ڇا ڪالاباغ پيپلزپارٽي رد ڪرايو؟

0
54
ڇا ڪالاباغ پيپلزپارٽي رد ڪرايو؟

سنڌ جي انتھائي بنيادي مسئلن؛ سنڌو درياھ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن، زمينن ۽ وسيلن بابت پيپلز پارٽي جي سياسي  حڪمت عملي ۽ پاليسي ٻچاپڙي واري، ڦرندڙ گھرندڙ، “ماسي ورائي، دم پنھنجي، دم پرائي” واري رھي آھي. جنھن جو تازو مثال سنڌو درياھ مان ڇھ نوان ڪينال ڪڍڻ بابت وفاقي توڙي صوبائي وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن جا بيان آھن. يا وري ان کان اڳ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي پيپلز پارٽي جو ڦرندڙ گھرندڙ موقف رھيو آھي. پيپلز پارٽي جي وفاقي وزيرن، مشيرن جو موقف ھڪڙو ھوندو آھي ته سنڌ حڪومت جو وري ان کان الڳ ھوندو آھي. دراصل پيپلز پارٽي جي سنڌ جي عوام کي گمراھ ڪرڻ لاءِ اھا ھڪڙي طئي ٿيل، دولاب تي ٻڌل ھڪڙي سياسي حڪمت عملي  آھي. مثال طور سنڌو درياھ مان ڇھ نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف پيپلز پارٽي جا چونڊيل اڳواڻ ۽ نمائندا خورشيد شاھ ۽ نويد قمر چون ٿا ته اسان کي چولستان سميت سنڌو درياھ مان ڪينال ڪڍڻ تي ڪوبه اعتراض ڪونھي. سنڌ جو وزيراعليٰ مراد علي شاھ صاحب فرمائي ٿو ته ڪينال ڪٿي پيا ٺھن؟ نثار کھڙو صاحب چوي ٿو ته ڪينال ڪڍڻ ڪونه ڏينداسين. ان سياسي بيان بازي ۽ سياسي حڪمت عملي جو مقصد آھي ته، “ڪُل پيران دا خير”، وفاق به خوش ۽ سنڌي عوام کي به آسرا ۽ دلاسا ڏئي خوش ڪيو پيو وڃي ته بابا ڪجھ ڪونه ٿيندو، نه گھٻرايو، جيستائين پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آھي، تيستائين ڪينال ھرگز ڪونه ٺھندا. سياسي جدوجھد ۽ مظاھرا ڪرڻ جو ڪوبه ڪم ڪونھي، ماٺ ڪري گھر ويھي رھو. ڪجھ ڌريون ۽ قوم پرست پنھنجي سياست کي چمڪائڻ ۽ پيپلز پارٽي جي بغض ۾ واويلا پيا ڪن. جڏھن وري عوام جو دٻاءُ وڌندو، تڏھن ٻولي ڦيرائي چوندا ته خورشيد شاھ ۽ نويد قمر جا اھي بيان ذاتي آھن، اھي بيان پيپلز پارٽي جا پاليسي بيان ناھن. ڊجيٽل آدمشماري وقت به پيپلز پارٽي جي ساڳي پاليسي ھئي. سنڌي عوام جي دٻاءُ کان پوءِ ڦرندڙ گھرندڙ بيان بازي ڪندا ۽ ڊجيٽل آدمشماري تي ڪوڙي ڍونگ طور اعتراض ڪندا ۽ خدشا ڏيکاريندا رھيا ۽ آخرڪار سي سي آئي جي اجلاس ۾ ان ڪوڙي بوگس ۽ فراڊي ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تي صحي ڪري سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيائون.

ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي به پيپلز پارٽي جي ساڳي سياسي حڪمت عملي رھي آھي. ڏاھن چيو آھي ته اڌ سچي ڳالھ ڪرڻ، ڪُوڙ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ تاريخ کي مسخ ڪرڻ برابر آھي. ڪجھ ڏينھن اڳ نثار کھڙي صاحب ھڪ صحافي جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي اھا دعوا ڪئي آھي ته ڪالاباغ ڊيم کي پيپلز پارٽي رد ڪرايو ھو ۽ اھڙي ريت ڪينال به ڪڍڻ ڪونه ڏينداسين، حالانڪه جڳ جھان کي خبر آھي ته چولستان ڪينال جو چيف آف آرمي اسٽاف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز افتتاح به ڪري ڇڏيو آھي. ان کان پوءِ وري 3 مارچ 2025ع جي “پنهنجي اخبار” ۾ اوڀايو خشڪ صاحب جو مضمون به نظر مان گذريو، جنھن انتھائي غير ذميواري ڪندي پورو سچ لکڻ بدران اڌورو سچ لکندي چيو آھي ته ڪالاباغ ڊيم ولي خان ۽ پيپلز پارٽي رد ڪرايو آھي. ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌو درياھ جي پاڻي تي گذريل ڏيڍ صديءَ کان جيڪي پنجاب جو حڪمران طبقو ڌاڙا ھڻندو، زور زبردستي ڪينال ڪڍندو اچي، ان تي رسول بخش پليجي صاحب کان وڌيڪ ڪنھن به سياستدان نه ڳالھايو آھي ۽ نه وري لکيو آھي. پر اوڀايو خشڪ صاحب کي رسول بخش پليجي صاحب، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي لازوال جدوجھد، ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪيل تاريخ ساز پيادل لانگ مارچن جو ڪوبه ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجھيو ۽ اھڙي ريت اڌ سچ لکي تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور  1994ع ۾ عوامي تحريڪ  ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويو ھو، ان وقت ھي نعرو مقبول ۽ مشھور ٿيو ھو ته، “ڀٽي جي نياڻي، ٿي سياڻي، ناھين اياڻي، واضح اعلان ڪر ته ڊيم نه ٺھندو”. ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياھ جي بچاءَ جو ھڪڙو ئي سگھارو آواز ۽ وڪيل رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ ھئي ۽ آھي، جيڪا اڄ به ڪينالن خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي وسيلي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وفاق کي ڏيڻ خلاف جدوجھد جي ميدان ۾ آھي. 1995ع ۾ پيپلز پارٽي جي وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر جڏھن بيان ڏنو ته، “غازي ٿيندس يا شھيد، پر ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺاھيندس”. ان وقت سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان خالي دلا ۽ مٽ کڻي جلوس ڪڍي کر جو پتلو ساڙيو ويو ھو. ولي خان برابر ڪالاباغ خلاف شروع کان وٺي جدوجھد ۾ شامل ھو. محترما بينظير ڀٽو صاحبه جو ڪالاباغ ڊيم خلاف موقف ڦرندڙ گھرندڙ رھيو ۽ ان وقت مخالفت ڪيائين، جڏھن اقتدار ۾ نه ھئي. ان ڪري ضروري آھي ته رڪارڊ درست ڪجي ۽ ڪالاباغ ڊيم بابت محترما بينظير ڀٽو سميت  پيپلز پارٽي جي وزيرن جا بيان اڄ به رڪارڊ تي موجود آھن. انھن کي به ھتي حوالي طور لکجي ٿو:

* 2 آگسٽ 1994 جي روزاني جاڳو اخبار جي خبر ھن ريت آھي: “ڪالاباغ ڊيم منصوبي ۾ ڦيرڦار ڪري انڊس ڊيم تعمير ڪيو ويندو”. (بينظير ڀٽو)

ڊيم جي تعمير سان ٿرپارڪر جي 35 لک ايڪڙ ۽ پنجاب جي 30 کان 40 لک ايڪڙ زمين آبادي لائق بڻجي ويندي. ھي سياسي مسئلو نه، پر ٽيڪنيڪي معاملو آھي. منھنجي خواھش آھي ته ٽيڪنيڪل ماھر ان لاءِ ‘ھا’ چون”. اخبار لکيو ته ھي انٽرويو اسلام آباد ۾ ورتو ويو. مڪمل انٽرويو 8 اگسٽ جي رنگين پرچي ۾ شايع ٿيندو. اھو سڄو انٽرويو رڪارڊ تي موجود آھي سائين اوڀايو خشڪ صاحب کي ضرور پڙھڻ کپي ته جيئن آئينده اھڙي غلط بياني ڪرڻ کان بچي پوي.

* 20 جنوري 1995ع جي روزانه جنگ ڪراچي جي پھرئين صفحي تي محترما جو بيان ڇپيو، “ڪالاباغ ڊيم ڪي منصوبي مين ردوبدل ڪرديا ھي، انڊس ڊيم ڪو يڪسر مسترد نه ڪيا جائي” (بينظير ڀٽو)

اھڙن بيانن سان ڪافي رڪارڊ موجود آھي.

