ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري ۾ غير قانوني اڏاوت ٿيل 7 ماڙ عمارت عدالتي حڪم باوجود ڊهي نه سگهي، عدالتي حڪم تي بلڊنگ ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کهڙو اڌ ڪلاڪ اندر عدالت پهتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ پٽيندي عدالت چيو ته ڇا توهان جي نوڪري صرف تفريح لاءِ آهي؟ وڃو فوري طور بلڊنگ کي ڊاهي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لياري ۾ غير قانوني طور اڏيل 7 ماڙ عمارت نه ڊاهڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل کي فوري طلب ڪيو. جيڪو اڌ ڪلاڪ اندر ڪورٽ پهتو، جسٽس نديم اختر ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته عدالتي حڪم باوجود عمارت اڃا تائين ڇو ناهي ڊاٺي وئي؟ ڇا بلڊر ايترا بااثر آهن جو اوهان به ڊڄو ٿا؟ ڇا توهان جي نوڪري صرف تفريح لاءِ آهي، اسان کي خبر آهي ته ايس بي سي اي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ توهان جون ڪاميابيون دنيا کي معلوم آهن، عدالت عمارت جي اڏاوت جي منظوري ڏيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو پر اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، عدالت فوري طور غير قانوني اڏاوت ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي ڏکڻ ضلعي جي ڊي سي ۽ ايس ايس پي کي ايس بي سي اي آفيسرن سان تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.