ڇا هڪ ماءُ پنهنجي ٻچن کي قتل ڪري سگهي ٿي؟

0
52
ڇا هڪ ماءُ پنهنجي ٻچن کي قتل ڪري سگهي ٿي؟

هڪ ماءُ ٻن ٻچن جي قاتلا ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ سوال اهم آهي، نوابشاهه ۾ ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ 23 سالن جي عورت مسمات ڪومل شيخ پنهنجن ٻن معصوم ٻارڙن کي هن وقت جي تصديق شده خبرن تائين ڪُھي قتل ڪيو آهي، جنهن پاڻ پنهنجي مڙس جي چاچي ڏانهن فون ڪئي ته مونکان هِي مسئلو ٿي ويو آهي، جيڪو ٿڏي تي پهتو ۽ اُن انهيءَ وقت پنهنجي ڀيڻ کي اطلاع ڏنو، تنهن کان پوءِ ڪومل جي مڙس ڏي فون ڪال ڪئي، ان دوران ذريعن موجب، مڙس جي چاچي ڪومل کي ڪجهه به نه چيو. ذريعن اِهو به ٻڌايو آهي ته، عورت صبح جو مڙس کي ڪال ڪئي هئي، جنهن سندس ڪال نه کنئي هئي. پوليس کي جڏهن اطلاع مليو ته پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻي وئي ۽ عورت کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ اسان جي ڳالهه ٻولهه ايس ايس پي نوابشاهه تنوير تنيو سان ٿي، جنهن ٻڌايو ته عورت گرفتار آهي، عورت جي ذهني توازن جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڇو جو هن وقت خاموش آهي ۽ بيان ڏنو اٿس ته اُن پاڻ ٻن پٽن کي قتل ڪيو آهي. سڀاڻي عورت جو ميڊيڪل چيڪ اَپ ٿيندو، دماغ واري ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ويندو، جنهن سان گهڻيون شيون واضح ٿي وينديون. هُن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، وارثن کي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي، جيئن ئي وارث ايندا ته ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، جيڪڏهن نه ته رياست طرفان به ايف آءِ آر داخل ٿي سگهي ٿي.

هاڻ اِتي اِهو سوال ذهن ۾ ڪَرُ کڻي ٿو ته، آخر هڪ ماءُ! دنيا ۾ جنم ڏيندڙ، اولاد جي پالنا ڪندڙ، کيس ٿَڃُ پياريندڙ، ٻار جي ڏُکَ سُکَ کان ويندي هر خوشي، راند جو خيال ڪندڙ پاڻ کي بُکَ تي سمهاري اولاد جي پيٽ جو خيال ڪندڙ، راتيون اُوجاڳا ڪري کيس وڏو ڪندڙ، سندس تعليم لاءِ ڪشالا ڪندڙ، اولاد جي ڪاميابي لاءِ مُصلو وڇائيندڙ، هڪ ماءُ! هڪ ماءُ ائين ڪيئن ڪري سگهي ٿي، اُها پاڻ پنهنجي سڳي اولاد جو ساهه ڪيئن ٿي ڪڍي سگهي؟ پيارا پڙهندڙو! هِي واقعو گذريل ڏينهن ٿيو آهي ۽ آئون اڄ ان تي لکي رهي آهيان، هن وقت اڃان معلومات رهيل آهي ته آخر ان جي پٺيان سچ ڇا آهي؟ ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ پر هيستائين جي نتيجن موجب، ذهن ۾ سوال اُڀرن ٿا ته ڇا هڪ عورت اُها به ماءُ، اهڙي اَذيتناڪ موت پنهنجي اولاد کي ڏئي سگهي ٿي، اهڙا واقعا ٻه ٽي پهريان به رپورٽ ٿيا آهن، هڪ ته اولاد کي ماري ماءُ پاڻ کي به قتل ڪيو هجي، ڪنهن آشنا جي ڪري عشق ۾ اچي اولاد جو قتل ڪيو هجي، گهرو اڻبڻت جي ڪري ڪاوڙ، شديد غصي ۾ ائين ڪيو هجي يا آخري ۽ پهرين لڪير ته ماءُ به ذهني بيماريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿي. اُها ان بيماريءَ ۾ پنهنجي ئي اولاد کي قتل ڪري سگهي ٿي، ميڊيڪل سائنس اهڙين ذهني بيمارين کي گهڻا ئي نالا ڏنا آهن، جنهن ۾ مسلسل ڊپريشن ۾ رهندي ماڻهو شيزو فرينڪ يا ٻين ذهني بيمارين جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جنهن سان هُو ڪنهن کي به نقصان ڏئي سگهي ٿو، اِها بيماري مرد، عورت ۽ نوجوانن ۾ اڄڪلھ عام ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ماڻهو ڪُوڙ ڳالهائڻ، گهڻو جذباتي رهڻ، ڳالهيون لڪائڻ، پنهنجو پاڻ کي بچائڻ خاطر ڪهاڻيون جوڙڻ لڳندو آهي، ڪاوڙ حد درجي جي رهندي آهي، ايتري قدر جو هُو ڪنهن جي جان به ڪڍي سگهي ٿو، ٻه ٻه ڏينهن ماني ناهي کائيندو، وهنجڻ کان چڙ رهندي اَٿس، ڪجهه حد درجي جا صفائي پسند ته ڪجهه صفا گدلاڻ ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن، اهڙن مريضن جو مڪمل علاج ڪجهه سال هلندو آهي، جنهن کي ميڊيڪل جي دوائن سان گڏ گهر جي ڀاتين جو ساٿ، دوستن جو ساٿ ضروري هوندو آهي، سڀ کان وڌيڪ اهڙو ماحول ڏيڻ، جنهن سان هُو بهتر ٿي سگهي.

