واشنگٽن: فارن پاليسي ميگزين جو چوڻ آهي ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي دوست عمران خان کي آزادي ڏياري سگهندو يا ان لاءِ ڪوششون وٺندو؟ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ جي کٽڻ کانپوءِ پاڪستاني سياست ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. رپورٽ موجب جڏهن ٽرمپ صدر هو ته هو ان وقت جي وزيراعظم عمران خان سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪئي ۽ ان کي سٺو دوست قرار ڏيندو رهيو هو. هاڻي سندس ٻيهر صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ سوال ٿي رهيا آهن، فارن پاليسي ميگزين جي ڊائريڪٽر مائيڪل ڪوگل مين جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جي پنهنجي چونڊ مهم دوران عمران جي باري ۾ خاموشي ظاهر ڪري ٿي ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان امڪاني طور تي ان جي ترجيحي فهرست ۾ ناهن.