ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ سان انصاف نه ٿيو، ستين ڳڻپ شفاف ٿيڻ کپي: مراد علي شاهه

0
82
ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ سان

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي،جنهن تي سنڌ حڪومت خدشا ظاهر ڪرڻ سان گڏ احتجاج به ڪندي رهي  آهي

مراد علي شاهه اهڙيون ڳالهيون سي ايم هائوس ۾ ٿيل ستين آدمشماري جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيون، اجلاس دوران چيف سيڪريٽري ۽ ٻين طرفان بريفنگ ڏني وئي

وڏي وزير چيو ته ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، ستين آدمشماري درست ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي