اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ گلگت بلستسان جي اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقرري ڪيس تي لاجر بينچ جوڙڻ وارو معاملو ججز ڪاميٽي کي موڪلي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڀارت ته ڪشمير کي هڙپ ڪري ڇڏيو. ڪشمير ۽ جي بي جو حصو اسان وٽ آهي اُتي ريفرنڊم ڪرايو وڃي. اقوام متحده کي گهرايو راءِ ورتي وڃي. چيف جسٽس چيو ته ڇا وفاقي حڪومت جڙي وئي آهي. وزير اعظم ڪير آهي؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گلگت کي صوبائي حيثيت ڏئي آئيني وهڪري ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا پر ڪجهه عالمي ڪنونشنز رنڊڪ بڻيل آهن. چيف جسٽس چيو ته گلت بلتستان جي ماڻهن کي معلوم ئي ناهي ته انهن جي آئيني حيثيت ڇا آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ريفرنڊم اقوام متحده ئي ڪرائي سگهي ٿي. چيف جسٽس چيو ته مون کي معلوم ناهي صرف اوهان کان معلوم ڪري رهيا آهيون ته ائين ٿي سگهي ٿو يا نه؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مناسب هوندو ته نئين حڪومت ٺهڻ جو انتظار ڪيو وڃي. وزير اعظم جي بي ڪونسل جو چيئرمين هوندو آهي. عدالت معاونت لاءِ گلگت بلستستان بار ڪونسل ۽ سپريم ايليٽ بار ايسوسئيشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڇا وفاقي حڪومت جڙي وئي آهي. وزير اعظم ڪير ٿيو آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته حڪومت ناهي ٺهي. ٻڌو آهي 29 فيبروري تي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيندو. جنهن بعد عدالت ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.