ڇا نواز شريف کي اقتدار مان هٽائڻ جو ڪفارو ادا ڪيو پيو وڃي؟

0
85
ڇا نواز شريف کي اقتدار مان هٽائڻ جو ڪفارو ادا ڪيو پيو وڃي؟

 اڳوڻو وزير اعظم ميان نواز شريف لڳ ڀڳ چئن سالن تائين لنڊن ۾ رهڻ بعد اڄ 21 آڪٽوبر 2023ع تي ملڪ واپس اچي رهيو آھي. نواز شريف کي عمران خان جي حڪومت ۾ پليٽليٽس گهٽجڻ سبب نومبر 2019ع ۾ عدالت چئن هفتن لاءِ پرڏيھ علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني هئي پر نواز شريف چئن هفتن بجاءِ جڏهن لڳ ڀڳ چئن سالن بعد ملڪ واپس اچي رهيو آھي ته عدالت کيس 24 آڪٽوبر تائين حفاظتي ضمانت به ڏئي ڇڏي آھي. ان عدالتي فيصلي تي تنقيد به ٿي رهي آھي ته حيرت جو اظهار به ڪيو پيو وڃي پر نواز ليگ جا اڳواڻ ۽ ان جا همدرد ان فيصلي تي خوش آھن. ان فيصلي بعد کين پنهنجو سياسي سفر ڪاميابين طرف ويندي محسوس ٿي رهيو آھي. نواز شريف کي 24 آڪٽوبر تائين حفاظتي ضمانت ملڻ جو مطلب ته نواز شريف جيڪو جيل مان نڪري علاج لاءِ لنڊن ويو هو اهو اڄ جڏهن ملڪ واپس ايندو ته ان کي 24 آڪٽوبر تائين گرفتار نه ڪري سگهبو. ائين نواز شريف مينارِ پاڪستان تي رٿيل پاور شو واري جلسي کي بنا گرفتاري جي خوف جي خطاب ڪري سگهندو پر حفاظتي ضمانت 24 آڪٽوبر تائين ملڻ ڪري مونکي نٿو لڳي ته نواز شريف مينارِ پاڪستان جي جلسي کي ڪو انقلابي خطاب ڪري سگهي. اگر ان جلسي ۾ انقلابي خطاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ 24 آڪٽوبر بعد نواز شريف جيل ۾ هوندو يا سياسي سرگرميون ڪندي نظر ايندو، ان بابت هر ڪو اندازو ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آھي ته سياست تي نظر رکندڙ اهو سمجهن ٿا ته نواز شريف طئه ٿيل حڪمت عملي کان ٻاهر نه نڪرندو. عمران خان تي تنقيد ڪندو، ان تي نوازشن جو ذڪر ته ڪري سگهندو پر اهو ڏسڻ وٽان هوندو ته اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وقت نواز شريف اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا ۽ اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد جا نالا کڻي سگهي ٿو يا نه! ڏسڻو ته اهو به آھي ته مينارِ پاڪستان ۾ نواز شريف جي پاور شو جو ملڪي سياست تي ڪهڙو اثر پوي ٿو.

اوهان کي ٻڌايان ته نواز شريف کي  دبئي کان کڻي ايندڙ جهاز اڄ پهريان اسلام آباد ايئرپورٽ تي ايندو. نواز شريف جو اسلام آباد ايئرپورٽ کان ٻاهر اچي ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻ سوڌو اسلام آباد شهر وڃڻ جو به ڪو پروگرام نه آھي. سوال هي آھي ته پوءِ نواز شريف جو جهاز سڌو لاهور لهڻ بجاءِ اسلام آباد ڇو لهي رهيو آھي؟ ان حوالي سان ته اهو ٻڌايو پيو وڃي ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي نواز شريف جون اهم ملاقاتون ٿيڻيون آھن. سوال هي آھي ته ڇا اهم ملاقاتون ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ مناسب هنڌ آھي؟ سوال هي به آھي ته ڇا اهي ملاقاتون دبئي يا پوءِ لاهور ۾ نه پئي ٿي سگهيون. آخر ڇو نواز شريف جو اسلام آباد ايئرپورٽ لهڻ ضروري ٿي ويو آھي؟ ان بابت ته ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ مامرو چٽو ٿي وڃي يا اوچتو نواز شريف جو اسلام آباد اچڻ جو پروگرام ئي ملتوي ٿي وڃي ۽ نواز شريف سڌو لاهور هليو وڃي، ڇو ته نواز ليگ ڪارڪنن کي اسلام آباد ايئرپورٽ اچڻ جي ڪا به هدايت نه ڪئي آھي.

