ڇور(ن پ ا) العظيم شاھ ڪرڪيٽ گرائونڊ ڇور ته مرحوم غلام مصطفي نھڙي جي ياد ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل مئچ پختون ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۽ الصابر ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ٿيو پختون ڪرڪيٽ ڪلب پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 139 رنسون 3 وڪيٽن جي نقصان ته ٺاھيون جنھن ۾ ذڪاالله آريسر 51 رنسون ٺاھيون جواب ۾ الصابر ڪرڪيٽ ڪلب اکيراج 7 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان ته ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو الصابر ڪرڪيٽ ڪلب طرفان سروڻ سنگھ سوڍو 44 رنسون ٺاھيون اھڙي طرح الصابر ڪرڪيٽ ڪلب اکيراج اٺ وڪيٽن تان فائنل کٽي ورتو آخر ۾ مھمان خاص حاجي قاسم نھڙي الطاف آريسر دولت پٺاڻ عزيز نھڙي جمالدين نھڙي ۽ ٻين پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن حاجي بجير کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز رنر ٽيم جي ڪيپٽن دولت پٺاڻ کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز مين آف دي مئچ سروڻ سنگھ سوڍو مين آف دي سيريز زڪاالله آريسر بيسٽ آلرائونڊر سنڊيپ سوڍو بيسٽ امپائرز جماالدين نھڙي ۽ جي ايم نھڙي بيسٽ ڪامينٽر ڪلياڻ سنگھ سوڍو بيسٽ اسڪورز رحمان نھڙي کي ٽرافيون ڏنيون.