ڇا ڪا اڻ ٿيڻي، ٿيڻ وڃي رھي آھي ؟

0
73
ڇا عمران خان لانگ مارچ تي حملي جي جاچ ڪرائڻ چاهي ٿو ؟

 عمران خان خلاف توهين عدالت جو ڪيس ختم ٿي ويو آهي پر عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس جو فيصلو اڃا اچڻو آهي، ان کانسواءِ عمران خان خلاف حڪومت سفارتي سائفر جي وزيراعظم هائوس مان گم ٿيڻ ۽ ان جي آڊيو ليڪس جي حوالي سان ڪيس ايف آءِ اي کي اماڻي ڇڏيو آهي، امڪان آهي ته ايف آءِ اي جلد عمران خان،اسدعمر، شاهه محمود قريشي ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم  خان کي نوٽيس جاري ڪري انهن کان جاچ جو عمل شروع ڪندي. ڳالهه سائفر جي ٿي رهي آهي ته اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ان سائفر جي حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي تڏهوڪي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جي آڊيو ليڪس جا ٻه حصا منظر تي اچي چڪا آهن، ان کانسواءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي وزيرن جي به آڊيو ليڪس سامهون اچي چڪي آهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مسلم ليگ (ن) آڊيو ليڪس جو الزام عمران خان جي هينڊلرز تي لڳائي رهي آهي جيڪڏھن هڪ منٽ لاءِ اها ڳالهه مڃي به وٺجي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ عمران خان جي سفارتي سائفر بابت آڊيو  ڪنهن ليڪ ڪئي آهي، ڇو ته آڊيو ليڪس عمران خان جا هينڊلرز ليڪ ڪري رهيا آهن ته پوءِ اهو ته نه ٿو ٿي سگهي ته عمران خان خلاف آڊيو ليڪس به اهي ئي ليڪ ڪن ۽ اها آڊيو ليڪس جنهن تي عمران خان جي موجوده سياسي نيريٽو جو دارومدار آهي، جنهن ڪري مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي آڊيو ليڪس بابت پي ٽي آءِ جي هينڊلرز تي الزام سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي، پر اها حقيقت آهي ته هن دور ۾ جيتريون آڊيو ليڪس ٿيون آهن ڪڏهن به ڪنهن دور ۾ ايتري تعداد ۾ آڊيو وڊيو ليڪس سامهون نه آيون آهن، انهن پويان ضرور ڪوئي مقصد هوندو، جنهن بابت جاچ ٿيڻ گهرجي، پر اسان وٽ آڊيو ليڪ جي حوالي سان سليڪٽو انڪوائري جو عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. ڏسجي ته وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪس سامهون آيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته وڏي پيماني تي رڪارڊنگ ڊارڪ ويب تي وڪري لاءِ وڃي چڪي آهي، وزيراعظم ان حوالي سان چئي چڪو آهي ته وزيراعظم هائوس جي ايئن آڊيو ليڪس ٿيندي ته آئينده ڪو به دوست ملڪ جو سربراهه به دوري تي اچڻ وقت وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائڻ کان پهريان سوچيندو ته ڇا ڳالهائڻ گهرجي ڇا نه ڳالهائڻ گهرجي

حقيقت اها آهي ته هي سيڪيورٽي جو تمام وڏو ليپس آهي، وزيراعظم هائوس جون آڊيو ليڪس ٿيڻ کان پوءِ اهو سوال ڪر کڻي بيٺل آهي ته ڇا قومي سلامتي جي مامري تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڳالهه ٻولهه محفوظ رهي سگهي ٿي؟ جيڪڏھن وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاسن جي ڪا ڳالهه محفوظ نه ٿي رهي سگهي ته پوءِ حساس نوعيت جي اجلاسن جي ڳالهه ٻولهه کي ڪيئن محفوظ بڻائي سگهبو؟ ظاهر آهي ته ان مامري تي قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿي چڪو آهي جنهن ۾ سياسي توڙي عسڪري قيادت موجود هئي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويا آهن ۽ قانون سازي جو ٽاسڪ به قانون واري وزير کي ڏنو ويو آهي، سوال هي آهي ته قانون سازي سان ڇا ان ڳجهي رڪارڊنگ کي روڪي سگهبو، اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو، جنهن ڪري ان مامري کي في الحال اتي ڇڏي ملڪ جي سياسي صورتحال طرف اچڻ چاهيان ٿو، جيڪا ايندڙ ڏينهن ۾ سخت ڇڪتاڻ واري ٿيندي نظر اچي رهي آهي. تحريڪ انصاف هاڻي آزادي جي تحريڪ کي آخري مرحلي ۾ وٺي اچڻ جي مڪمل موڊ ۾ لڳي رهي آهي، جنهن لاءِ اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ جي تياري حتمي مرحلن ۾ داخل ٿيل آهي، پي ٽي آءِ اهو فيصلو ڪري چڪي آهي ته لانگ مارچ مقصد حاصل ٿيڻ تائين جاري رکيو ويندو، پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جو ٿلهي ليکي مقصد اهو آهي ته وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرايون وڃن،  جنهن لاءِ نگران سيٽ اپ سامهون اچي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اهو بار بار ورجائي چڪو آهي ته هن ڀيري اسان مڪمل تياري سان اينداسين، ڏسجي ته هن ڀيري پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ ڪرڻ اڳيان ڪي گهڻيون مشڪلاتون به نه آهن ڇو ته خيبر پختونخوا، پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جون حڪومتون قائم آهن، پي ٽي آءِ خيبر پختونخوا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب مان لانگ مارچ لاءِ ماڻهو ڪڍي هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ اسلام آباد طرف وڌي سگهي ٿي

