عمرڪوٽ (رپورٽر)ڇور واهه جي پڇڙي جي آباگارن پاران ٽيل تائين نه پھچڻ خلاف ڇور واهه جي ست ميل تي احتحاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن نياز نھڙي، فاروق ڀنڀرو، انور سنگهه، ھپيسنگهه، شام سنگهه، نورسميجو، جاويد ڀنڀرو ۽ پرٿوي سوڍو جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، ھنن چيو ته ڪامورن ٻڌايو آھي ته ڇور واهه گذريل 10 ڏينھن کان ھلي پيو، پر ڇور واهه جي پڇڙي تائين پاڻي نه پھتو آھي، ۽ ايريگشن کاتي وارن منڍ جا سب واٽرڪورس رشوت وٺي غير قانوني طور ٽوڙائي ڇڏيا آھن، جنهن جي ڪري پاڻي پڇڙي جي واٽر ڪورسن تائين نه پھچايو وڃي، جيڪڏهن پاڻي نه مليو ته ڌرڻو ھنيو ويندو.