* 1988ع ۾ پيپلز پارٽي اقتدار ملڻ شرط ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي فاروق لغاري کي پاڻي ۽ بجلي جي وزارت ڏني، 10 فيبروري 1989 تي فاروق احمد لغاري قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، “ڪالاباغ ڊيم کان سواءِ وڌيڪ 31 ڊيم ٺاھيا ويندا. انھن مان سنڌو نديءَ تي ئي 9 ڊيم ٺاھڻ جون رٿائون شامل آھن”. فاروق لغاري مسلسل ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مھم ھلائي.

* ان کان پوءِ غلام مصطفيٰ کر کي وزارت ڏني وئيم جنھن چيو ته غازي ٿيندس يا شھيد پر ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺاھنيدس. اھي ٻئي پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ وزير ھئا. فاروق لغاري صاحب کي ته پوءِ پيپلز پارٽي ملڪ جو صدر به ڪيو.

دراصل پيپلز پارٽي جا شروع کان وٺي ٻه وات رھيا آھن، يعني وفاقي وزيرن ۽ چونڊيل  نمائندن کان حمايت ۾ بيان ڏياربا ته سنڌ جي صوبائي نمائندن ۽ وزيرن کان وري مخالفت ۾ بيان بازي ڪرائبي. جيتريقدر ڪالاباغ ڊيم خلاف ملڪگير تحريڪ شروع ڪرائڻ ۽ ھڪ ئي ڏينھن تي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻا ھڻائڻ جي ڳالھ آھي، ان جو ڪريڊٽ محترم رسول بخش پليجي ۽ عوامي تحريڪ ڏانھن وڃي ٿو. رسول بخش پليجي صاحب خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ بلوچستان جا تفصيلي دورا ڪري مختلف سياسي، پارٽين جي اڳواڻن کي ھڪ ئي ڏينھن تي احتجاج ڪري ڌرڻا ھڻڻ لاءِ آماده ڪيو ھو. 18 مئي 1989ع جي پشاور مان نڪرندڙ اخبار “آج” ۽ “نوائي وقت” ۾ خبر لڳي ته اينٽي ڪالاباغ ڊيم فرنٽ جوڙڻ لاءِ رسول بخش پليجو پشاور پھچي ويو. پشاور ۾ ٻه ڏينھن ترسندو ۽ اي اين پي جي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪندو. 19 مئي 1998ع ۾ پليجي صاحب خيبر پختونخوا جو دورو ڪري آفتاب شيرپائو، بيگم نسيم ولي خان، اجمل خٽڪ، لطيف آفريدي سان ملاقاتون ڪيون. جون 1998 ۾ ان وقت جي وزيراعظم ميان نواز شريف ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ کان پوءِ ٽي وي تي خطاب ڪندي ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو اعلان ڪيو. پليجي صاحب جي ڪوششن ۽ ملڪگير دورا ڪرڻ کانپوءِ سڀ سياسي پارٽيون ڪالاباغ ڊيم خلاف گڏيل احتجاج ڪرڻ تي آمادہ ٿيون ۽ آخرڪار 10 آگسٽ 1989ع تي اينٽي ڪالاباغ فرنٽ طرفان ڪمون شھيد تي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن ۾ رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي، محترما بينظير ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ، ٿيا. ياد رھي ته ان وقت بينظير ڀٽو حزب اختلاف ۾ ھئي. ساڳي ئي تاريخ تي اٽڪ وٽ ولي خان جي اڳواڻي ۾ ۽ بلوچستان ۾ اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ ڌرڻا ھنيا ويا. مٿيون انتھائي مختصر ذڪر حوالن سان پيش ڪيو ويو آھي. اڳوڻي طئي ڪيل حڪمت عملي، پاليسي ۽ عادت مطابق پيپلز پارٽي جا حڪمران سنڌو درياھ مان ڪينال ڪڍڻ بابت ٻن واتن مان پيا ڳالھائين. سنڌي عوام کي پيپلز پارٽي جي انھن ٻن واتن مان نڪرندڙ گمراھ ڪندڙ بيانن، مڪر، کي سڃاڻڻ ۽ سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ھلندڙ جدوجھد کي وڌيڪ تيز سگھارو ۽ طاقتور ڪرڻ کپي.