ڇور (ن پ ا) ڇور ٽائون ڪاميٽي جي سال 2025.26 جي بجيٽ ٽائون ڪاميٽي چيئرمين نظر محمد آريسر پاران  پيش ڪئي وئي، جنهن مطابق  آمدني جو تخمينو  11 ڪروڙ 51 لک 1600 سئو 31 رپيا لڳايو ويو، ان ۾   سنڌ سرڪار کان ملندڙ گرانٽ 10 ڪروڙ 10 لک 28000 ھزار  ڏيکاري وئي ۽ پينشن فنڊ لاءِ 83 لک 43 ھزار 600 سئو 31 رپيا ٽينڊر في  4 لک رپيا واٽر سپلاءِ  في 3 لک رپيا پٽ پڙي في 10 لک رپيا سرٽيفڪيٽ في 35 ھزار مرمت لاءِ گرانٽ 36 لک 80 ھزار رپيا  ڏيکاريا ويا، جڏهن ته خرچ جو تخمينو 19 ڪروڙ 19 لک 78 ھزار 6 سئو 31 رپيا لڳايو ويو، جنهن ۾  پگھارن لاءِ 3ڪروڙ 79 لک 15 ھزار ٻيا خرچ ڪانٽيجينسي 3 ڪروڙ 67 لک 70 ھزار مرمت بابت  1 لک رپيا ترقياتي ڪمن بابت 10 ڪروڙ رپيا ضروري خرچا 50 ھزار رپيا شاگردن لاءِ اسڪالرشپ 10 لک رپيا عام ڀلائي جي ڪمن لاءِ 23 لک رپيا رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن لاءِ 83 لک ٽيتاليھه ھزار 6 سئو 31 رپيا پيٽرول لاءِ  45 لک رپيا ڏيکاريا ويا آهن، ان موقعي تي  وائيس چيئرمين مولوي محمود نھڙي ڪائونسلر منٺار آريسر ڪائونسلر ھندوسنگھه سوڍو ڪائونسلر راجو ڀيل  ڪائونسلر سورج ڀيل بجيٽ پاس ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان موقعي ته ڪائونسلرن چيو ته ٽائون چيئرمين ھڪ سٺي بجيٽ پيش ڪئي آھي.