ڇور(ن پ ا) ڇور ويجھو ڳوٺ حاجي محمد سومرو ڪرڪيٽ گرائونڊ تي گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ڇور پاران ڪرايل انٽر سٽي اسڪول ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل مئچ ارقم پبلڪ اسڪول ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ وچ ۾ ٿيو ڊگري ڪاليج ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 79 رنسون 2 وڪيٽن جي نقصان ته ٺاھيون جنھن ۾ امداد سميجو 45 رنسون ٺاھيون جواب ۾ گھربل ٽارگيٽ ارقم پبلڪ اسڪول ڪرڪيٽ ڪلب ڇور آخري اوور جي چوٿين بال ته پنج وڪيٽن جي نقصان ته ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو ارقم پبلڪ اسڪول ڪرڪيٽ ڪلب طرفان ھميرسنگھ سوڍو 40 رنسون ٺاھيون آخر ۾ مھمان خاص جمشير سومرو عنايت سومرو ھاشم ڪنڀر شاھنواز سومرو شمش سومرو خير محمد آريسر فقير شيرو فقير جاويد راوير سنگھ سوڍو ۽ ٻين پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن عمران سومرو کي ونر ٽرافي رنر ٽيم جي ڪيپٽن روي سنگھ سوڍو کي رنر ٽرافي مين آف دي مئچ ھميرسنگھ سوڍو مين آف دي سيريز عمران سومرو بيسٽ بالر ظھير پٺاڻ بيسٽ بيٽشمين زيشان انڙ کي ٽرافيون ڏنيون