ڇور(ن پ ا) ڇور ويجھو ڳوٺ ٻانڌو سميجا ۾ جيلاني  ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٻانڌو پريمئر ليگ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو   فائنل صوفي صادق  ڪرڪيٽ ڪلب چنيسر سومرو ۽ يونائيٽيڊ ڪرڪيٽ ڪلب ڇور وچ ۾ ٿيو. يونائيٽيڊ  ڪرڪيٽ ڪلب ڇور  پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 158 رنسون 2 وڪيٽن جي نقصان تي ٺاھيون جنھن ۾ صدام نھڙي 62 رنسون ٺاھيون. جواب ۾ گھربل ٽارگيٽ صوفي صادق ڪرڪيٽ ڪلب چنيسر سومرو آخري اوور جي چوٿين بال  تي 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري فائنل کٽي ورتو. صوفي صادق ڪرڪيٽ ڪلب  طرفان انور پٺاڻ 97 رنسون ٺاھيون. مھمان خاص حاجي نصر الله سميجو، اللهبچايو سميجو، نواب سميجو، نياز ڇڇر، احمد علي سميجو، سليم سومرو، محبوب سميجو ۽ ٻين  پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن انور پٺاڻ کي ونر ٽرافي ۽ صدام نھڙي کي رنراپ ٽرافي، مين آف دي مئچ انور پٺاڻ، مين آف دي سيريز انور پٺاڻ، بيسٽ بالر شاھد نھڙي، بيسٽ امپائرز شھباز سميجو ۽ علي نواز سميجو بيسٽ ڪامينٽيٽر ڪلياڻ سنگھ سوڍو کي ٽرافيون ڏنيون.