ڇا هن سال ٻوڏ ايندي؟

0
90
ڇا هن سال ٻوڏ ايندي؟

 دنيا جتي صنعتي ترقي جا مزا ماڻيا آهن. اتي انهي ترقي جي منفي اثرن کان به محفوظ نه رهي آهي. دنيا ۾ صنعتي انقلاب جي ڪري پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ ڪوئلي جي استعمال وڌڻ سان ماحول ۾ زهريلي گيسن جي واڌ ٿيڻ شروع ٿي. ٻي طرف دنيا جي آبادي ۾ بي تحاشا اضافي جي ڪري وڌندڙ آبادي جي رهائش، روزگار ۽ کاڌ خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ  ٻيلن، ڍنڍن، ڍورن، ساوڪ ۽ مال چارڻ وارن مخصوص علائقن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي. ٻي طرف وڌندڙ آبادي جي کاڌ خوراڪ کي پوري ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ پاڻي جي استعمال وڌڻ ڪري، دريائن تي ڊيم ٺهڻ شروع ٿيا. ڊيمن ٺهڻ ڪري درياھ ۾ پاڻي گھٽ اچڻ ڪري ڪچي ۽ انڊس ڊيلٽا  ۾  آباد ٻيلا به گهٽجي ويا. ٻيلن گهٽجڻ ڪري موسمي تبديلين جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا. انهي ۾ برساتن جو گهٽ پوڻ، گرمي پد وڌڻ شامل آهي. صنعتي ترقي ڪري دنيا جي ماحول ۾ ايندڙ تبديلي شروع ۾ ته غير محسوس ڪئي وئي، پر اڄ کان ڪوئي، اٺاويهه سال پهرين دنيا جي ماحولياتي سائنسدانن انهي کي شدت سان محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ماحول ۾ شامل ٿيندڙ زهريلي گئسن تي ضابطو نه آندو ويو ته اڳتي هلي هي زمين جاندارن جي رهڻ جي لائق نه رهندي. انهي ڪري دنيا جي مختلف ملڪن طرفان پيرس ۾ هڪ ميڙ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته زمين تي جاندارن جي رهڻ جي لائق رکڻ لاءِ ضروري آهي ته زمين جو گرمي پد صنعتي انقلاب کان پهرين گرمي پد جي مقابلي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان نه وڌڻ گهرجي. انهي تي عمل ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته دنيا جا ترقي يافتا ملڪ پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ ڪوئلي جي استعمال جي بجاء ٻئي ماحول دوست طريقن کي رائج ڪن. انهي تي عمل ڪرڻ سان دنيا ۾ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن تي اثر پوڻ جو خدشو هو، انهي ڪري پيرس معاهدي تي ڪو خاص عمل نہ ڪيو ويو.

ماحولياتي تبديلي صرف گرمي پد وڌڻ جو نالو نه آهي، پر انهي ۾ ٻوڏون، ڏڪار، سمنڊ جي سطح وڌڻ، گليشير (برفاني جبل) جو تيزي سان ڳرڻ، پاڻي کوٽ، جهنگ ۽ ٻيلن ۾ پاڻمرادو باهيون لڳڻ, سامونڊي طوفان ۽ حيات زندگي  ۾ گهٽتائي شامل آهي. دنيا ۾ مڙئي ملڪ ماحول ۾ زهريلي گيس جي واڌ جا گھٽ وڌ  ذمعدار آهن. 2020 ۾ دنيا جي ماحول ۾ شامل ٿيندڙ زهريلي گيسن جو اڌ، دنيا جي ستن وڏن ملڪن جهڙوڪ، آمريڪا، روس، يورپي يونين، چين، هندستان، انڊونيشيا ۽ برازيل طرفان آهي. پيرس ٺاهه ۾ اهو طئي ٿيل آهي ته 2030 تائين مدار ۾ داخل ٿيندڙ زهريلي گيسن کي اڌ واڌ گهٽايو ويندو ۽ 2050 تائين اهو مقدار ٻڙي هوندو. اهو سڄو ترقي يافته ملڪن تي مدار رکي ٿو ته هو ان تي ڪيترو عمل ڪن ٿا. دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين تي ضابطي آڻڻ لاءِ ترقي پذير ملڪن کي سيڙپ لاءِ هڪ وڏي رقم جي ضرورت آهي. انهي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي کپي ته انهن طرفان ترقي پذير ملڪن لاءِ اعلانيل هڪ سو ارب ڊالر ساليانو ڏين ته جيئن هو پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن. ماحولياتي تبديلين ڪري پناما پنهنجي ملڪ جو هڪ ننڍو ٻيٽ خالي ڪري اتي رهندڙ 1200 ماڻهن کي اتان لڏائي، مٿانھين واري هنڌ تي آڻي رهايو آهي. پناما ۾ 40 ٻيا اهڙا ٻيٽ آهن، جيڪي سطح سمنڊ کان 1.5 کان 3.0 فوٽ مٿي آهن. اهي به خطري ۾ آهن. انڊس ڊيلٽا جا چار ضلعا پڻ سطح سمنڊ وڌڻ ڪري سمنڊ دوز ٿيڻ جي خطري هيٺ آھن.

