واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) جيڪڏهن ڪو ٻار گم ٿي وڃي ته ڪجهه سالن کانپوءِ ان جو ملڻ معجزو سمجهيو ويندو آهي. پر آمريڪا ۾ هڪ اهڙو واقعو اڳيان آيو آهي جنهن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي بلڪ ڪنهن فلمي ڪهاڻي کان گهٽ نه آهي ڇوته 1951ع ۾ اغوا ٿيل ٻار کي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ هن جي خاندان سان ملايو ويو آهي. هڪ پيرسن شخص جنهن کي 6 سالن جي عمر ۾ هڪ پارڪ مان اغوا ڪيو ويو هو، کيس آن لائن ڊي اين اي ٽيسٽ، پراڻي تصوير ۽ اخبارن جي مدد سان 73 سالن کانپوءِ ڳوليو ويو آهي. لوئس آرمنڊو البينو نالي هڪ شخص کي 70 سالن کانپوءِ اوڪلينڊ ۾ رهندڙ سندس ڀاڻجي پوليس، ايف بي آءِ ۽ انصاف جي کاتي جي مدد سان ڳولي لڌو. 63 سالن جي اليڊا اليڪوئن ڳولي ته سندس مامو يو ايس ايسٽ ڪوسٽ ۾ رهائش پذير آهي. لوئس آرمنڊو ريٽائر فائر فائٽر آهي جنهن ويٽنام جي جنگ دوران فوج لاءِ به خدمتون سرنجام ڏنيون. 21 فيبروري 1951ع تي لوئس آرمنڊو ويسٽ اوڪلينڊ جي هڪ پارڪ ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ کيڏي رهيو هو، جتي هڪ عورت هن کي ٻاهر گهرايو ۽ ڇپوءِ اغوا ڪري ايسٽ ڪوسٽ پهچائي ڇڏيو. اتي هڪ جوڙي سندس پرورش پنهنجي پٽ جيان ڪئي. ان وقت پوليس، ڪوسٽ گارڊ ۽ ٻين سرڪاري ملوازمن وڏي پئماني تي گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اخبارن ۾ ان حوالي سان ڪيترائي اشتهار شايع ٿيا. 70 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين اهو گمشده رهيو پر ان جو خاندان کيس وساري نه سگهيو ۽ هن جي تصوير مائٽن جي گهرن ۾ لڳل هئي.