ڇا سمنڊ سنڌوءَ جي ڊيلٽا کي ڳِهي ويندو؟

0
89
ڇا سمنڊ سنڌوءَ جي ڊيلٽا کي ڳِهي ويندو؟

 دنيا ۾ ندين جا ڊيلٽا (ڇوڙ وار علائقا)زمين جي فقط هڪ سيڪڙو ايراضي تي پکڙيل آهن پر انهن ۾ لڳ ڀڳ اڌ ارب ماڻهو رهن ٿا. زرخيز زمين، سامونڊي ٻيلن ۽ وڏي مقدار ۾ مڇي جي پيداوار جي ڪري دريائي ڊيلٽائن جو خوراڪ جي پائيدار فراهمي ۽ معاشي ترقي ۾ هڪ اهم ڪرادار رهيو آهي. لڳ ڀڳ تيرنهن هزار اسڪوائر ڪلوميٽرن يا  32 لک ايڪڙن تي پکڙيل “سنڌو جي ڊيلٽا”يا اِنڊس ڊيلٽا جو به ڪڏهن عروج هو. جتي سِنڌو درياءَ بادشاهه بنا بندن ۽ رڪاوٽن جي مختلف ڇاڙهن ۾ ورهائجي وڃي سمنڊ سان ملندو هو. چيو وڃي ٿو ته ان وقت ساليانو لٽ اچڻ ڪري زمين تمام گھڻي زخيز هئي جنهن ڪري زرعي پيداوار تمام ججهي ٿيندي هئي. هن علائقي جا ڳاڙها چانور ديسان ديس مشهور هئا. انهن چانورن جو واپار سمنڊ وسيلي  مختلف ڏيهن سان هلندو هو. ڍنڍون ، ڍورا ۽ تمر جا ٻيلا هجڻ ڪري هن علائقي مان مڇي ۽ جھينگن جي تمام وڏي پيداوار حاصل ٿيندي هئي. جنهن ڪري ڊيلٽا وارو حصوسنڌ جي ٻين پرڳڻن کان خوشحال هو.پر پوءِ زراعت لاءِ پاڻي جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي ۽ درياءَ جي پڇاڙ تي پوندڙ  سخت اثرن کي پاسي تي رکي، درياءَ جي مٿين پاسي ڊيمن، بيراجن، لنڪ ڪينالن جو ڄار وڇائي سِنڌوءُ کي پابند سلاسل ڪيو ويو. نتيجي ۾ اِنڊس ڊيلٽاجو عروج ختم ٿي ويو ۽ ان جي ماحول، نباتات، ايڪولاجي، جيومارفالاجي، هائڊرولاجي وغيره ۾ هرگذرندڙ ڏينهن سان گڏتباهي اچڻ شروع ٿي.

سنڌوءُ جي ڊيلٽا کي دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا قرار ڏنو ويو آهي جيڪو سرڪِريڪ کان ڦِٽي ڪِريڪ تائين ڦهليل آهي.ڊيلٽا جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان کي سنه 2002ع ۾ “رامسر سائيٽ” قرار ڏنو ويو آهي.ڊيلٽا جي سامونڊي ڪناري جي ڊيگھه لڳ ڀڳ 180 ڪلوميٽر آهي ۽سِنڌوءَ جو ڊيلٽا سنڌ جي ٽن ضلعن يعني ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ ڦهليل آهي. موجوده ڊيلٽا کي طبعي طور ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. وِيرن چڙهڻ واروسيلابي علائقو (Tidal Flood Plain) جيڪو ڪُل ڊيلٽا جو لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو ٿئي ٿو، ان سان گڏو گڏ وسيع ڪلراٺو غيرآباد علائقو ۽ واهن وسيلي آباد ٿيندڙزرعي علائقو.سجاول ضلعي ۾ وِيرن چڙهڻ واري علائقي جي ايراضي ٺٽي ضلعي واري پاسي وِيرن چڙهڻ وارو علائقي کان ٻيڻي آهي ۽ گھڻو هَموار آهي. ان ڪري سجاول ضلعي ۾ ٻين ساحلي ضلعن جي ڀيٽ ۾ سمنڊ جي ڌڪي اچڻ (Seawater Intrusion) ۽ سامونڊي آفتن اچڻ ڪري نقصان جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.

هن وقت سِنڌو جي ڊيلٽا کي انيڪ مسئلا درپيش آهن. جن ۾ سامونڊي ڪناري جو کاڌ(Coastal Erosion)، زمين جي مٿاڇري تي ۽ زير زمين سمنڊ جو خشڪي طرف ڌڪي اچڻ  (Seawater Intrusion)، متحرڪ ڊيلٽا جو سسڻ، سائڪلونن کان بچاءَ لاءِ بند جو نه هجڻ، زمينن جو ڪلراٺو ٿيڻ، جر جو کارو ٿيڻ ، ڊيلٽا طرف ايندڙ دريائي پاڻي ۽ لَٽ ۾ نمايان ڪمي، ڍنڍن ۽ ڍورن جو کارو ٿيڻ، وڌندڙ بيروزگاري ۽ غربت شامل آهن.سمنڊ ڊيلٽا جي ڪناري کي پائي ۽ خشڪي طرف گھڙي ڪري اچِي  ڊيلٽا کي آهستي آهستي  ڳِهي رهيو آهي.

سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي زمين گھڻو ڪري هموار آهي ۽ ان جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ايراضي سمنڊ جي سطح کان صرف پنج ميٽر مٿي آهي. انڪري ڊيلٽا سمنڊ کان ايندڙ قدرتي آفتن ۽ ٻوڏن لاءِ نهايت موزون آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به سامونڊي طوفان سنڌ طرف آيو آهي ته ان هڪ وڏي علائقي ۾ تباهي آندي آهي. سن 1965ع، 1999ع ۽ 2007ع ۾ آيل سائڪلونن سبب آيل تباهين جا نقش اڄ به ڊيلٽا جي ماڻهن جي دلين ۾ نقش آهن. ٻيو ته چوماسي ۾اڪثر35 في ڪلاڪ جي رفتارسان گھلندڙ هوائن جي نتيجي ۾ سامونڊي لهرن ۽ ويرن چڙهڻ  جي ڪري پڻ سامونڊي ڪناري سان آباد ڳوٺ اڪثر ڪري سامونڊي پاڻي ۾ ٻُڏندا رهندا آهن.

هڪ اندازي مطابق بيراجن، ڊيمن ۽ لنڪ ڪينالن ۾ قيد ٿِيڻ کان هن وقت تائين ڊيلٽا طرف ايندڙ سنڌو جي پاڻي ۾ اندازن 80 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي نتيجي ۾ ڊيلٽا لاءِ زندگي جي حيثيت رکندڙ ۽ پاڻي سان وهي ايندڙ لَٽ ۾ پڻ نمايان گھٽتائي آئي آهي. چيو وڃي ٿو ته ويهين صدي ۾ ڊيلٽا ۾ لٽ جمع ٿيڻ جي شرح ساليانو 8 ملي ميٽر هئي جيڪا ايڪويهين صدي ۾ گھٽجي اچي هڪ ملي ميٽر ساليانو تي پهتي آهي. نتيجي ۾ سامونڊي ڪنارو کاڌ جو شڪار آهي. هڪ تحقيق مطابق ته سامونڊي ڪنارو اندازن ساليانو 28 ميٽر خشڪي طرف وڌي رهيو آهي. سامونڊي کاڌ جو اثر سڀ کان وڌيڪ سجاول ضلعي ۾ موجود“وَري ڪريڪ” ۽ “کوبرڪريڪ” وارو علائقي تي آهي جتان سمنڊ تيزي سان خشڪي طرف وڌي رهيو آهي.

موسمي تبديلين جي نتيجي ۾ گليشيئرن جي رجڻ ڪري سمنڊ ۾ پاڻي جي سطح مٿي وڃي رهي آهي. هڪ اندازي مطابق سنڌوءُ جي ڊيلٽا جي سامونڊي ڪناري سان سمنڊ ۾ پاڻي جي ليول هڪ کان ٻه ملي ميٽر ساليانو جي حساب سان وڌي رهي آهي. نتيجي ۾ ڊيلٽا جي زمين هموار هجڻ ڪري سمنڊ تيزي سان  خشڪي طرف وڌي رهيو آهي. ان سڄي عمل کي روڪڻ لاءِ سنڌوءُ ۾ ڊيلٽا طرف ايندڙ لَٽ ۽ پاڻي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. جن ۾ هاڻي نمايان گھٽتائي ٿي وئي آهي.

