سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ صنعتن واري وفاقي وزير راڻا تنوير ملاقات ڪري اسٽيل ملز جي اضافي زمين تي صنعتي پارڪ قائم ڪرڻ، اسٽيل ملز جي بحالي، نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل اينڊ پلانٽ هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ سميت ڪيترن ئي اهم منصوبن تي ڳالھيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اسٽيل ملز جي 3900 مان 3200 ايڪڙ زمين تي صنعتي پارڪ قائم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مراد علي شاهه انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته اسٽيل ملز پلانٽ جي 700 ايڪڙ زمين کي موجوده اسٽيل ملز جي بحالي يا نئين ملز قائم ڪرڻ لاءِ رکي وڃي. وفاقي وزير موجب، جانورن، ٻوٽن، زرعي شين، کاڌي پيتي ۽ کاڌن جي درآمد ۽ برآمد لاءِ انسپيڪشن ۽ ڪورنٽائين ڪنٽرول لاڳو ڪرڻ، نيشنل فوڊ سيفٽي، اينيمل اينڊ پلانٽ هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن تي وڏي وزير تجويز ڏني ته تجويز ڪيل اٿارٽي ۾ صوبائي حڪومتن کي به نمائندگي ڏني وڃي.
ڪجهه عرصي کان سنڌ جا حڪمران سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا ايتري ته تيزي سان تين وال ڪرڻ لڳا آهن، جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته اها اقتدار جي قيمت آهي يا ڪو مٿن ڪو ڀاري بار يا دبنگ دٻاءُ آهي! هڪ طرف سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏئي رهيا آهن ته ٻئي طرف معدني وسيلا ۽ تفريحي ماڳ به وفاق، عسڪري ادارن ۽ ڪمپنين کي ڏنا پيا وڃن. سنڌ جي حڪمرانن کي عوامي پُڇاڻي جو خوف به ڪهڙو؟ جو اهي اڳ ۾ ئي سنڌ جي سياسي ڌرين جي احتجاج جو پاڻي ڪَڇي چُڪا آهن. سنڌ جون بدخواهه قوتون سمجهن ٿيون ته، “جيڪو ڳُڙَ سان مري، اُن کي زهر ڇو ڏجي”. ۽ ان ڪري ئي سياسي ڌُرين تي اهڙو نادر نسخو استعمال ڪيو ويو آهي، جو “ڇوڏو، نه اوڏو” آهي. هر ڪنهن جي سياست ۽ جدوجهد جي ديڳڙي ڌار آهي. سنڌ جا حڪمران به هاڻي هر خدشي کان آجا ۽ بي اونا آهن ۽ بنان ڪنهن کُٽڪي جي سنڌ جي وسيلن بابت اهڙا فيصلا ڪري رهيا آهن، ڇو ته، شايد اُهي سمجهن ٿا ته، هاڻي سنڌ مان ڪنهن سگهاري مزاحمت جو امڪان نه آهي، ڇو ته عوامي ڪاوڙ جي چِڻنگن کي سهيڙي، اُنهن مان ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ واري آرٽ کان آشنا سياستدانن جا نسل ئي ناياب ٿي ويا آهن. جمهور ۽ جمهوريت جي بدخواهه ڌرين کي سنڌ جي عوام جي اجتماعي شعور کان خوف رهندو آيو آهي، خاص طور تي جنرل ضياءَ جي دور ۾ ايم آر ڊي واري جدوجهد کان وٺي، ان ڪري سنڌ جي عوام تي ڌاڙيلن ۽ قبيلائي جهيڙن جي صورت ۾ نفسياتي ۽ اعصابي جنگ مڙهي وئي آهي. سماج کي غير سياسي (Depoliticized) ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر باقي نه پئي ڇڏي وڃي. ان جي ڪري ئي سنڌ جا وسيلا تين وال ڪرڻ تي به گهڻي مزاحمت نظر نٿي اچي.
هڪ طرف پنجاب جي صنعتن جي زهريلي پاڻيءَ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي زرخيز زمينن کي ڌُٻڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ ڌوڪيندو اڳتي اچي ۽ اهو سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ اهو عمل اڃان تائين جاري آهي. رهيل زمينن تي بلڊر مافيا قبضِا ڪري ورتا آهن، هائوسنگ اسڪيمون جُڙي رهيون آهن. باقي وڃي ڪي “ڇاڙڪيون” بچيون آهن، اُهي به سنڌ جا حڪمران حاتم طائي بڻجي ورهائي رهيا آهن. ڇا سنڌ جي عوام، حڪمرانن کي اهو مينڊيٽ ڏنو آهي؟ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي تحفظ ڪرڻ بدران انهن کي تين وال ڪيو پيو وڃي. ظاهر آهي ته ايڏا وڏا فيصلا سنڌ جو وڏو وزير اڪيلي سر نٿو ڪري سگهي. ڇا اها پارٽي قيادت جي پاليسي آهي؟
سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ وسيلن جي تحفظ جي حوالي سان بيان ته حڪمران هڪڙا ڏين ٿا ته وري عمل ان جي ابتڙ نظر اچي رهيو آهي. ان ڪري اهو سنڌ جي وجود ۽ بقا جو معاملو آهي. ان حوالي سان سنجيدگيءَ ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ٿيڻ گهرجي. سنڌ جا حڪمران اهڙا فيصلا نه ڪن، جن جو کين مينڊيٽ ئي حاصل نه آهي. سنڌ جي عوام جي پيرن هيٺان ڌرتي نه کسڪائي وڃي.