جتي اڃان تائين فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ نه اچي سگهيو آهي، اتي هڪ پاسي طاقتور ۽ بدعنوان حڪمران ٽولا ۽ سندن ساٿاري ملڪ جي قدرتي وسيلن ۽ عوام جي پگهر جي پورهئي يعني ٽيڪس تي ڏينهن رات راتاها هڻي اربين ۽ کربين رپيا لُٽي پاڻ ڪک پَتِي مان کرب پَتِي بڻجي چڪا آهن، ته ٻئي پاسي نڌڻڪي عوام جي زندگي موت کان به بدتر ٿِي چڪي آهي. جليل القدر خليفي ۽ باب العلم جو خطاب رکندڙ حضرت علي عليه السلام فرمايو هو ته، “ڪُفر تي ٻڌل معاشرو ته هلي سگهي ٿو، پر ناانصافي تي ٻڌل معاشرو هلي نه ٿو سگهي”. پاڪستان سميت ٽئين دنيا جي سڀني ملڪن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو قومي استحصال آهي. هن ڪالم ۾ اسان وفاق ۽ پنجاب طرفان سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ نون ڪينالن ڪڍڻ جي ناقابلِ تلافي نقصانن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين.
“ميرن کي به پنهنجن مان ئي لڳي” جي مصداق ڌارين سان گڏ سنڌوءَ تي لڳندڙ ڌاڙي ۾ پنهنجا ئي شامل آهن. “گرين پاڪستان” ۽ “ڇهن نون ڪينالن” جي صورت ۾ سنڌو درياءَ تي ڌاڙن جو افتتاح ٿي چڪو آهي. انهن کُليل ڌاڙن هيٺ لکين ايڪڙ زمين فوج حوالي ڪئي ويندي، يا ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جي لکين ايڪڙ آباد زمين کي ڀڙڀانگ ڪري پنجاب ۽ ٻين صوبن جون ويران ۽ آباد نه ٿيڻ لائق ريگستاني زمينون آباد ڪرڻ جي منصوبا بندي ٿي چڪي آهي. اهي ڇهه غير قانوني ڪينال هي آهن: ريڻي ڪئنال، ٿر ڪئنال، ڪڇي ڪئنال، چشما رائيٽ بينڪ ڪئنال، گريٽرٿل ڪئنال- ٽو ۽ چولستان ڪئنال. سنڌ کي اڳ ۾ ئي 1991 جي ٺاهه تحت پنهنجي حصي جو پُورو پاڻي ڪڏهن به ناهي ڏنو ويو ۽ سنڌ تقريباً 40٪ کان 60٪ پاڻي کوٽ کي مُنهن ڏيندي رهي آهي. جيئن ته عالمي قانونن مطابق دريائن جي پاڻيءَ تي پهريون حق پُڇڙي وارن علائقن جي ماڻهن ۽ ٻي جھنگلي ۽ آبي جيوت جو آهي، ان ڪري پاڻي جي کوٽ هوندي نون ڪينالن يا آبپاشي جي منصوبي کي ڪنهن به طور تي عالمي توڙي ملڪي قانونن مطابق جائز ۽ قانوني قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.
