اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز جي ٽرائل معاملي تي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران وزارت دفاعجي وڪيل خواجه حارث روسٽرم تي اچي دليل شروع ڪيا. جسٽس جمال مندوخيل خواجه حارث کي چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل جي طريقيڪار تي عدالت کي مطمئين ڪريو. جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته جيڪو آفيسر ٽرائل هلائيندو آهي. اهو فيصلو ڇو ناهي ٻڌائيندو؟ ٽرائل هلائيندڙ آفيسر ڪيس ٻئي آفيسر وٽ موڪلي ڇڏيندو آهي. جيڪو اِن تي فيصلو ٻڌائيندو آهي. هن اعتراض ڪندي چيو ته جيڪو آفيسر ڪيس ٻڌندو ئي ناهي، اهو سزا يا جزا جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مون کي 34 ورهيه تجربو آهي پوءِ پاڻ کي مڪمل ناهيان سمجهندو ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪنهن آرمي آفيسر کي ايترو تجربو ۽ مهارت حاصل هوندي آهي ته هو ڪنهن کي پرفيڪٽ سزا ٻڌائڻ جو اهل هجي؟ خواجه حارث چيو ته پنهنجا دليلن جي ٻئي حصي ۾ ملٽري ٽرائل جي طريقيڪار کي تفصيل سان بيان ڪندس. جسٽس نعيم اختر افغان 10 اي آرٽيڪل جو حوالو ڏيندي سوال ڪيو ته ان ۾ فري ٽرائل ۽ بنيادي انساني حقن کي ڪهڙو تحفظ ڏنو ويو آهي. هن پڇاڻو ڪيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل جا مرحلا ۽ طريقيڪار  ٻڌايو؟ جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ماڻهو ملٽري ڪورٽس جي ٽرائل کي سيويلين عدالتن وانگر ناهن سمجهندا. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين تحت سمورن بنيادي حقن جو تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي. ۽ قانون ۾ ان جي وضاحت به موجود آهي. جسٽس محمد علي مظهر ڪورٽ مارشل جي طريقيڪار تي ڳالهائيندي چيو ته ان ۾ ڊفينس وڪيل هوندو آهي. پر جج ناهي هوندو. جسٽس مسرت هلالي وضاحت طلب ڪئي ته فوجي عدالتن ۾ فيصلو ڪير لکندو آهي؟ هن چيو ته منهنجي معلومات مطابق ڪيس ڪو ٻيو ٻڌندو آهي ۽ سزا جزا جو فيصلو ڪمانڊنگ آفيسر ڪندو آهي. وڪيل وزارت دفاع جواب ڏنو ته فيصلو لکڻ جي لاءِ جيڪ برانچ جي معاونت حاصل ڪئي ويندي آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف اپيل هڪ حد تائين ممڪن هوندي آهي. ۽ ان ۾ صرف بدنيتي ۽ دائره اختيار کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ميرٽ کي زير بحث نٿو آڻي سگهجي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اسان هِتي عام شهرين ۽ فوجي جوانن کي انصاف ڏيڻ جي لاءِ ويٺا آهيون. فوج جي عام جوانن جا به حق هوندا آهن. انهن کي به اپيل جو حق ملڻ گهرجي. هن سوال اُٿاريو ته جيڪڏهن ڪنهن کي غلط موت جي سزا ڏني وڃي ته ان کي ڇو چيڪ ناهي ڪيو ويندو. جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته ڇا ٻين ملڪن ۾ ملٽري ڪورٽس جا ججز فوجي هوندا آهن يا ڪي ٻيا؟ وڪيل خواجه حارث چيو ته مختلف ڪيسن جو مختلف پروسيجر هوندو آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڪي پي ۾ جيڪڏهن ڪو فوجين تي حملو ڪري ٿو زنده پڪڙيو وڃي ٿو ته اُن کي ملٽري ڪورٽس ۾ پهچايو ويندو آهي. هن رمارڪس ڏنا ته هڪ جهاز جي هاءِ جيڪنگ جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هليو هيو. جيتوڻيڪ ان واقعي بعد ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪيو ويو هيو. وڪيل خواجه حارث چيو ته هاءِ جيڪنگ آرمي ايڪٽ ۾ داخل ڏوهه ناهي. ان لاءِ ان ڪيس جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ نٿو ٿي سگهي. جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته جيڪڏهن هاءِ جيڪنگ جنگي يا فوجي جهاز جي هجي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن جهاز هاءِ جيڪنگ دهشتگردي عدالت جو دائري اختيار ۾ اچي ٿو ته سرڪاري عمارتن تي حملا به ان جي دائره اختيار ۾ ايندا. وڪيل خواجه حارث چيو ته هر دهشتگردي تي آرمي ايڪٽ لاڳو ناهي ٿيندو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا فوجي عدالتن ٽرائل انهي ايف آءِ آرز جي بنياد تي ڪيو جيڪي ٿاڻن ۾ داخل ٿيون هيون؟ 9مئي جي ڪيسن ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جا قلم، پوءِ فوجي ٽرائل ڪيئن ٿي ويو؟  وڪيل وضاحت ڪئي ته جڏهن جوابدار فوجي تحويل ۾ايندو آهي ته اُتي جاچ جو پنهنجو نظام هوندو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌيو ته 9 مئي جي واقعن دوران 35 ايف آءِ آرز داخل ٿيون ۽ پنج هزار ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث دليل مڪمل نه ڪري سگهيو. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.