ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ وفاقي وزير احسن اقبال پاران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ بابت سنڌ جي اعتراضن ۽ بحث کي بي بنياد قرار ڏيڻ توڙي ڪنهن صوبي پاران ٻئي صوبي جو پاڻي نه کڻڻ واري موقف کي رد ڪندي سندس موقف کي ڪمزور قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي نون ڪينالن 1991ع واري معاهدي تي عمل نه ٿيڻ بابت وفاق اڳيان سوال اٿاريندي چيو ته ڇا پنجاب وٽ ايترو پاڻي آهي جو چولستان ڪئنال کي ڀري سگهي؟ جڏهن سسٽم ۾ اضافي پاڻي ناهي ته وفاق نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندو؟.هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ احسن اقبال 1991ع جي معاهدي تحت صوبن جي پاڻي جو حصو مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا 1991ع واري پاڻي معاهدي تي مڪمل عمل ٿي رهيو آهي؟. هن چيو ته سالن کان پاڻي جي ورڇ ٺاهه جي پيرا ٽو تحت نه ٿي رهي آهي، وفاقي حڪومت ٻڌائي ته سنڌ جي اعتراض باوجود پاڻي ورڇ پيرا 2 بجاءِ ٿري ٽيئر فارمولا (تاريخي فارمولا) تحت ڇو پئي ٿئي؟ نثار احمد کهڙي چيو ته احسن اقبال صاحب، جيڪڏهن ڪو صوبو ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي ته پوءِ تونسا کان گڊو بئراج تائين پمپنگ مشينون لڳائي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪيئن چوري ڪيو پيو وڃي؟  هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان به نواز شريف ڪيو هو،پر سنڌ جو ردعمل ڏسي کين ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کڻڻو پيو هو. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته سنڌ کي نون ڪينالن جو منصوبو قبول ناهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جو آواز ٻڌي نون ڪينال جو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري