ڇا منڇر جو لوڻياٺ گھٽ ٿي سگھندو؟

0
36
وري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو رينگٽ

واپڊا وارن 1976ع ۾ دادو واري علائقي مان سِم گھٽائڻ لاءِ هڪڙي اسڪيم ٺاهي جنهن جو نالو “نارٿ دادو سرفيس ڊرين” هو، هُن انهيءَ جو نيڪال مين نارا ويلي ڊرين ذريعي منڇر ڍنڍ ۾ تجويز ڪيو. سنڌ سرڪار انهيءَ تي اعتراض ڪيو ته اهو پاڻي منڇر ۾ وجھڻ سان منڇر خراب ٿي ويندي، واپڊا وارن ٻڌايو ته ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ مطابق پاڻي جي لوڻياٺي ليول 700 پارٽ پر ملين (P.P.M) هئي ۽ اها نه وڌندي. آباديءَ لاءِ گھربل ليول 1500(P.P.M) هئي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ اها ليول 1000 پي پي ايم هئي، تنهن کان پوءِ اها اسڪيم شروع ڪئي وئي ۽ سال 1992ع تي پوري ٿي پر اسڪيم جي هلڻ ڪري منڇر جي لوڻياٺي ليول وڌڻ لڳي ۽ اها 3500 (P.P.M) ٿي وئي. انهيءَ ڪري منڇر جو پاڻي خراب ٿي ويو ۽ منڇر جي پاڻي تي ڀاڙڻ وارا مهاڻا ۽ آبادگار برباد ٿي ويا. جن جي زندگيءَ جو گاڏو انهيءَ پاڻيءَ ڪري گھلبو هو، پکي پکڻ، جيت جڻيا ۽ جھنگلي جيوت متاثر ٿي ۽ ڪيترائي مهاڻا ۽ آبادگار لڏي ٻئي هنڌ هليا ويا، غرض منڇر تي گذران ڪرڻ وارا مهاڻا متاثر ٿيا.

انهن نقصانن کي نظر ۾ رکندي واپڊا وارن هڪ اڀياس ڪرايو ۽ هڪ ٻيو منصوبو تجويز ڪيو جنهن جو نالو “رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ” (RBOD) رکيو ويو، انهيءَ مطابق “مين نارا ويلي ڊرين” کي آر بي او ڊي ڊرين ۾ تبديل ڪري انهيءَ جو ڇوڙ منڇر مان مٽائي انڊس لِنڪ ذريعي سيوهڻ شريف کان مٿي سنڌو درياهه ۾ رکيو ويو. سنڌ وارن انهيءَ تي به اعتراض ڪيو ته منصوبي ڪري منڇر جو ته بچاءُ ٿي ويندو پر سنڌو درياءَ جو پاڻي خراب ٿي ويندو پر وري خاطري ڏنائون ته ايئن نه ٿيندو ۽ انهيءَ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڏنائون ۽ انڊس لنڪ جي ڪچي بند تائين ٺاهي ويا.

انهيءَ وچ ۾ چوماسي جا مينهن گھٽجڻ ڪري ايترو وهڪرو گھٽجي ويو جو اهو منڇر مان ايندڙ پاڻي کي تازي ڪرڻ لاءِ ناڪافي ٿي ويو ۽ انڊس لنڪ مان ايندڙ پاڻي سنڌو درياءَ ۾ پوڻ ڪري انهيءَ جي پاڻيءَ کي خراب ڪري ٿي سگھيو، سنڌ وارن پراڻا اعتراض ورجايا ۽ آخري فيصلي لاءِ معاملو فوجي سربراهه جنرل پرويز مشرف تائين پهتو، جنهن سال 2000ع ۾ واپڊا وارن ۽ سنڌ حڪومت جا رايا ٻڌا، جنرل مشرف ڪافي بحث کان پوءِ سنڌ حڪومت جو اهو اعتراض مڃيو ته آر بي او ڊي جو پاڻي منڇر جو پاڻي سيوهڻ کان مٿي سنڌو درياءَ ۾ وجھڻ ڪري سيوهڻ شريف کان هيٺ سنڌوءَ جو پاڻي خراب ٿي ويندو، جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج تي آباد ٿيندڙ اٽڪل 30 لک ايڪڙ ايراضي ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن جو پيئڻ جوپاڻي متاثر ٿيندو. هُن سوال ڪيو ته انهيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ سنڌ حڪومت وارن ٻڌايو ته ايل بي او ڊي جيان ان جو ڇوڙ به ساڄي ڪپ تي وڏو سم نالو کوٽي سمنڊ ۾ ڪرائجي، واپڊا وارن ٻڌايو ته اهو تمام ڏکيو ڪم هو ۽ انهيءَ تي خرچ اٽڪل 80 ارب رپيا ايندو. سنڌ حڪومت وارن ٻڌايو ته اهو ڪم ڏکيو برابر هو پر ممڪن هو ۽ انهيءَ تي خرچ 20 ارب رپين اندر ايندو، انهيءَ تي جنرل مشرف فيصلو ڪيو ته سنڌ حڪومت ۽ پنجين ڪور جا انجنيئر انهيءَ ڳالهه جو تفصيلي جائزو وٺن ته اهو ڪم فني طرح ممڪن آهي  ته آر بي او ڊي جو پاڻي ساڄي ڪپ تي وڏو سم نالو ٺاهي سمنڊ ۾ وجھي سگھجي ٿو ۽ اهو به جاچين ته انهيءَ تي خرچ گھٽ ايندو. انهيءَ فيصلي کان پوءِ سنڌ آبپاشي کاتي ۽  پنجين ڪور جي انجنيئرن انهيءَ ڳالهه جو چئن نقطن جي خيال کان جائزو ورتو. اهي نقطا هيٺيان هئا.

