ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ فوجي آفيسر کي الاٽ ٿيل پلاٽ ٻيهر الاٽ ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پاران الاٽ ٿيل پلاٽن تي حڪم امتناعي جاري ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسر محمد حيات کي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (MDA) پاران 1997ع ۾ الاٽ ڪيل پلاٽ ٻيهر ڪنهن ٻئي شخص کي الاٽ ڪرڻ خلاف داخل ٿيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت جوابدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي پلاٽ جي موجوده حيثيت برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مرحوم فوجي آفيسر محمد حيات جي ڌيءَ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، درخواستگذار چيو ته  والد کي ايم ڊي اي پاران فوجي ڪوٽا تحت الاٽمينٽ ڏني وئي هئي، پر ساڳيو پلاٽ عزيز الرحمان نالي هڪ ٻي شخص کي الاٽ ڪيو ويو،درخواستگذار جي وڪيل حسيب جمالي عدالت کي آگاهه ڪيو ته ايم ڊي اي پاران 1997ع ۾ محمد حيات کي 5  سيڪڙو فوجي ڪوٽا جي تحت پلاٽ الاٽ ڪيو ويو هو، جيڪو بنا ڪنهن نوٽيس جي، ساڳيو پلاٽ ٻيهر ڪنهن ٻئي شخص کي ڏنو ويو، جڏهن ايم ڊي اي کان اصل الاٽمينٽ بابت معلومات ورتي وئي، ته کين ٻڌايو ويو ته رڪارڊ چوري ٿي ويو آهي، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي پڇيو ته، “ڇا ايم ڊي اي پهرين الاٽمينٽ ختم ڪئي هئي؟” ايم ڊي اي جي وڪيل ڪو به جواب ڏنو، عدالت چيو ته اها الاٽمينٽ اڃا تائين رد نه ڪئي وئي آهي، پر ان باوجود ٻيهر الاٽ ڪئي وئي، عدالت وڌيڪ پڇيو ته، “ڇا فوج کي به هن ڪيس ۾ ڌر بڻايو ويو آهي؟ عدالت عبوري حڪم جاري ڪندي چيو ته  ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي کي هدايت ڏني وڃي ته هو عزيز الرحمان نالي شخص کي ڏنل الاٽمينٽ جي بنياد تي پلاٽ جي خريد و فروخت کان روڪي، جيسين عدالت حتمي فيصلو نه ڏئي، عدالت ايم ڊي اي، سنڌ حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان تفصيلي جواب طلب ڪندي، ٻڌڻي ايندڙ تاريخ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.