اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام وارن معاملن جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ٽي شعبي کي هٿ وٺرائڻ ۽ اِن شعبي جي ايڪسپورٽ ۾ اضافو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزير اعظم هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ڇهين درجي کان آءِ ٽي جي مضمونن کي نصاب جو لازمي حصو قرار ڏيڻ جي حوالي سان فوري حڪمت عملي جوڙي وڃي. صوبائي حڪومتن سان گڏجي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي سطح تي آءِ ٽي جي معياري تربيت وارو عمل شروع ڪيو وڃي. آءِ ٽي جي تربيتي پروگرامن جو معيار اهڙو هجڻ گهرجي جنهن سان تربيت حاصل ڪندڙ ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ سٺيون ملازمتون حاصل ڪري سگهن. اجلاس ۾ وزير اعظم کي آءِ ٽي شعبي ۾ تربيتي پروگرامن ۽ ٻين قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اسڪول، براڊ بينڊ ڪنيڪٽوٽي پراجيڪٽ تحت اسلام آباد جي اسڪولن ۾ انٽرنيٽ کي اپگريڊ ڪيو پيو وڃي.