندين جي آزاديءَ لاءِ انعامي رقم جو اعلان پيو ڪري.ھڪ پاسي پوري مغربي دنيا آھي، بي پناھ جديد جنگي ساز سامان آھي، زھر اوڳاڇيندڙ ميڊيائي ادارا آھن، ته ٻئي پاسي بيحس مسلمانن جا حڪمران آھن، جيڪي سڀ ڪجھ اکين ڏسندي ڪا ٻڙڪ به نـ ٿا ٻولين، جنگ فلسطين جي ڌرتيءَ تي ھلي پئي ۽ ڏڪڻي عرب ملڪن جي کرب پتي حڪمرانن کي وڪوڙي وئي آھي. بس ڏئي وٺي ايران آھي، سندس ساٿاري يمن جا حوثي باغي آھن، لبنان جي حزب اللھ آھي، جيڪي فلسطيني نسل ڪشيءَ خلاف سندرو ٻڌي ميدان تي بيٺا آھن ۽ اھي ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھن. فلسطيني ڪاز جي حمايت ڪرڻ ڪري ايران تي ڪيئي موتمار حملا ڪيا ويا آھن. سندن صدر کي ھڪ پراسرار ھوائي حادثي ۾ قتل ڪيو ويو، سندس ڌرتيءَ تي ميزائيل ھلائي سندن مھمانن کي شھيد ڪيو ويو. مغربي ملڪن پاران اڳ ئي ظالماڻي پابندين کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آھي. انھن سڀني سختين ھوندي، سخت پابندين ڪري ملڪ جي ڪمزور معيشت ھوندي به انھن اسرائيل تي زوردار ميزائيلن سان حملو ڪري پنھنجو پاند ڪيو. ايران ان سلسلي ۾ ھڪ ٻي وڏي اخلاقي فتح پڻ حاصل ڪري ورتي ته ھن اسرائيل جي عام ماڻھن تي حملي ڪرڻ بدران اسرائيل جي جنگي جڳھين کي نقصان پھچايو. دنيا جي داداگير حڪمرانن جي ڀلي کڻي ڪھڙي به پاليسي ھجي پر سڄي دنيا جو عوام فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿاري رھيو آھي. آمريڪا ھجي، جرمني ھجي، فرانس ھجي يا ڪو ٻيو ملڪ، ھر جاءِ تي لکن جي تعداد ۾ عام ماڻھو جن ۾ حق پرست يھودي پڻ شامل آھن، جيڪي فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ سندن ڌرتيءَ تي حڪمرانيءَ جي حق ۾ پنھنجو ڀرپور آواز اُٿاري رھيا آھن. ان کان سواءِ فري لانس صحافت ڪندڙ سوين حق پرست صحافي، کاٻي ڌر جا سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ آھن، جيڪي يوٽيوب تي پنھنجن پنھنجن چينلس تي فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اُٿاري رھيا آھن ۽ جن کي پوري دنيا جي حق پرست ماڻھن پاران وڏي موٽ ملي رھي آھي. انھن جي ويوئرشپ دنيا جي متعصب ٽي وي چينلس کان وڌيڪ آھي.

ھن وقت فلسطين جي حالت اردو جي ھڪ شعر جھڙي ٿي ويئي آھي ته، “مصيبتين پڙين اتني کي آسان ھوگئين….”. فلسطينين وٽان موت جو خوف ختم ٿي ويو آھي. ان جو ثبوت اھو معصوم فلسطيني ٻالڪ آھي، جيڪو جديد ھٿيارن سان ليس ھڪ اسرائيلي فوجيءَ کي چوي پيو ته، “مان توکان نه ٿو ڊڄان، توکي جيڪي ڪرڻو آھي ڀلي ڪري ڏس!”، ٻي ھڪ فلسطيني ڇوڪريءَ چوي پئي ته، “اوھان اھڙن ماڻھن کي موت کان ڊيڄاري نه ٿا سگهو، جن جو ايمان آھي ته موت زندگيءَ جي پڄاڻي ناھي”. شهيدن جو خون ان نموني به پنهنجو رنگ ڄمائيندڙ آهي. فلسطيني مري رهيا آهن، تباھ ٿي رهيا آهن پر منجهائن هر قسم جو خوف ختم ٿي ويو آهي. مارڻ وارا وڏي خوف ۾ مبتلا آهن، ٻيو ته ٺھيو اسرائيل جو وزير اعظم نيتن ياھو پنھنجي گهر ۾ رهڻ بدران بنڪرس ۾ راتيون پيو گُذاري، کيس اقوامِ متحده توڙي سندن پنھنجي پارليامينٽ ۾ بري طرح بي عزتو ٿيڻو پوي ٿو. سياست ھجي، جنگ ھجي يا طاقت ھجي، ان جا محور تبديل ٿيندا رھندا آھن. مختلف زمانن ۾ پنھنجي وقت جا وڏا ظالم حڪمران، فرعون، ھٽلر، مسوليني، زار، بادشاھ، شھنشاھ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا ۽ مون کي يقين آھي ته، وقت جو ڦيٿو ضرور ڦيرو کائيندو ۽  نيٺ ته حق ۽ سچ جي فتح ٿيندي.

تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن سوچيو هو ته هٽلر کي شڪست ملندي، ملڪ مٿان ضياءَ يا مشرف جي حڪمرانيءَ جو سج لهندو، ڪراچيءَ تي الطاف حسين جي تاڻيل ڪاري چادر هٽندي، پاڻ سڀني ڏٺو ته اهي سڀ ڪک پن ٿي ويا ۽ مون کي يقين آهي ته، نيتن ياهو جو پڻ ساڳيو مقدر آهي. تاريخ جي دز ۾ هُو دٻجي ويندو، سندس ظلمن جو انت ايندو ۽ مظلوم فلسطيني دنيا جي ھڪ طاقتور قوم بڻجندي.