اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ دير جي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ سيد ظفر علي شاهه جي درخواست غير موثر قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سيد ظفر علي شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، سيد ظفر علي شاهه کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان چونڊون نٿا چاهين، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته چونڊون چاهيان ٿو پر جيڪي تاريخ جي حوالي سان ذميوار آهن انهن  خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. مون 22 مارچ 2023 جي چونڊون نه ڪرائڻ جو اليڪشن ڪميشن وارو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو هو. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون نه ڪرائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 8 فيبروري چونڊن جي تاريخ کان پوءِ هي درخواست غير موثر ٿي وئي آهي. عدالت اليڪشن متعلق ڪيس ترجيحي بنيادن تي ٻڌي رهي آهي. اوهان جي درخواست وقت تي مقرر نه ٿيڻ جو ذميوار ادارو ٿي سگهي ٿو آئون نه. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن اسان وٽ ڪنهن خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست ناهي ته پوءِ ڪيئن حڪم ڏئي سگهون ٿا. جنهن کانپوءِ عدالت درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.