  1. ڇا ان وڏي سم نالي کي لنگھائڻ لاءِ ساڄي ڪپ تي رستو آهي؟

2.ڇا اهو پاڻي بنا پمپن جي قدرتي طرح وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري سگھندو؟

  1. ڇا انهيءَ کي ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ مناسب جڳهه موجود هئي؟

4.ڇا اهو گھٽ خرچ تي ٺهي سگھندو؟

انهن جي يڪراءِ رپورٽ موجب سنڌ جي ساڄي ڪپ تي انهيءَ ڊرين کي وڃڻ لاءِ جاءِ هُئي، اهو پاڻي قدرتي نموني سمنڊ ۾ وڃي سگھي پيو ۽ پمپن جي ڪا ضرورت نه هئي.انهي جو ڇوڙ گهارو وٽ گهارو ڪريڪ رستي سمنڊ  ۾ ٿي پئي سگھيو ۽ انهيءَ تي خرچ 14 ارب رپيا ايندو، هنن وڌيڪ ڄاڻايو ته اهو تڏهن ٿي سگھندو جڏهن انهيءَ منصوبي کي تڪڙي رفتار سان هلايو وڃي. چئن سالن ۾ گھربل فنڊ ڏنا وڃن ۽ وفاقي حڪومت اِهي پئسا بنا وياج جي گرانٽ طور ڏئي. جي ايئن نه ٿيو ته خرچ 14 ارب رپين کان وڌي ويندو.

چيف ايگزيڪيوٽو کي جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌايون ويون ته هو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ واپڊا وارن کي انهيءَ منصوبي بابت غلط ڪاٿي تي ننديو ۽ انهيءَ منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ جيئن ته منصوبو فوجي ۽ سول انجنيئرنگ گڏ ٺاهيو هو ته انهيءَ کي فوج ۽ آبپاشي کاتي جا انجنيئر گڏجي ٺهرائين.

آبپاشي ۽ فوج جي انجنيئرن انهيءَ جو پي سي ون 14 ارب رپين ۾ منظور ڪرايو جنهن موجب 273 ڪلوميٽر ڊرين گھاري تائين ٺاهڻي هئي. آر بي او ڊي کي سمنڊ ۾ کڻي وڃڻ وارو هڪ تيز منصوبو هو، جيڪو چئن سالن ۾ پورو ڪرڻو هو،. ان ۾ پهرين سال 2 ارب ۽ باقي ٽن سالن ۾ چار چار ارب رپيا گھربل هئا. ايڪنيڪ انهيءَ جي منظوري ڏني ۽ پئسا گرانٽ ڏيڻ ۾ منظور ڪيا، منصوبو سال 2004ع ۾ شروع ڪيو ويو پر افسوس سان ٻڌائڻو ٿو پوي ته منصوبو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صورتحال بدلجي وئي. آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري جنهن هِن منصوبي لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي هئي هو 19 نومبر 2001ع ۾ رٽائر ڪري ويو جنهن کي 6 مهينا ايڪسٽينشن ڏنائون پر هو نامناسب هجڻ ڪري استعيفيٰ ڏئي هليو ويو. فوج جو برگيڊيئر آصف علي غزالي جيڪو هن منصوبي کي سپورٽ ڪيون بيٺو هو بدلي ٿي ڊفينس اٿارٽي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿي ويو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي تازو ترقي ٿيل برگيڊيئر اچي ويو، آبپاشي کاتي ۾ نان انجنيئر کي سيڪريٽري رکڻ شروع ڪيائون ۽ هڪ سال ۾ چار سيڪريٽري مٽايا ويا. ڄڻ ميوزيڪل چيئر پئي هلي، نتيجي ۾ آبپاشي انجنيئرنگ ۽ فوجي انجنيئرن جي مفاهمت ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت باقي نه رهي ۽ اهو منصوبو صحيح نموني ۽ مناسب رفتار سان نه هلي سگھيو. پهرين مالي سال يعني جون  2002ع تائين وفاقي حڪومت منصوبي لاءِ بجيٽ ۾ 900 ملين رپيا رکيا پر خرچ 4.5 ملين رپيا رليز ڪيا ويا. اهي به ڪل خرچ نه ٿي سگھيا. ٻئي مالي سال ۾ يعني 2003ع ۾ ڪجھه به رليز نه ڪيا ويا.

سنڌ جي زراعت جي جياپي ۽ ترقي لاءِ آبپاشي نظام ۾ واڌارا ۽ سڌارا ضروري آهن، انهيءَ ڏس ۾ کاري پاڻي جي سمنڊ ۾ نيڪالي ضروري آهي ۽ کاري پاڻي جي سمنڊ ۾ نيڪال لاءِ ساڄي ۽ کاٻي ڪپ واريون سم ناليون ضروري آهن. کاٻي پاسي واري سم نالي يعني ايل بي او ڊي  LBODٺهي چڪي آهي، ساڄي پاسي واري سم نالي آر بي او ڊيRBOD تيز ڪئي وڃي. سنڌ جي مفاد ۾ آهي ته اهو سم نالو جلد مڪمل ڪيو وڃي جي ايئن نه ڪيو ويو ته منڇر وارا برباد رهجي ويندا ۽ ان سان گڏ جي اهو نه ڪيو ويو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پيئڻ جو پاڻي به خراب ٿي ويندو ۽ ڪوٽڙي بئراج تي آباد ٿيندڙ اٽڪل 30 لک ايڪڙ ايراضي منڇر جيان برباد ٿي ويندي.