پنجاب، آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو آهي، جڏهن ته ايراضي جي لحاظ کان بلوچستان کان ننڍو ۽ ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اچو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڪل ايراضي، قابلِ ڪاشت ايراضي ۽ ڪاشت هيٺ ايراضي بابت ڊيمن ۽ آبپاشي نظامن جي تعمير کان اڳ ۽ پوءِ جي انگن اکرن کي نظر مان ڪڍون. پنجاب جِي ڪُل ايراضي ٿلهي ليکي 205 هزار (205،000) چورس ڪلوميٽر آهي. پاڪستان جي قيام کان اڳ يعني ڊيمن، بيراجن ۽ ڪينالن جي نظام کان اول پنجاب جي قابل ڪاشت ايراضي 10 کان 12 ملين ايڪڙ هئي، جڏهن ته سندس ڪاشت هيٺ ايراضي 6 کان 7 ملين ايڪڙ هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد تربيلا ۽ منگلا جهڙن ڊيمن ۽ جناح، تونسه، چشمه جهڙن بئراجن ۽ انهن سان لاڳاپيل واهن جي زبردست نظامن جي اثر هيٺ سندس قابلِ ڪاشت ايراضي 21 کان 22 ملين ايڪڙ تائين وڌي وئي، جڏهن ته ان جي موجوده ڪاشت هيٺ ايراضي 17 کان 19 ملين ايڪڙ آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي ڪُل ايراضي ٿلهي ليکي 140 هزار (140،000) چورس ڪلوميٽر آهي. پاڪستان جي قيام يعني ڊيمن وغيره جي تعمير کان اڳ سکر بيراج وسيلي سنڌ جي قابلِ ڪاشت ايراضي 3 کان 4 ملين ايڪڙ هئي، جڏهن ته ان وقت ڪاشت هيٺ ايراَضي 2.5 ملين ايڪڙ هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد تربيلا، منگلا ڊيمن ۽ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۽ سندن لاڳاپيل ڪينالن جي تعمير کان پوءِ سنڌ جي قابل ڪاشت ايراضي وڌي 7 کان 8 ملين ايڪڙ تائين پهتي، جڏهن ته هن وقت سندس ڪاشت هيٺ ايراضي 5.5 کان 6 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ٻين لفظن ۾ پنجاب ۾ قيامِ پاڪستان کان پوءِ بهتر آبپاشي نظام ۽ وافر پاڻي جي فراهمي سبب ڪاشت هيٺ زمين جو ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سمنڊ ۾ گهٽ دريائي پاڻي جي ڇوڙ سبب ۽ سندس پاڻي جي حصي تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ مجموعي پاڻي جي کوٽ جي ڪري اها پنهنجي ڪاشت هيٺ زمين کي سُورن سان هن وقت تائين ٻيڻو ڪري سگهيو آهي.
جڏهن سنڌو درياءَ تي اڃان ڪو به ڊيم، بيراج ۽ ڪينال ڪونه ٺهيو هو، تڏهن 140 کان 150 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سالانو درياءَ مان گذرندو هو ۽ ان جو ڳچ حصو ٺٽي ۽ بدين جي ڊيلٽا منجهان گذري سمنڊ ڀيڙو ٿيندو هو. 1991 جي پاڻي ٺاهه تحت ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ڏانهن گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سنڌو جي ڊيلٽا لاءِ هر سال لازمي طور ڇڏڻو آهي (جڏهن ته ان کان اڳ هر سال 30 کان 50 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊيلٽائي علائقي مان گذرندو هو)، جيڪو هاڻي سراسري طور سُورن سان 0.5 ملين ايڪڙ فوٽ جيترو فقط هڪ ٻن سيلابي مهينن دوران ڇڏيو ويندو آهي، جنهن کي پڻ پنجاب ۽ وفاق طرفان پاڻي جو زيان سڏيو ويندو آهي. ڪنهن وقت ۾ سنڌو درياءَ جِي ڊيلٽا دنيا جي پنجون نمبر وڏي ڊيلٽا هئي، جيڪا ٺٽي ۽ بدين جي ڏکڻ ۾ 17 وهندڙ کارين (Creeks) تي مشتمل هئي ۽ 13000 چورس ڪلوميٽرن کان به وسيع علائقي تائين پکڙيل هئي. دنيا اندر ڊيلٽائي علائقا گوناگون زرعي پيداوار توڙي آبي ۽ جهنگلي جيوت جا مسڪن سڏجن ٿا. پر پاڻي تي کُليل ڌاڙن ۽ روڪ جي ڪري سنڌوءَ جي ڊيلٽا غربت ۽ بي وسي جي علامت بڻجي چڪي آهي ۽ هاڻي اها مري رهي آهي، ڇو ته ان جون فقط ٻه کاريون هڪ ٻن مهينن لاءِ وهنديون آهن ۽ اها اڌ کان وڌيڪ سُڪڙجي فقط 6000 چورس ڪلوميٽرن تائين محدود ٿي چڪي آهي. لکين ٽن دريائي لٽ جي نه اچڻ ڪري هر سال هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ کائي رهيو آهي، تِمرَ (Mangroves) جا ٻيلا جيڪي 1.5 کان 2 ملين ايڪڙن تائين پکڙيل هئا، اهي باقي 0.51 کان 0.62 ملين ايڪڙن تائين محدود ٿي چڪا آهن (70٪ گهٽ ٿي چڪا آهن).
