ڇا منڇر ڍنڍ آر بي او ڊي مڪمل ٿيڻ کانسواءِ بحال ٿي سگهندي؟

0
40
ڇا منڇر ڍنڍ آر بي او ڊي مڪمل ٿيڻ کانسواءِ بحال ٿي سگهندي؟

جيئن سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي ايل بي او ڊي (LBOD) آهي تيئن درياهه جي ساڄي پاسي آر بي او ڊي آهي. انهن کي کاٻي پاسي واري سم نالي چئجي سگهجي ٿو (LBOD). يا ساڄي واري واري سم نالي چئجي سگهجي ٿو (RBOD).  انهيءَ کان اڳ ۾ (RBOD) جي فيزيبلٽي ڪرائي وئي جن ۾ ٽي آپشن هئا. هڪڙو اهو ته سَن کان مٿي انهيءَ جو ڇوڙ ڪيو وڃي، ٻيو اهو ته ان کي درياهه ڪراس ڪرائي (LBOD) ۾ وڌو وڃي. ٽيون اهو ته سم نالي کوٽي انهيءَ کي سمنڊ ۾ وڌو وڃي. جيستائين سن کان مٿي ڇوڙ جو تعلق آهي ته ايس يو پي جي اڳواڻ جلال محمود شاهه سان اهو هنڌ ڏسڻ ويس. اتي خبر پئي ته اها ڍنڍ هئي جنهن جو ڇوڙ ڪنهن پاسي نه هو. اهو پاڻي ڪاڏي وڃي؟ تنهن ڪري اهو آپشن مناسب نه سمجهيو ويو. تنهن کانپوءِ ٻئي آپشن تي غور ڪيو ويو. پهريون مسئلو اهو هو ته اهو واڌو پاڻي درياهه ۾ ڪيئن موڪليو وڃي. انهيءَ لاءِ درياهه مان سائفن ٺاهڻو پوي ها. جنهن تي تمام گهڻو خرچ اچي ها، تنهن ڪري اهو آپشن به ڊراپ ڪيو ويو. ٽيون آپشن اهو هو ته هڪ سم نالي کوٽي انهيءَ جو ڇوڙ سمنڊ ۾ ڪرايو وڃي انهيءَ لاءِ اها خاطري نه هئي ته ڇا اهو ڇوڙ  سمنڊ ۾ ڇوڙ ممڪن هو.؟

پر مشرف واري ڳالهه:

ان وقت جي صدر پرويز مشرف هڪ گڏجاڻي اسلام آباد ۾ منعقد ڪرائي جنهن ۾ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري هجڻ جي حيثيت ۾ مان به گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ (RBOD) تي بريفنگ شروع ٿيڻ کان اڳ واپڊا وارن انهيءَ تي بريفنگ ڏني. جنهن مطابق اهو پاڻي درياهه ۾ ڪرمپور (سيوهڻ) کان مٿي وجهڻو هو. تنهن تي پرويز مشرف چيو ته ڇا اهو ممڪن هو؟ واپڊا وارن چيو ته اهو ممڪن هو پر انهيءَ تي تمام گهڻو خرچ ايندو جنهن تي پرويز مشرف چيو ته اڳي حيدرآباد شهر جا ماڻهو گوڙ ٿا ڪن ته انهيءَ پاڻي وجهڻ ڪري ۽ اهو پاڻي پيئڻ ڪري حيدرآباد شهر ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا. تنهن ڪري اهو پاڻي درياهه ۾ نه وڌو وڃي. هُن وڌيڪ چيو ته نئين آپشن تي به غور ڪيو وڃي.

منهنجو ڪرمپور ڳوٺ ويجهو جيڪو سيوهڻ جي رستي ۾ هو، مون ٻڌايو ته اهو ممڪن هو ته اهو سمنڊ ۾ وڌو وڃي. پر انهيءَ لاءِ اهو ڏسڻو هو ته RBOD لنڪ جي ليول ايترو مٿي هئي ته اهو پاڻي سمنڊ ۾ وجهي سگهجي. پرويز مشرف صاحب چيو ته انهيءَ سلسلي ۾ فوج وارا ۽ آبپاشي کاتي وارا گڏ سروي ڪن. مان ان جي 5 ڪور واري برگيڊيئر آضف علي سان گڏ هيلي ڪاپٽر تي چڙهي اها ايريا ڏسي سگهيس. هاڻي رڳو ليول جو فرق ڏسڻو هو. جنهن لاءِ اهو ڏٺو ويو ته ڇا RBOD لنڪ جي ليول سمنڊ کان مٿي هُئي؟ اهو ويريفاءِ ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ته اهو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي سگهي ٿو.

