ڇور (رپورٽ: ساگر شاھد نوھڙيو) العظيم شاھه ڪرڪيٽ گرائونڊ تي منعقد ڪيل سي پي ايل  ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل جيلاني ڪنگ  ڪرڪيٽ ڪلب انڙآباد ۽ الحيدر ڪرڪيٽ ڪلب ڇور وچ ۾ ٿيو، الحيدر  ڪرڪيٽ ڪلب  پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 78 رنسن ته آل آئوٽ ٿي وئي، جيلاني ڪرڪيٽ ڪلب طرفان اسد سومرو 5 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ جيلاني ڪنگ  ڪرڪيٽ ڪلب انڙآباد 4 اوور جي آخري بال ته  ٻن 2 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو، جيلاني ڪنگ ڪرڪيٽ ڪلب طرفان ڄيٺمال سنگھه 48 رنسون ٺاھيون، اھڙي طرح جيلاني ڪنگ ڪرڪيٽ ڪلب 8 وڪيٽن تان فائنل کٽي ورتو، آخر ۾ مھمان خاص فقير الله بچايو مڱريو، علي محمد مڱريو، عطا محمد آريسر، امين سومرو، علي گل سميجو، الله بخش نھڙي، سروڻ سنگھه سوڍو، الطاف آريسر، ابراھيم سومرو، جمالدين نھڙي، نصير آريسر، جانو سومرو، نھال ڀنڀرو  ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان  غمشاد انڙ کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز ، رنر ٽيم جي ڪپتان صدام نھڙي کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز ڏني، جڏهن ته مين آف دي مئچ اسدسومرو ۽  مين آف دي سيريز سالم نھڙي،  بيسٽ بالر دولت پٺاڻ، بيسٽ فيلڊر صدام نھڙي، بيسٽ امپائر بلوير سنگھه سوڍو ۽ فقير برڪت منڱريو، بيسٽ ڪامينٽر سائين عنايت سومرو، ڪلياڻ سنگھه سوڍو ۽ ٻين کي ٽرافيون ۽ شيلڊون ڏنيون ويون.