ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) ڇا ڪبوتر قلابازيون ماديءَ کي ريجهائڻ لاءِ کائين ٿا؟ ان ڏس ۾ ماهرن جو رايو سامهون آيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل جي ويب سائيٽ جي خبر موجب ڪبوترن جي ڪجهه نسلن خاص طور تي رولر ڪبوتر ۾ قلابازي فطري عمل آهي. ڇاڪاڻ جو ڪبوتر پنهنجي چستي ۽ تندرستي کي ثابت ڪرڻ لاءِ فضائي مشقون ڪندا آحن جيڪي مادي کي اهو اشارو هوندو آحي ته هي هڪ مضٻوط ۽ قابل نرساٿي آهي.  ماهرن موجب ڪجهه ڪبوترن جي ڪجهه نسلن خاص طور تي رولر ڪبوتر ۾ قلابازي فطري عمل آهي. ڪبوتر صرف جوش ۽ شرارت پڻِ لاءِ به قلابازيون کائين ٿا.انهن ڪبوترن کي پيچيده فضائي ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ نسل در نسل پاليو ويندو آهي. هي اڪثر ڪبوتر اڏائڻ جي مقبالن ۾ ڏٺو ويندو آهي جتي ڪبوتر کي قلابازي کائيندي ۽ اوچتو مڙڻ جي تربيت ڏني ويندي آهي. ويب سائيٽ جي خبر موجب ڪجهه ڪبوترتيز رفتار اڏام دوران ڄاڻي واڻِ قلابازي کائي موڙ ڪاٽين يا اسڪاءِ ڊائيو ڪن ٿا خاص طور تي نوجوان ڪبوتر پنهنجي ڏامن جي صلاحِتن کي دريافت ڪرڻ ۽ اڏام جي آزادي مان مزو ماڻڻ لاءِ انهن ايڪروبيٽس ۾ مشعول هوندا هن. ڪبوترن جي اڏام ۾ اعليٰ سطح جي چستي هوندي آهي، جيڪي جسماني صلاحيتن جو مضاهرو ڪندا آهن. انهن جي جسماني بناوٽ انهن کي پيچيده فضائي مشقون ڪرڻ جي اجازت ڏيندي آهي.