پائدار ترقي جي تصور مطابق ترقي يافته ملڪن ۾هڪ درياءَ مان ڪنهن ڪينال ڪڍڻ کان اڳ هر قسم جي امڪاني نقصان جي ڪٿ ڪئي ويندي آهي. ٻين لفظن ۾اهو غور ڪيو ويندو آهي ته ڪا خاص قسم جي مڇي (جهڙوڪ پَلو) وغيره گهٽ ته ڪا نه ٿيندي، يا آبپاشي لاءِ پاڻي جي کوٽ جي ڪري زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ته ڪا نه ٿيندي، يا زمينون غير آباد ٿيڻ جو خطرو پيدا ته نه ٿيندو، يا سمنڊ زرعي زمينن اندر ڪاهي ته نه ايندو، يا ڊيلٽا جي علائقن ۾ تمر جي ٻيلن ۽ ٻي آبي جيوت ۽ زرعي پيداوار گهٽ ته نه ٿيندا، يا ڪيترن ئي مقامي ماڻهن جا روزگار ته ختم نه ٿيندا، وغيره. نقصانن جي امڪان جي صورت ۾ فلاحي رياست جا حڪمران اول ئي ان قسم جي ترقي تان دستبردار ٿيندا آهن؛ جيڪڏهن بعد ۾ تحقيق جي نتيجي ۾ نقصان ظاهر ٿيندا آهن ته اهي انهن جي تلافي لاءِ مناسب ڪوششون وٺندا آهن. اسان وٽ ته گنگا ئي ابتي پئي وهندي آهي. هزارين ۽ لکين ماڻهو مسلسل احتجاج ڪندا هجن؛ سندن جان، مال، آبرو، صحت ۽ روزگار داءُ تي لڳل هجن؛ سندن حياتيون جيئري ئي موت مثل بڻجي وڃن، تڏهن به بدعنوان حڪمرانن جي ڪَنَ تي جونءِ ئي ڪا نه چُرندي آهي. اسان وٽ عام طور تي عوام کي ڪِيڙا ماڪوڙا سمجهيو ويندو آهي ۽ انهن جي اهميت بس ايتري آهي جو انهن کي فقط جيئرو رکيو ويندو آهي ته جيئن سندن رت ۽ ست مان ٽيڪس جي صورت ۾ اربين ۽ کربين روپيا ڪٺا ڪري سگهجن ۽ انهن تي مسلسل راتاها هڻي سگهجن. پر وقت ۽ حالتون هر ڪنهن لاءِ سدائين ساڳيا ناهن رهندا. عبدالڪريم گدائي مرحوم خوب چيو هو:
نيٺ گدائي ٻارڻ ٻرندا،
انسانن جا وارا ورندا،
ڪنڊن مان ئي گل اڀرندا،
ظالم سڙندا، ڳرندا، مرندا.
پر اهو انقلاب پاڻهي ڪونه ايندو. سنڌ جو سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان کي خبردار ڪري ٿو ته:
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏِي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
هن وقت وفاق ۽ پنجاب حڪومت جيڪي سنڌو درياءَ تي نوان ڇهه ڪينال تعمير ڪرڻ جي هوڏ تي برقرار آهن، ان تناظر ۾ انجنيئر اوڀايي خشڪ چواڻِي ته سنڌ لاءِ ٻه رستا آهن يا ته اها ايٿوپيا ٿئي يا ته اها بنگال ٿئي! اهو فيصلو اسان توهان سنڌين جي هٿ ۾ آهي.
