ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واقع ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج ۾ مقامي شاگردن کان ڊالرن ۾ في وصولي تي پي ايم ڊي سي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان 27 نومبر تي جواب طلب ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ٻارن کي ڊالرن ۾ في ڏيڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڇا يونيورسٽي جو ڪم ڊالر ڪمائڻ آهي؟ ڪالهه ٻڌڻي دوران شاگردن جي وڪيل ٻڌايو ته ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج ۾ مقامي شاگردن کان ڊالرن ۾ في ورتي پئي وڃي، رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سبب شاگرد  لکين رپيا ادا ڪرڻ تي مجبور آهن، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل ٻڌايو ته اهڙو فيصلو ڊائو يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ڪيو آهي، شاگردن جي وڪيل بئريسٽر وهاب ٻڌايو ته ڊالرن ۾ في ادائگي لاءِ شاگردن کي بليڪ مارڪيٽ مان ڊالر خريد ڪرڻا  پون ٿا، عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج ۾ پرڏيهي شاگرد به پڙهن ٿا؟ جنهن تي وڪيل وراڻيو ته ڪجهه پرڏيهي شاگرد پڙهندا آهن، انهي ڪري يونيورسٽي ٻنهي شاگردن لاءِ ساڳئي ڊالرن ۾ في واري  پاليسي رکي آهي، عدالت ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج، پي ايم ڊي سي ۽ ٻين کان 27 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.