ڪڙيوگهنور(ن پ ا) سنڌ جي صورتحال انتهائي خراب آهي، سنڌو درياءَ تي ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ڪڙيوگهنور پهچي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن چيو ته سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، سنڌ جا هاري آبادگار ، مزدور ، شاگرد ، صحافي، وڪيل سراپا احتجاج آهن ، سنڌو درياءَ تي ڇهه نوان ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن، اهو اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌي ماڻهن لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي اتحادي پارٽي پيپلزپارٽي جيڪا چوي ٿي ته اسان صحيح ناهي ڪئي، پر هاڻي اها سنڌي ماڻهن جي سامهون وائکي ٿي چڪي آهي، هاڻي اها به چوي ٿي ته اسان توهان سان گڏ احتجاج ڪرڻ چاهيون ٿا، جڏهن توهان صحيحيون پئي ڪيون تڏهن توهان نه سوچيو هو ته توهان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو قتل ڪري رهيا آهيون، هاڻي توهان جڏهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي تڏهن چئون ٿا ته اسان توهان سان گڏ احتجاج ڪنداسين ، توهان حڪومت ۾ ويٺا آهيون، پهرين توهان حڪومت ڇڏيو ۽ جيڪا توهان جي اتحادي وفاقي گورنمينٽ آهي، اتان پنهنجون استيفائون ڏيون ۽ سنڌ گورنمينٽ کي ڇڏيو ، پوءِ اچي سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهو ، پاڻي نه آيو ته سڀ کان پهرين متاثر علائقا گولاڙچي، بدين ۽ ٺٽو ٿيندا ، هئنير به سنڌودرياءَ ، سکر بئراج، ڪوٽڙي بئراج ۾ واري اڏامي پئي، سنڌ جا هاري آبادگار سخت پريشان لڳا پيا آهن، ۽ توهان اڃا تائين پنهنجو اعلان واپس نه ٿا وٺو ، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته توهان جيڪڏهن پنهنجو اعلان واپس نه ورتو ته هن احتجاج جو دائرو اڃا وسيع ٿيندو ۽ پوءِ آخر سنڌ جا ماڻهو پنجاب جا رستا روڊ بند ڪندا.