خيبر پختونخوا، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي جيڪا پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي سهولتون به ڏئي سگهي ٿي. ايئن پي ٽي آءِ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اسلام آباد  سان حدون رکندڙ راولپنڊي تائين آساني سان اچي سگهي ٿي ۽ جيڪڏھن پي ٽي آءِ ڪي پي، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ گلگت مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ڪري راولپنڊي تائين آڻڻ ۾ ڪامياب وئي ته پوءِ راولپنڊي کان اسلام آباد تائين پهچڻ ۾ اسلام آباد پوليس کي هيڏي وڏي تعداد کي روڪڻ ۾ وڏي ڏکيائي ٿيندي. پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ان صورت ۾ مشڪلاتن جي ور چڙهي سگهي ٿو جو پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت لانگ مارچ شروع ٿيڻ کان اڳ موجود نه هجي، جنهن کان پوءِ اڳ وانگر پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي حڪومت طاقت جي زور تي پوليس ذريعي اسلام آباد طرف وڌڻ کان روڪي سگهي ٿي، باقي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي موجودگي سان پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي راولپنڊي تائين پهچڻ کان روڪڻ ۾ بظاهر وفاقي حڪومت لاءِ مامرو مشڪل لڳي رهيو آهي. هن وقت جيتريون سياسي ڌريون بدنام ٿيون آهن انهن جي ساک بابت سوال اٿيا آهن ايترو سياسي ڌرين کي ڌوٻي گهاٽ ۾ ڌوپجندي نه ڏٺو ويو آهي، عمران خان جي حڪمت عملي تي غور ڪجي ٿو ته اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته مسئلو آئيني، قانوني بحران طرف وڌي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ افراتفري جي صورتحال به پيدا ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن سياسي ڌريون هڪ ٻئي سان دست گريبان هونديون تڏهن ڪا اڻ ٿيڻي نه ٿي پوي، ڇو ته سياسي ڌريون مامرن کي ڊيڊ لاڪ طرف وٺي ويندي نظر اچي رهيون آهن. عمران خان موجوده حڪومت سان ڳالهائڻ لاءِ ئي تيار ناهي، ظاهر آهي ته هن وقت  موجوده حڪومت سان جيڪڏھن پي ٽي آءِ نه ڳالهائيندي ته ٻنهي ڌرين ۾ مامرا طئه نه ٿي سگهندا، نتيجي ۾ مامرو ڊيڊ لاڪ طرف ئي ويندو ۽ جڏهن شيون بند گهٽيءَ تائين پهچي وينديون آهن ته پوءِ ان صورتحال ۾ ڪجهه به ٿيڻ جو انديشو موجود هوندو آهي

گذريل ٻن ٽن سالن ۾ سياسي ڌرين جيئن مامرا ڇڪتاڻ طرف ۽ ٽڪراءَ طرف پهچايا جيڪڏھن 80 يا 90 وارو ڏهاڪو هجي ها ته انهيءَ صورتحال کي جواز بڻائي ملڪ ۾ مارشل لا لڳي چڪي هجي ها، ارڙهين ترميم کان پوءِ ملڪ ۾ مارشل لا کان اهڙين حالتن باوجود به هن وقت تائين پاسو ڪيو ويو آهي پر سياسي ڌرين جي ڇڪتاڻ ۽ ڊيڊ لاڪ واري صورتحال کي سامهون رکي ماڻهو ايمرجنسي لڳڻ سوڌو مختلف خدشن جو اظهار ڪندا رهن ٿا پر سياسي ڌرين کي هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ کانسواءِ سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ٿئي، ڪٿي وڙهن سان ۽ لتاڙجن ٻوڙا وارو مامرو نه ٿي پوي، سياسي ڌرين جي ڇڪتاڻ جو نتيجو سسٽم کي متاثر نه ڪري وجهي. بحرحال هي آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني  ۾ ملڪي صورتحال جو تعين ٿي ويندو، انهن ٻنهي مهينن ۾ ئي اهو واضح طور تي فيصلو ٿي ويندو ته چونڊون وقت تي ٿينديون يا وقت کان اڳ ۾ چونڊون ٿينديون. جيڪڏھن وقت کان اڳ ۾ چونڊون ٿين ٿيون ته اها عمران خان جي ڪاميابي ۽ موجوده حڪومت جي ناڪامي تصور ٿيندي ڇو ته موجوده حڪومت معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ جيڪا مهانگائي ڪئي آهي ان عمران خان جي 4 سالن جي گناهن کي  نه رڳو ڌوئي ڇڏيو آهي پر عمران خان جي دور ۾ ٿيل مهانگائي به موجوده حڪومت جي ڪريڊٽ ۾ شامل ٿي چڪي آهي، بنا ڪنهن عوام کي محسوس ٿيندڙ رليف ڏيڻ  کان اڳ جيڪڏھن هي حڪومت ختم ٿي وڃي ٿي ته پوءِ حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين لاءِ ايندڙ چونڊن ۾ انتهائي مشڪل  صورتحال کي منھن ڏيڻو پوندو  ۽ ان عمل جو فائدو تحريڪ انصاف کي ٿيندي محسوس ٿئي ٿو. هونئن به هن وقت هر ماڻهو اهو محسوس ڪري رهيو آهي ته واضح طور عوامي سپورٽ تحريڪ انصاف سان گڏ آهي، مٿان  جيڪڏھن تحريڪ انصاف چونڊون به وقت کان اڳ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ۽ هي حڪومت ڪو عوام کي وڏو رليف ڏيڻ  کان پهريان ئي ختم ٿي وڃي ته پوءِ هن حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين لاءِ اهو مثال ٺهڪي ايندو ته هنن کان ٻه به ويا ته ٻارنهن به ويا ۽ پوءِ شايد موجوده حڪمران اتحاد جون پارٽيون افسوس ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪري سگهن