خبر نه آھي ته ڇو مون کي هن وقت جڏهن 2024ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊون ويجهو آھن، ان وقت جڙندڙ سياسي ماحول 2018ع جي عام چونڊن وقت جڙيل سياسي ماحول ياد ڏياري رهيو آھي. 2018ع جي چونڊ کان اڳ پاناما ڪيس ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو هو ۽ ان بعد نواز شريف جيل حوالي ٿيو هو. هاڻي جڏهن 2024ع جون چونڊون ٿيڻ واريون آھن ته عمران خان خلاف توشا خاني ڪيس جو فيصلو اچي چڪو آھي. عمران خان هن وقت جيل ۾ آھي. 2018ع جي چونڊن کان اڳ نواز ليگ جا اڳواڻ ڌڙا ڌڙ نواز ليگ ڇڏي رهيا هئا. هن وقت پي ٽي آءِ اڳواڻ ڌڙا ڌڙ پي ٽي آءِ ڇڏي رهيا آھن. 2018ع جي چونڊن کان ٿورو وقت اڳ “باپ” پارٽي جو بنياد پيو هو، هن وقت 2024ع جي چونڊن کان اڳ استحڪام پاڪستان پارٽي وجود ۾ اچي چڪي آھي. 2018ع جي چونڊ کان اڳ عمران خان به طاقت جي مظاهري لاءِ مينارِ پاڪستان جي چونڊ ڪئي هئي. 2024ع جي چونڊن کان اڳ نواز شريف به طاقت جي مظاهري لاءِ مينارپاڪستان جي چونڊ ڪئي آھي. جنهن نموني نواز شريف جي واپسي ٿي رهي آھي، ان سان اهو محسوس ٿي رهيو آھي ته ايندڙ چونڊن بابت ماحول به جڙڻ شروع ٿي ويندو. هر وقت اقتدار ۾ رهڻ جي خواهشمندن لاءِ اڄ جو ڏينهن سياسي هوائن جو رخ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندي محسوس ٿيندو، جنهن کي اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته ڪي سياسي ڌريون “پِري پول رِگنگ” جو نالو ڏين پر اسان وٽ انهن مامرن جي نه ڪڏهن ڪنهن پرواه ڪئي آھي، نه هن وقت ڪو اهڙي پرواه ڪندي نظر اچي رهيو آھي. 2018ع جي چونڊ وقت پي ٽي آءِ جي حق ۾ سياسي ماحول جوڙڻ لاءِ بلڪل واضح ٿي مامرا کلئي عام ڪيا ويا، ائين نواز شريف جي آمد وقت نواز شريف سان ٿيندڙ رعايت کي ڏسي ماڻهن کي ملڪ اندر سياسي حالتون 2018ع واريون ئي لڳي رهيون آھن. کين فرق صرف اهو محسوس ٿي رهيو آھي ته 2018ع جي چونڊ وقت عتاب ۾ نواز ليگ هئي ۽ هن وقت پي ٽي آءِ مشڪلاتن ۾ نظر اچي رهي آھي. ڪجھ ماڻهن کي ته ملڪي سياسي فلم جو اسڪرپٽ پراڻو لڳي رهيو آھي پر فرق اهو آھي ته هن وقت هيرو ۽ وِلين جا ڪردار تبديل ٿي ويل محسوس ٿي رهيا آھن. ڪجھ ماڻهن کي ان خوف ۾ به مبتلا ڏٺو پيو وڃي ته ڪٿي سياسي فلم ۾ هيرو مٿان ڪلائيمڪس ۾ وِلين حاوي نه ٿي وڃي. اهو خوف ته اليڪشن جي نتيجن تائين گهڻن کي لاحق رهندو. ائين چونڊن ٿيڻ تائين ڪي ڪاميابي جي اميد سان هوندا، ڪنهن جون اميدون پوريون ٿينديون، ڪنهن