ڇا وڏيرڪي سسٽم سان سينو ساهڻ آسان رهندو

0
40
ڇا وڏيرڪي سسٽم سان سينو ساهڻ آسان رهندو

 استحصالي ۽  ظالم نظامن خلاف محڪوم قومن جون جنگيون طويل هونديون آهن. انهن جنگين جو ٻارڻ به سدائين مظلوم طبقو ئي ٿيندو آهي. ظلم ۽ جبر خلاف پيڙيل طبقي جي ويڙھ به تمام پُراڻي آهي. تاريخ گواھ آهي ته ظالم ۽ درنده سوچ ماڻهن سدائين دولت جي ڏڍ تي هيڻن ۽ مسڪينن کي ٽانڊا ڏنا آهن، پر اُهي ئي ٽانڊا ڪڏهن ڪڏهن انهن جي پنهنجي پيرن هيٺيان به ايندا رهيا آهن. مگر اهو سڀ ڪجھه ايترو آسان نه آهي! مظلوم طبقن جي جدوجهد جي تاريخ رت جو ريج گهرندي آهي، ان کانپوءِ ئي ان سرزمين تي امن جا  گُلاب ڦٽا آهن، پکين مٺيون لاتيون لنويون آهن ۽ پوپٽن انهن گُلن تي ڀيرا ڏنا آهن. ڏاڍ ۽ هيڻائي جو ٽڪر ازل کان هلندو پيو اچي. ڏاڍي سدائين هيڻي کي ڪمتر سمجهي ان جي عزتِ نفس، جذبن ۽ غيرت تي وار ڪيو آهي ۽ غريب جي انڪار جي صورت ۾ پنهنجو قهر انهن تي ٽوڙيو آهي. چوندا آهن ته ڪابه جنگ مري ڪري کٽي ناهي ويندي مگر ڪافي جنگيون اهڙيون ٿي گذريون آهن جيڪي مري ڪري کٽيون ويون آهن! اڪثر موقعن تي انسان جي انتها ئي اُن جي ابتدا ثابت ٿي آهي. (يعني ان جي هار ئي ان جي جيت بڻي آهي). مسيح مصلوب ٿيڻ کانپوءِ خدا بڻيو، منصور سُولي چڙهڻ کانپوءِ مشهور ٿيو. تبريز جي کل لاٿي وئي تڏهن شمس تبريزي بڻيو، شاھ عنايت  مزاحمت ڪندي ساٿين سميت ماريو ويو ان کانپوءِ ئي ان جي تحريڪ اُٿي، وڏي ۾ وڏو مثال ڪربلا جو آهي، امام حسين کي ڪربلا ۾ ڪُٺو ويو تنهن کانپوءِ سندس شروعات ٿي. اهڙا گهڻا ئي مثال آهن. ان ڪري مشڪلن يا موت جي خوف کان ڊڄي جيڪڏهن اسان پنهنجي مقصد تان هٿ کڻنداسين ته مقام ماڻي نه سگهنداسين.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته قدرت ۽ ماحول سان محبت ڪندڙ شهيد ناظم جوکيي جو خون  مظلومن جي مزاحمت سان ظالم وڏيرڪي سسٽم لاءِ ڳچيءَ جو ڦندو ثابت ٿئي، سماج تي مسلط هن دقيانوسي سسٽم مان جان آجي ڪئي وڃي. وڏيرڪو سسٽم خونخوار ٿي چڪو آهي، هنن وڏيرن وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جي جان، مال ۽ عزت جي ڪا اهميت ناهي. وڏيرڪي سسٽم کي غرض ۽ دلچسپي صرف دولت جمع ڪرڻ ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ آهي. ان لاءِ هُو (وڏيرو) ان حد تائين وڃي سگهي ٿو جو راڄ جا ننگ کڻائي سگهي ٿو، دنگو، فساد ۽ فتنو ڦهلائي سگهي ٿو، ڪنهن کي به پنهنجي اوطاق تي فيصلي وغيره جي بهاني گهرائي پنهنجي واٺن کان مارائي سگهي ٿو. ان حوالي سان ناظم جوکيي جو مثال اسان جي اکين اڳيان آهي. ناظم جوکيو هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ ڪو پهريون شخص ناهي جيڪو خُوني وڏيرن جي ظلم جو شڪار بڻيو هجي، هتي سوين سالن کان ڪيترائي ناپسنديده مسڪين ناظم جوکيا وڏيرن پنهنجي اوطاقن تي گهرائي رات جي انڌيري ۾ مارائي ڇڏيا. سماج ۾ هر برائي جو ذميوار وڏيرو ئي آهي. هي وڏيرو دولت ۽ پئسي خاطر پاڻ کان مٿين ليول جي ماڻهن جي وري هر قسم جي دلالي ڪرڻ کي فخر سمجهندو آهي. کيس مٿين جي ”آشيرواد“ سان سدائين ٻه نمبري ڪم ڦٻي به ويندا آهن. ڪٿي ڦاسڻ جي صورت ۾ (مٿي ويٺل سندس آقا) سندس مدد لاءِ  هيٺ لهي ايندا آهن، جنهن ڪري هي ”مڪافاتِ عمل“ جهڙي دنياوي جزا مان به سدائين بچي ويندو آهي. مگر هينئر ان وڏيري کي فرار جو ڪو به رستو نه ملڻ کپي. نه ته مايوسي ۽ نااميدي پيڙيل طبقي کي ويتر پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي. اهڙي صورت ۾هنن وڏيرن جي دل ويتر وڏي ٿي ويندي ۽ هُو پنهنجي هر ڪُڌي عمل کي سرِعام ڪندي ڪنهن کان به خوف محسوس نه ڪندا. اها ڳالھه به پڌري پٽ  آهي ته هي وڏيرا ڪوبه فيصلو انصاف ۽  قانون  پٽاندڙ ناهن ڪندا، مگر هي هر اُن شخص جي جانبداري ڪندا آهن جيڪو سڻڀي ڌُر سان تعلق رکندو آهي ۽ ان شخص کي ڪوڙو ڪري ڇڏيندا آهن جنهن وٽان کين ڏوڪڙ ناهن ملندا. ٻيو ته ٻن ماڻهن کي ٺاهڻ انهن جو ڪم ناهي هوندو بلڪه انهن ۾ اختلاف وڌائي منجهن دشمني پيدا ڪرڻ انهن جو منصوبو هوندو آهي ته جيئن سندن ”ڪاروبار“ هلندو رهي.

جيڪي وڏيرا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي اڳيان ڪڪڙ ٿي بيهندا آهن، سي پنهنجي تر ۾ مسڪينن لاءِ وري شِڪرا هوندا آهن.. سندن سَندرو ئي ڪمزور کي سَتائڻ تي ٻڌل هوندو آهي!

اُس درِ عدل پي ڪيا ڪري ڪوئي ڪه جهان،

سِي ديي جائين لَب فرياد اگر ڪي جائي.