ڇا مھانگائي ۽ بيروزگاري ڏوهن ۾ واڌ جو سبب آھن!؟

0
238

قاسم خاصخيلي

 چند ڏينھن اڳ ٽي وي تي هڪ پروگرام دوران ڪنهن آفيسر جا اهي لفظ ٻڌم ته هڪ نوجوان کي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن جاچ ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته نوجوان ڏوھ جو اعتراف ڪندي ان ڏوھ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته منهنجي شادي ٿيل آھي پر بيروزگاري ۽ مھانگائي سبب پنهنجي معصوم نياڻي جي کير لاء پريشان هئس ان لاء ڦر جي واردات ڪيم جنهن ۾ مزاحمت تي مونکان اهو ماڻھو قتل ٿي ويو جڏهن ته لڱ تڏهن ڪانڊارجي ويا جڏهن خبر پئي ته ڦر دوران قتل ٿيندڙ شخص پڻ ستن نياڻين جو پيء ۽ گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ فرد هو، سچ ته اهي لفظ ٻڌي اکين آڏو انڌيرو ڇانئنجي ويو ته آخر اسان وٽ هي ڇا ٿي رهيو آھي جو نوجوان طبقو ان قسم جا انتهائي قدم کڻڻ تي ڇو ٿا مجبور ٿين، جڏهن اهڙن حالاتن تي گھرائي سان سوچجي ٿو ته اهو جواب اوس ملي ٿو جتي روزگار جا وسيلا نه هجن بيروزگاري سان گڏ کاڌي پيتي جون شيون عام ماڻھو جي خريد ڪرڻ کان وڌي وڃن ته پوء ماڻھو يا خودڪشي ڪندو يا وري چوريون ڌاڙا يا ڦرون ڪندو جيڪو انتھائي غلط عمل آھي پر ڇا اسان وٽ حڪومتي ڌرين کي ان ڳالھ جو ذري برابر به احساس آھي ته نوجوانن کي مايوس ڪرڻ بجاء انھن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪا مستقل پاليسي جوڙي وڃي، جنهن سان مستقبل ۾ ان قسم جا واقعا نه ٿين پر افسوس جو بظاهر اهڙي ڪابه پاليسي نظر نٿي اچي، بلڪه اسان ڏسون ته اسان جي ڌرتي جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي پر ان عظيم سنڌ ڌرتي مٿان هاڻ هر گذرندڙ ڏينھن هتان جي رهواسين لاء روزانو هڪ نئون امتحان کڻي اچي رهيو آھي هر ايندڙ ڏينهن ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب هيٺئين طبقي جو ماڻھو بلڪل پيڙھجي رهيو آھي، هڪ ماڻھو پنھنجي ٻچڙن کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ لاء سخت پريشان نظر اچي رهيو آھي، ڳالھ رڳو اتي ئي دنگ نٿي ڪري پر هاڻ ته مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب مڊل ڪلاس ۽ اپر ڪلاس جو ماڻھو به پاڻ کي تمام گھڻو بيوس محسوس ڪري رهيو آھي، جڏهن ته مسڪين مزدور ماڻھو بيروزگاري يا مزدوري نه ملڻ ڪري بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيل آھن، مڊل ڪلاس ۽ اپر ڪلاس جو ماڻھو به روزگار جي هوندي به روزگار لاء پريشانين کي منھن ڏئي رهيو آھي، فرض ڪريون ته اگر پئسي واري ماڻھو جو ڪو بهتر ڪاروبار آھي به ته پئسي جي اڻھوند ۽ مھانگائي سبب ان وٽ هاڻ عام طور خريدار گھٽ آھي يا بلڪل به خريدار نٿو اچي جنهن سبب ان جي روزمره واري خرچن سان گڏ دڪانن جي ڪراين مزدورن جي مزدوريون ادا ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آھن ته ٻئي پاسي وري ننڍي پئماني تي عام دڪاندارن جو پڻ ساڳيو حال بنيل آھي، جنهن ڪري هو ننڍي وڏي ڪاروبار جي هوندي به عملي طور ڄڻ ته بيروزگاري جي ور چڙھيل آھي ۽ ان جي گھر جو گاڏو هلڻ به ڏکيو بنجي ويو آھي، اگر ڏهاڙي وارو مزدور آھي ته اهو ڏهاڙي تي روزانو مزدوري نه ملڻ ڪري تنگدستي واري زندگي گذاري پيو اگر ڪو سرڪاري ملازم آھي ته ان جي مھانگائي جي حساب سان اها پگھار ناهي، جنهن سان هو پنھنجي ضرورتن کي پورو ڪري سگھي يا وري