خاص ڪري سٺا دوست اهڙي ذهني بيماري ۾ دلچسپ ڪردار ادا ڪري سگهندا آهن، ڪجهه ٻيون به ان قسم جون ذهني بيماريون آهن، جن جو مسلسل علاج بيماريءَ کي ڪنٽرول ۾ رکندو آهي  ۽ بيمار عام نارمل زندگي گذاريندو آهي، سياري جي موسم ۾ اهڙن مريضن جي حرڪتن ۾ شدت اچي ويندي آهي، ان لاءِ ان جو سندس گهر وارا خاص خيال رکندا آهن، اهڙا مريض پاڻ کي به نقصان ڏيندا آهن. ڊاڪٽرن موجب، اهڙا ڪجهه مريض تمام گهڻا سياڻا هوندا آهن، ان مسئلي تي جڏهن پروفيسر ڊاڪٽر عنايت اعواڻ سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته ان ٻڌايو ته اهڙا مريض دوائن ذريعي بهتر زندگي گذاري سگهن ٿا، ايتري قدر جو هُو اسان ڏانهن پاڻ ايندا آهن ته ڊاڪٽر صاحب هن وقت مان پنهنجو پاڻ کي بهتر محسوس نٿو ڪريان يا نٿي ڪريان، پوءِ اسان ڏسندا آهيون ته ان جو دوائن سان بهتر علاج ٿي سگهي ٿو يا ان کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هُو ٺيڪ ٿي گهر ويندا آهن، ان وچ ۾ هُو ڊاڪٽر سان رابطي ۾ مسلسل رهندا آهن . هاڻ ٿي سگهي ٿو ڪومل کي ڪا ذهني بيماري هجي، علاج هلندڙ هجي يا ان تي ڪنهن توجھ ئي نه ڏني هجي ته عام ڪاوڙ يا جذباتي پڻو آهي، ان جو ڇا علاج يا ٽوڻي ڦيڻي سان ٺيڪ ڪرڻ جو رستو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پر پيارا ساٿيو، اهڙا ذهني مريض علاج سان ئي بهتر ٿيندا آهن .هاڻ اَچون ٻئي پاسي تي ته جيڪڏهن ذهني مريض نه هجي ته ڇا ٿي سگهي ٿو. گهريلو جهيڙا؟ گهريلو جهيڙا به ته ذهني بيمارين کي جنم ڏيندا آهن ۽ ماڻهوءَ ۾ شدت اچي ويندي آهي، انهن ۾ اِها سوچ شدت اختيار ڪندي آهي ته هي ڪم ڪرڻو آهي ته ڪرڻو آهي، ضرور ڪرڻو آهي، گهريلو اڻبڻت شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، ان سان ڪيئي گهر تباهه ٿيا آهن، ٽُٽي ويا آهن، ٻار هوندي به جوڙا نه هلي سگهندا آهن يا هڪٻئي کي نقصان ڏيندا آهن يا طلاق جو، خلع جو رستو اختيار ڪندا آهن.

ٽيون شڪ ڇا ٿي سگهي ٿو، جنهن تي جاچ ڪري سگهجي ٿي، ماءُ کي ٻارن شديد تنگ رکيو، هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ۽ اُن ايڏو قهري قدم کڻي ڇڏيو! چوٿون شڪ پنجون شڪ! شڪ گهڻا ئي ٿي سگهن ٿا پر پوليس گهرندي آهي شهادتون، جيڪا عورت پاڻ تسليم ڪري رهي آهي ته اُن پاڻ قتلَ ڪيا آهن، ڇا عورت ڪورٽ ۾ بيان ۾ اِهو سڀ تسليم ڪندي؟ اِهو به پنهنجي منهن هڪ سوال آهي! ته پوءِ ڳالهه ختم پر ڳالهه ختم تڏهن ٿيندي، جڏهن وارث ايف آءِ آر نٿا ڪرائڻ چاهين پر جي ٻارن جي پيءُ همت ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرائي ته ڪيس هلندو، شهادتن ۽ ميڊيڪل جي بنياد تي ڏوهه تسليم ڪرڻ جي بنياد تي عورت کي سزا ايندي، جيڪڏهن وارث ايف آءِ آر نٿا ڪرائين ته رياست فريادي ٿيندي ۽ جيڪڏهن رياست فريادي ٿئي ٿي، تڏهن به ڪيس هلندو پر ان ۾ مائٽ ڪوشش ڪندا ته عورت بچي وڃي. هاڻ آخري سوال توهان کان آهي ته ايڏو قھري ظلم ڪرڻ واري جيڪڏهن سالم دماغ آهي ته بچڻ گهرجي؟ توهان جو جواب الائي ڪهڙو هوندو؟ پر منهنجو جواب انصاف ڀريو هوندو ته جيڪڏهن عورت جو ذهني توازن ٺيڪ آهي ۽ اُن ايڏو قھري ظلم ڪيو آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي، ڇو جو اُن هڪ به نه ٻه جانيون وڃايون آهن، ٻه ساھ ڪڍيا آهن. جيڪا سالم دماغ جي ماءُ ڪڏهن نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن ممتا ڪومل کان آخري سوال ڪري ته اُهو هوندو سالم دماغ نه هُئين ته تنهنجا هٿ پاڻ طرف ڇو نه وڌيا؟ جي سالم دماغ هُئين ته هِي قھر ڇو؟!