انساني تاريخ ۾بيانيو ئي طاقت، انڌي تقليد توڙي تبديلي جو سُونهو رهيو آهي. طاقت اڪثر ڪري تقليد کي جنم ڏيندي آهي ۽ مذهبي يا نظرياتي تقليد جو بيانيو جوڙيندي آهي. ساڳئي ريت حقيقي تبديلي يعني ترقي پسندي، روشن خيالي ۽ سائنسي سوچ جو انقلاب پڻ لاڳاپيل بيانيي جو ثمر آهي. ان ڪري بدعنوان حڪمران ڏنڊي جي زور، مذهبي انتهاپسندي کي فروغ ڏيندا آهن؛ اهي ڪڏهن به نه چاهيندا آهن ته بيدار ۽ سوال ڪندڙ ذهن پاڻ ۾ گڏجن ۽ عوام ۾ پنهنجي بيانيي کي پکيڙين ۽ سندن بادشاهيءَ ۽ عياشيءَ ۾ کڙو هڻن.
هر تبديلي، چاهي اها ننڍي ۾ ننڍِي هجي يا وڏي ۾ وڏِي هجي، لاءِ اُن رخ ۾ جاکوڙ ۽ جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي. هر جاکوڙ کي نتيجو ڏيڻ کان پهريائين هڪ مخصوص قوت سان هڪ مقرر وقت تائين مسلسل ڪارفرما هجڻ ضروري آهي. “ايٽامڪ هيبٽس” جو مصنف جيمس ڪليئر هن نظر نه ايندڙ رڪاوٽ کي “جاکوڙ جو نظر نه ايندڙ اُتاهون ٿَلهو” سڏي ٿو. پاڻ مثال ڏئي ٿو ته برف جو ننڍو ٽڪرو 25 کان 31 سينٽي گريڊ تائين گرم ڪرڻ تي مستحڪِم رهي ٿو، پر جيئن ئي هڪ ڊگري وڌائي ويندي ۽ گرمي جو درجو 32 سينٽي گريڊ ٿيندو ته توهان کي برف جو ٽڪرو تيزي سان رجندي نظر ايندو. مطلب ته انهيءَ سڄي عمل ۾ ڏني ويندڙ گرمي رائگان نه هئي پر اها جاکوڙ جي نظر نه ايندڙ ٿلهي کي اورانگهڻ ۾ صرف پئي ٿِي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر ڪري اسان تڪڙا نتيجا نه ملڻ ڪري ڪوشش تان هٿ کڻي ويندا آهيون ۽ ناڪام ٿي ويهي رهندا آهيون.
حاصل مطلب اهو آهي ته قيامِ پاڪستان کان پوءِ وفاق ۽ پنجاب بين الاقوامي توڙي ملڪي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي مسلسل ڌاڙا هڻي رهيا آهن، سنڌ کي سُڪائي رهيا آهن ۽ هاڻي ته ان تي ڇهه نوان ڪينال ٺاهي سنڌين کان سندن جيئڻ جو حق کسي رهيا آهن. هن وقت سنڌو درياءَ تي ڪينالن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. نوجوان وڪيلن جي سربراهي ۾ ڊاڪٽر، استاد، اديب، شاگرد، مطلب ته هر شعبي ۽ مڪتبه فڪر سان سلهاڙيل ماڻهو گڏ آهن، پر استاد طبقو جيڪو شعور جي نمائندگي ۽ آبياري ڪندڙ آهي، تمام گهٽ نظر اچي رهيو آهي. ياد رکو ته هي احتجاج، جلوس ۽ ڌرڻا ڀلي بظاهر توهان کي ڪو ٻوٽو ٻاريندي ۽ نتيجو ڏيندي نظر نه ايندا هجن، پر مزاحمت ۽ احتجاج جا اهي رنگ ۽ ڳاڙها جهنڊا “جاکوڙ جي نظر نه ايندڙ اُتاهين ٿَلهي” تي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. ان ڪري همت هارڻ بجاءِ انهيءَ مزاحمت ۽ احتجاج کي جاري رکنداسين ته سِگهو ئي انقلاب ۽ بهتري جا خوبصورت نتيجا اسان جا قدم چمندا!