ڪو پينشنر آھي ته ان جي به زندگي ڪنهن عذاب کان گھٽ نٿي گذري ڇو ته هو عمر جي ان حصي ۾ هوندو آھي، جنهن ۾ نه ته هو مزدوري ڪري سگهندو ۽ نه ئي وري سفيد پوشي جي ڪري ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦھلائي سگھندو. بس ان کي پنهنجي مقرر ٿيل محدود پينشن مان پيٽ به پالڻو آھي ته پنھنجي ۽ گھر ڀاتين جي امڪاني بيمارين لاء دوا دارون کان وٺي باقي زندگي جون ٻيون ضرورتون به پوريون ڪرڻيون هونديون اٿس،  مطلب ته سسٽم ۾ جيئندڙ ھر طبقي جو فرد هن مھانگائي ۽ وڌندڙ بيروزگاري سبب خوش زندگي گذارڻ جھڙو ناهي رهيو ان ڪري جنهن کي ڏسبو اهو سخت عذابن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيل آھي نتيجي ۾ نوجوان طبقو ڏوهاري سرگرمين جي ور چڙھي رهيو آھي يا وري آپگهات جھڙو ڪڌو عمل ڪندي به دير نٿو ڪري، مطلب ته هن وقت جيڪو به ماڻھو آھي، جتي به آھي اهو پنھنجي حساب سان انتھائي پريشان آھي ان وٽ مھانگائيء کي منھن ڏيڻ لاء ڪابه تجويز يا ڪو به فارمولو ناهي جنهن سان هو مھانگائي جي ڦاٿل ڌٻڻ مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي سگهي يا پنهنجي زندگي کي پھرين وانگر آساني سان هلائڻ جي ڪوشش ڪري سگھي، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي حڪمران ڌر جي پاليسين ۽ وڏن وڏن بيانن تي ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيندو آھي ته هو ڪو بيان ناهن ڏيندا بلڪه مسڪين قوم جي زندگي تي ڄڻ ڪي چٿرون ڪري رهيا هوندا آھن، ڇو ته ڪيترن ئي سالن کان وٺي حڪمرانن جا سحر انگيز بيان، پريس ڪانفرنسون، جلسن ۾ وڏيون وڏيون دعوائون ته ٻڌڻ لاء ملن ٿيون پر عملي ميدان اندر ان تي ڪو عمل ٿيندي ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ناهي ايندو، ان جي ماجرا يا حڪمت عملي ته ڀلي ڪھڙي به هجي پر عملي ڪم ڏسڻ ۾ ناهي ايندو بس ڏسڻ ۾ ايندي آھي ته رڳو مھانگائي ۽ بيروزگاري هوندي آھي، جيڪا هر هنڌ کلي عام نظر اچي رهي آھي ۽ نتيجي ۾ ڪمزور ماڻھو ڪو به انتھائي قدم کڻڻ ۾ دير نٿو ڪري اسان وٽ وڏو الميو اهو به آھي ته هتي وري ڪو به واپاري هٿرادو ڪيل اگھن جي واڌاري کان ناهي ڊڄندو، ان کي خبر هوندي آھي ته هت ڪير پڇڻ وارو ناھي ۽ ائين ڪجھ ھٿرادو ايجاد ڪيل مھانگائي به ان جھڙا ڀيانڪ نتيجا ڏئي رهي آھي، جنهن کي روڪڻ پڻ حڪمرانن جي ذميواري آھي. ان سڄي صورتحال ۾ جتي عام مزدور ماڻھو جي زندگي عذاب بنيل آھي اتي ننڍي سرڪاري ملازم  ۽ خاص طور پينشن کڻندڙ ريٽائر ملازم سخت ڏکيائين کي منھن ڏئي رهيا آھن ان ڪري وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کي گھرجي ته ايندڙ بجيٽ دوران عوام دوست پاليسن جو اعلان ۽ ان تي سختي سان عمل جي شروعات ڪري فوري طور تي ملڪ خاص طور سنڌ ۾ ھٿرادو ڪيل مھانگائي ۽ ان سان گڏ ذخيره اندوزي لاء پڻ سخت قانوني قدم کڻي ان کي مستقبل ۾ مڪمل ٻنجو ڏئي عام ماڻھو کي کاڌي پيتي جي شين سميت زندگي جي ٻين ضرورت وارين شين تي ريليف ڏيڻ سان گڏ سرڪاري ملازمن جي پگھارن خاص طور بزرگ پينشنرن جي مجبورين کي ڏسندي سندن پينشن ۽ انھن کي ملندڙ ميڊيڪل الائونس ۾ بهتر اضافو ڪيو وڃي جڏهن ته بيروزگاري ۽ ڏوهاري سرگرمين کي نظر ۾ رکندي مستقبل لاء اھڙا جٽادار فيصلا ڪيا وڃن جتي ڪو به نوجوان پنهنجي معصوم نياڻي جو کير وٺڻ لاء ٻئي ڪنهن ستن نياڻين جي بيگناھ پيء جو قاتل نه بنجي سگھي.

[email protected]