جي اميدن تي پاڻي ڦرندو، ان جو پتو ته چونڊن جي نتيجن بعد پوندو پر ايندڙ چونڊن ۾ واضح طور تي پي ٽي آءِ لاءِ مشڪلاتون نظر اچي رهيون آھن. هڪ ته پي ٽي آءِ اڳواڻ آئي روز پارٽي ڇڏي رهيا آھن. ٻيو ته اهم ترين اڳوڻ منظر تان به گم آھن. سوال هي آھي ته پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ جو 2018ع ۾ اختيار ڪيل طريقو درست نه هو ته هن وقت جنهن طريقي اختيار ٿيڻ جا اشارا ملي رهيا آھن، پوءِ اهو طريقو ڪيئن درست ٿي سگهي ٿو؟ 2018ع جي چونڊ ۾ جيئن نواز ليگ کي خاص طور تي ديوار سان لڳائي ڪنهن لاءِ اقتدار ۾ اچڻ جو رستو صاف ڪيو ويو، ڇا اهو رستو ايندڙ چونڊن ۾ اختيار ڪرڻ جمهوريت لاءِ درست ٿيندو؟ سوال هي به آھي ته سياسي تجزيه ڪار پي ٽي آءِ کي عوامي حمايت رکندڙ پارٽي قرار ڏئي رهيا آھن، اگر ان جي سربراه عمران خان سان اها ڪار ٿي، جيڪا نواز شريف سان 2018 جي چونڊ وقت ٿي هئي، ڇا اهو عمل ملڪي سياسي استحڪام لاءِ بهتر ٿيندو؟ خير موجوده حالتن تي اگر عمران خان سنجيدگي سان نظر وجهندو ته کيس اهي حالتون جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي واري چوڻي يا مڪافات عمل محسوس ٿيندو. هنن حالتن کي هن وقت جيڪي نظر انداز ڪري رهيا آھن ۽ انهن حالتن پيدا ڪرڻ جو حصو ٿي رهيا آھن، ٿي سگهي ٿو ته عمران خان وانگر کين به اهڙيون حالتون ڏسڻيون پون پر هن وقت محسوس اهو ٿي رهيو آھي ته سياست ۾ اصول نظريو في الحال اگهور ننڊ سمهاريو ويو آھي. هن وقت اڪثر سياسي ڌرين جو ٽارگيٽ رڳو اقتدار ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي آھي. اها ڪهڙي رستي ۽ طريقي سان ملي ٿي، اهو مامرو شايد اڪثر سياسي ڌرين لاءِ اهميت ئي نٿو رکي. اهڙي انداز ئي ملڪ ۾ سياست جي اهميت کي عوام جي نظرن ۾ ڪيرائي سياسي ڌرين کي مفادن پويان ڊوڙندڙ سوڌو خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا لقب ڏياري رهيو آھي. پهريان ڪجھ سياسي ڌرين جي اڳواڻن کي اهو چوندي ٻڌو پئي ويو ته نواز ليگ چونڊن ۾ دير چاهي ٿي پر نواز شريف جي لاهور جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد ملڪ اندر يقينن سياسي طور چونڊن طرف وڃڻ جو ماحول جڙندي محسوس ٿيندو. ڏسڻو اهو آھي ته چونڊن تائين ڪنهن لاءِ ڪيتريون حالتون سازگار ۽ ڪنهن لاءِ ڪيتريون حالتون مشڪل ٿين ٿيون. ٿيڻ ته اهو گهرجي ته چونڊن ۾ هر ڪنهن کي برابري جا موقعا ملڻ گهرجن پر اسان وٽ اهو مامرو به شفاف چونڊن وانگر خواب بڻيل آھي.