ماحولياتي تبديلي ڪري پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي. انهي ماحولياتي تبديلي ڪري 2022 ۾ ملڪ ۾ آيل برساتي ٻوڏ ڪري هڪ اندازي مطابق ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ملڪي معيشيت کي پهتل نقصان ان کان علاوه آهي. موجوده وقت دنيا جي موسمي صورت حال النينو کان لانينو طرف وڌي رهي آهي. النينو ڪري سطح  سمنڊ جي گرمي وڌيل هوندي آهي، جڏهن ته لانينو ۾ سمنڊ سطح ٿڌي هوندي آهي. لانينو ۾ وري برساتون معمول کان وڌيڪ پونديون آهن. تازو سائوٿ “ايشيا ڪلائيميٽ آئوٽ لڪ فورم” طرفان ڏکڻ ايشيا ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. انهي مطابق پاڪستان ۾ اترين علائقن ۾ گهڻي گرمي رهندي ۽ سڄي ملڪ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون وسنديون. انهي صورت حال ۾ اهو سوال اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته ڇا هن سال ٻوڏ ايندي؟ اچو ته انهي جو جواب ڳوليون.

ٻوڏ ٻن قسمن جي هوندي آهي. هڪ دريائي ٻوڏ، ٻي برساتي ٻوڏ ملڪ ۾ ايندڙ ٻنهي طريقن سان ٻوڏ جو اثر سنڌ تي تمام گهڻو ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ جو ملڪ جي سڀني دريائن جي پاڻي جو نيڪال سنڌ ذريعي  سمنڊ ۾ آهي. ٻي طرف برساتي ٻوڏ جو پاڻي خاص ڪري ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي کيرٿر واري علائقي جو پاڻي سنڌ مان نيڪال ٿئي ٿو.

درياهه ۾ ٻوڏ جو مکي سبب اترين علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ ۽ برساتون وسڻ  ڪري گليشير تيزي سان ڳرڻ شروع ڪن ٿا ۽ درياهه ۾ پاڻي آمد ۾ اضافو ٿيندو آهي، جيڪو ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وري ملڪ ۾ غيرمعمولي برساتون وسڻ ڪري دريائن ۾ پاڻي آمد ۾ غير معمولي  اضافو ٿي ويندو آهي. جيئن 2010 ۾ ڪوهه سيلمان تي غيرمعمولي برساتون وسڻ ڪري سنڌو درياهه جيڪو تونسا وٽ اڳئي مهاٻوڏ واري درجي کي پهتل هو، ان ۾ اهو پاڻي تونسا بئراج ۽ گڊو بئراج جي وچ ۾ شامل ٿيڻ ڪري، گڊو بئراج تي تاريخي ٻوڏ آئي، سنڌ درياهه جي بندن ۾ گهارن پوڻ ڪري جيڪب آباد کان دادو تائين ۽ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو. 2022 ۾ ملڪ ۾ غير معمولي برساتن ڪري، بلوچستان جي اوڀرندي علائقي واري کيرٿر جبل تي وسندڙ برسات جو پاڻي سنڌ ۾ آيو، جنهن ڪري جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعو سخت متاثر ٿيا. 2022 واري برساتي آفت ۾ سڄي سنڌ متاثر ٿي. انهن آفتن جو اثر ننڍن ٻارن ۽ عورتن تي تمام گهڻو پيو. اڄ به ملڪ ۾ تقريبن هڪ ڪروڙ ٻوڏ کان متاثر ٻار بنيادي انساني سهولتن کان وانجهيل آهن. انهي مان وڏو حصو سنڌ جي ٻارن جو آهي. سنڌ جنهن ۾ اڳئي چاليهه لک ٻار تعليم کان محروم آهن، انهي لاءِ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل بنيادي دانچو جن ۾ پرائمري اسڪول رود رستا اسپتالون ۽ گهر شامل آهن جي ٻيهر بحالي جو ڪم هڪ وڏو مسئلو آهي. انهي ڪري جيڪڏهن هن سال وري ٻوڏ آئي ته اها سنڌ کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيندي.

ملڪ ۾ وڌيل گرم پد ۽ عالمي موسمياتي ماهرن جي چوڻ مطابق هن سال ملڪ ۾ درياهي ۽ برساتي ٻوڏ جو انديشو آهي. انهي ڪري سنڌ حڪومت کي کپي ته احتياطي تدبيرن تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪري. 2011 جي غيرمعمولي برساتي پاڻي نوابشاهه کان بدين تائين سڄو علائقو متاثر ٿيو هو. انهي جو سبب ليفٽ بينڪ آئوٽ ڊرين ٺهڻ هو. ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين ٺهڻ ڪري پاڻي جا قدرتي نيڪال جا لنگهه بند ٿي ويا هئا. 2012 ۾ سيڊا طرفان هڪ رپورٽ ۾ انهن سڀني بند ٿيل قدرتي لنگهن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي ۽ انهن کي فعال بنائڻ لاءِ هڪ منصوبو ٺاهيو هو، پر ان تي عمل نه ٿيڻ ڪري 2022 ۾ وري ميرپور خاص ۽ بدين ضلعو متاثر ٿيا. ٻي طرف بلوچستان کان ايندڙ برساتي پاڻي جيڪو منڇر ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو، 2022 ۾ آيل آفت جي نتيجي۾ انهي مان سنڌو درياهه ۾ نيڪال جو بندوبست ڪيو وڃي ته جئين هن دفعي سيوهڻ ۽ دادو ٻڏڻ کان بچي سگهن. سنڌ حڪومت کي دريائي بندن تي پڻ خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي 2022 واري ٻوڏ متاثر ننڍن ٻارن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ مناسب سار سنڀال لاءِ عالمي ادارن جي تعاون سان اڳواٽ انتظام ڪرڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو ٻيهر ٻوڏ اچي تہ سنڌ جا ماڻھو هڪ دفعو  وري پنھنجو الھو تلھو وڃائي پناھ لاء چادر ۽ چارديواري کان سواء رستن، واهن ۽ بندن تي هجن ۽ اسان پنهنجي ايندڙ نسل جي هڪ وڏي حصي کان محروم ٿي وڃون.