ڇا سڄي اليڪشن غلط هئي؟ فارم 45 يا 47 صحيح هوندو، جاچ ڪرڻي پوندي: سپريم ڪورٽ

0
22
9 مئي واقعي جي جوابدارن جو ڪارنامو بينقاب ٿيڻ گهرجي، 8 ججز جي فيصلي کي 2 ماڻهو ويهي چون ٿا غلط آهي: سپريم ڪورٽ
9 مئي واقعي جي جوابدارن جو ڪارنامو بينقاب ٿيڻ گهرجي، 8 ججز جي فيصلي کي 2 ماڻهو ويهي چون ٿا غلط آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي ٿي، جسٽس جمال خان مندوخيل ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته ڇا ڪي پي کان بلوچستان تائين سڄي اليڪشن ئي غلط هئي؟ فارم جاچڻ لاءِ انڪوائري ڪرڻي پوندي، هر تڪ جي ڌار ڌار انڪوائري ٿيندي، هر تڪ جو اميدوار پنهنجي تڪ جي الزامن بابت ٻڌائيندو، اڳ به چونڊن ۾ ڌانڌلي جو معاملو اٿيو هو، 184تحت اسان وٽ اختيار ناهي، انڪوائري لاءِ آرڊيننس آڻڻو پوندو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته اليڪشن ڪميشن جانبدار آهي ته پوءِ توهان کي لاڳاپيل فورم تي وڃڻ گهرجي ها، فارم 45 يا 47 ٻنهي ۾ جيڪڏهن ڪو فرق آهي ته پوءِ ڪو هڪ فارم ته صحيح هوندو، انڪوائري ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل حامد خان چيو ته اها عدالت جي ڪمزوري آهي، اڃا تائين سوموٽو نه ٿي وٺي سگهي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته توهان سينيئر وڪيل آهيو، لفظن جي چونڊ صحيح ڪريو، حامد خان چيو ته 8 فيبروري تي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو نتيجو اڄ ڏينهن تائين ڀوڳي رهيا آهيون، ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته معاملي تي ڊپٽي اسپيڪر هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي، جسٽس جمال خان مندوطيل چيو ته اسان جو ان ڪاميٽي سان ڪجهه نه وڃي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل حامد خان کي ڪيس جي تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪئي وئي.