اسلام آباد: پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ صدر علوي کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آئين تحت زباني حڪم کي حڪم تصور نه ڪيو ويندو آهي، صدر 10 ڏينهن ۾ اعتراضن سان گڏ واپس نه اُماڻي ته بِل کي قانون تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته عارف علوي کي اعتراضن سان گڏ بِل واپس وٺڻ بابت لکت يا رڪارڊيڊ ثبوت ڏيڻا پوندا، صدر پنهنجي آفيس هلائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، اخلاقي گهرج آهي ته هو عهدي تان استعيفا ڏئي، هن چيو ته صدر پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ اهڙو بيان جاري ڪيو، صدر جو اهو بيان سندس ناڪامي جي نشاندهي ڪري ٿو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته صدر عارف علوي جي وضاحت سندس صدارتي منصب سنڀالڻ جي اهليت تي ئي سواليه نشان آهي، ڇا صدر چوڻ چاهي ٿو ته سندس موجودگي ۾ بلن تي ڪو ٻيو صحيح ڪندو آهي؟ جيڪڏهن ائين ئي آهي ته صدر کي  ان عهدي تان فوري طور استعيفا ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن توهان جو عملو توهان  جي چوڻ ۾ ناهي ته صدارتي منصب ڇڏي ڏيو، عطا تارڙ چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل واپس ئي نه ويا هئا، عملي تي بهتان بازي بهانو آهي.