بلڙي شاهه ڪريم(ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ بلڙي شاهه ڪريم جي دستوري گڏجاڻي شاخ جي سيڪريٽري عبدالخالق ناز ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي گذري جنھن ۾ سنڌ جي زمينن کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڪمپنين حوالي ڪرڻ، چولستان  6 ڪئنال رٿائن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته اهڙا سمورا تڪراري منصوبا فوري طور تي ختم ڪيا وڃن،  گڏجاڻيءَ ۾ 2 اپريل تي بلڙي شاھ ڪريم ۾ ايم اين اي سيد نويد قمر پاران سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي سرڪاري زمين مقامي ماڻهن کي ڏيئڻ بجاءِ ڪمپنيء کي الاٽ ڪرڻ واري سوال تي صحافي عثمان پنھور سان اڍنگي رويي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي شاخ پاران سيد نويد قمر کي کليل خط لکيو ويندو، گڏجاڻي ۾ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جي پھرين ورسي ايندڙ آچر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنھن ۾ ناليورو ليکڪ تاريخدان صوفي حضور بخش، ميان مير چانڊيو، جميل ميمڻ، شام لال چنداڻي، عثمان پنھور ۽ ٻيا ڊاڪٽر ابراهيم سنڌيءَ جي زندگي ۽ ادبي خدمتن تي روشني وجھندا. گڏجاڻيءَ ۾ عثمان پنھور، حيدر علي پنھور، پريم ڪلپنا، سرمن سمون، سرور سنڌي، ارشد ڪوريجو، يعقوب جمالي، احسان علي انصاري، عبدالجبار جمالي ۽ ٻين  شرڪت ڪئي.