ڇور(ن پ ا) ڇور ڀرسان 7 ٻارڙن جي ماءُ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو خبر موجب ڇور ڀرسان ڳوٺ سڻوهي ۾ ٻني جي زمين تي اجهو اڏي ويٺل 7 ٻارڙن جي ماءُ  45 ورهين جي راڌا زال متارو ڀيل گهر ۾ بيٺل کبڙ جي وڻ ۾ ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته وارثن چوڻ آهي ته راڌا غربت ۽ گهرو پريشانين سبب خودڪشي ڪئي آهي.