منڇر کي بچائڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي وئي:

1976ع ۾ واپڊا وارن ساڄي ڪپ وارين ايراضين جو سم جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ نارٿ دادو سر فيس ڊرينيج رٿا ٺاهي جنهن جو ڇوڙ مين نارا ويلي وسيلي منڇر ڍنڍ ۾ وڌو ويو. سنڌ وارن ايئن ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ته منڇر جو پاڻي خراب ٿي ويندو. اهو اعتراض ايئن چئي روڪيو ويو ته منڇر جي لوڻياٺي سطح 700 حصا في ڏهه لک حصا هئي يعني (Part pen million) کان نه وڌندي ۽ منڇر جي خراب ٿيڻ جو ڪو خطرو ناهي. جڏهن 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اها اسڪيم پوري ڪئي وئي ته لوڻياٺي سطح 3500 حصا في ڏهه لک هئي يعني تخميني کان پنجوڻ تي ٿي وئي. ياد رهي ته اها سطح پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ 1000 ۽ زراعت لاءِ 1500 حصا في ڏهه لک کان وڌيڪ نه کپي.

انهيءَ ريت لوڻياٺ جي ليول وڌڻ ڪري منڇر ڍنڍ جو پاڻي خراب ٿي ويو. انهيءَ پاڻي ذريعي پنهنجو روزگار ڪمائڻ وارا آبادگار ۽ مهاڻا برباد ٿي ويا. جيت جڻيا ۽ جهنگلي جيوت متاثر ٿي. سائيبريا کان سياري ۾ ايندڙ پکي گهٽجي ويا ۽ ڪيترا معاشرتي ۽ ماحولياتي مسئلا پيدا ٿيا. جڏهن سنڌ وارن آواز اٿاريو ته منڇر کي بچائڻ لاءِ ٻيو منصوبو ٺاهيو ويو ايم اين وي ڊرين جي ڇوڙ واري هنڌ کان ڪٽي هڪ لنڪ ڪڍي اهو پاڻي سيوهڻ شريف کان مٿي درياهه ۾ وجهڻ جو رٿيو ويو. سنڌ وارن انهيءَ تي به اعتراض ڪيو ته انهيءَ رٿا ڪري منڇر جو بچاءُ ته ٿي ويندو پر درياهه جو پاڻي خراب ٿي ويندو. اهو اعتراض به رد ڪري خاطري ڏنائون ته ايئن نه ٿيندو ۽ لنڪ ٺاهي ويا ۽ انڊس لنڪ بند تائين ٺاهي ويا. جڏهن ڇوڙ واري ريگيوليٽر تي آيا ته سنڌ وارن وري اعتراض ڪيو ڇو ته چوماسي جا مينهن گهٽجڻ ڪري سنڌو درياهه جو وهڪرو ايترو ته گهٽجي ويو جو چٽو ڏسڻ ۾ اچي پيو ته آر بي او ڊي وارو لوٺياڻو پاڻي درياهه جي پاڻي کي ايترو ته خراب ڪري ڇڏيندو جو اهو پاڻي واپرائڻ لائق نه رهندو. انهن اعتراضن جي جواب ۾ واپڊا وارن ٻڌايو ته ٻين متبادلن (Options) جي ڀيٽ ۾ درياهه ۾ پاڻي جي ڇوڙ وارو ڪينال سڀني کان سستو ۽ ممڪن متبادل آهي. ٻيا متبادل جيڪي رد ڪيا ويا سي تعداد ۾ ٽي هئا جيڪي مان اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيا آهن مٿي مان ٻڌائي آيو آهيان ته سڀني کان سستو آپشن اهو آهي ته منڇر ڍنڍ جو اخراج گهارو ڪريڪ ذريعي سمنڊ ۾ وڌو وڃي جي ايئن نه ڪيو ويو ته:-

منڇر وارا نقصان ۾ رهندا.

ڪراچي ۽ حيدرآباد کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو.

ٺٽي وارن کي زراعت جو پاڻي گهٽ ملندو.

هر ڪنهن ترقياتي منصوبي جا ڪجهه منفي پهلو به هوندا آهن. مثال طور عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو روڊ ٺاهڻو آهي يا ڪو واهه ڪڍڻو آهي انهيءَ لاءِ زمين کپندي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو جي ملڪيت هوندي. سا انهيءَ روڊ يا واهه جي رستي ۾ ضرور ايندي. هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايئن چوي ته ڇاڪاڻ زمين اسانجي آهي ۽ روڊ يا واهه نه ڪڍڻ کپي ته نامناسب ٿيندو. پر متاثر ماڻهن کي مناسب معاوضو ملڻ کپي. وري ان ۾ امتيازي سلوڪ به نه ٿيڻ کپي ته ڪِن ماڻهن جي زمين بچائجي ۽ ڪن ماڻهن جي نه بچائجي.

منهنجي خيال ۾ RBOD منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ کپي. جو انهيءَ ڪري منڇر جا مهاڻا برباد ٿي ويا ۽ منگلا ۽ تربيلا تائين لڏي ويا، ماحول خراب ٿي ويو. سائبيريا کان سياري ۾ ايندڙ پکي گهٽجي ويا، منڇر جي مٿين جاين تي آبادگار زمينون ڪندا هئا اهي برباد ٿي ويا.

سنڌ آبپاشي کاتي جي جوابداري آهي ته هو انهيءَ منصوبي کي جلد مڪمل ڪن نه ته مٿين ماڻهن جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.