1955ع ۾ يو ايس آرمي ميپ سروس طرفان پاڪستان ۽ هندستان جي ٺاهيل نقشن (Topo maps) جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪافي ڳوٺ، مقام ، واهڻ ۽ وسنديون ان وقت آباد ۽ شاداب هئا ۽ اهي سامونڊي وِيرن واري سيلابي علائقي (Tidal floodplain) کان ٻاهر هئا پر اڄ اهي ان دلدلي علائقي جو حصو بڻجي تباهه ٿي کنڊر بڻجي ويا آهن. جنهن ۾ پير شاهه صمندو جو مقبرو، شاهه قاسم جو مقبرو، ڳوٺ ولي محمد جت، قاسم جت، ڳوٺ خليفا مبارڪ، ڳوٺ ڇاڇلو، رتو ڪوٽ قلعو، ڳوٺ خچر، ڳوٺ خدا بخش، چچ ولي محمد، ڳوٺ ارب، ڳوٺ نٿو سميت ڪافي ڳوٺ شامل آهن. انهن مان ڪجهه جا ته تباهه ٿيل نشان موجود آهن پر ڪافي ڳوٺن ۽ وسندين جا ته نشان ئي سامونڊي ويرن ميساري ڇڏيا آهن.  پير شاهه صمندوجي مقبري جا نشان جاتي شهر کان 34 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف صمندو ڪريڪ جي اڀرندي ڪناري تي سامونڊي وِيرن واري علائقي ۾ آهن.

سامونڊي ڪنارن سان آباد شهرن جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ بابت هڪ تازي کوجنا مطابق ته سمنڊ ۾ پاڻي جي ليول مٿي چڙهڻ ۽ زمين جي ويهڻ (Land subsidence) جي ڪري دنيا جا ڪافي شهر سمنڊ ۾ ٻڏڻ طرف وڃي رهيا آهن. جن ۾ استنبول، لاگوس، ممبئي، آڪلينڊ، جڪارتا، چِٽاگانگ، منيلا ، ٽي آنجن ۽ ڪراچي شامل آهن. سنڌ جي ساحلي علائقن جي زمين 10 ملي ميٽرساليانو جي حساب سان ويهي رهي آهي.جيڪا سمنڊ جي پاڻي جي ليول مٿي چڙهڻ کان پنجوڻ تي وڌيڪ آهي. ان حساب سان ساليانو سنڌ وٽ سمنڊ جي ليول 12 ملي ميٽر وڌي رهي آهي. زمين ويهڻ جا مختلف سبب ڄاڻايا وڃن ٿا. جن ۾ زميني بناوت، زميني پليٽن جي حرڪت، جر جو پاڻي جھجھي مقدار ۾ ڪڍڻ ۽ تيل ڪڍڻ شامل آهن. جيڪڏهن تدبيري اُپاءَ نه ورتا ويا ته موسمي تبديلين جي نتيجي ۾سمنڊ جي ليول وڌڻ ۽ زمين جي ويهڻ  (Land Subsidence)جو گڏيل نتيجو اهو نڪرندو جو سمنڊ سنڌوءَ جو ڊيلٽا کي آهستي آهستي ڳهي ويندو.ان ڪري هن وقت انڊس ڊيلٽا، گورنمينٽ،پاليسي ساز ادارن ۽ سنجيده، قابل ۽ ساک رکندڙ ادارن جي هنگامي توجهه جو مرڪز هجڻ گھرجي.

حڪومت ۽ وس وارن کي ڊيلٽا جي بچاءَ ۽ بحالي لاءِ ڪجهه مکيه تجويزون ڏجن ٿيون جن تي سنجيدگي سان غور ۽ فڪر ڪري انهن تي عمل ڪيو وڃي ان کان پهرين جو سڄو ڊيلٽا سمنڊ ڳِهي وڃي.

بين الاقوامي ماهرن طرفان سفارش ڪيل سراسري طور ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ (MAF) پاڻي کي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ماحولياتي وهڪري طور ڇڏيو وڃي. انهي سان گڏ، ڪوٽڙي بئراج کان نڪرندڙ واهن ۾ پڻ جھجھو پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن پاڻي ڊيلٽا جي پڇاڙ تائين پهچي ۽ سامونڊي پاڻي جي مداخلت (Seawater Intrusion)  تي ضابطو آڻي. آبپاشي لاءِ ٺهيل واهه، ڍورا ۽ شاخون سنڌوندي کان پري واري علائقن ۾ سامونڊي مداخلت تي ضابطوآڻڻ ۽ جر واري پاڻي کي بهتر ڪرڻ ۾ وڌيڪ اثرائتا ۽ مفيد آهن.

ڊيلٽا ۾ موجود پراڻن وهڪرن يا ڍورن جهڙوڪ “اوچتو” ۽ “گونگري” کي بحال ڪيو وڃي انهن جو درياءَ سان ڪٽيل رابطو وري بحال ڪيو وڃي. انهن جي بحالي سان هڪ ته دريائي ٻوڏ دوران درياءَ جي بندن تي دٻاءُ گھٽبو، ٻيو ته پاڻي ۽ لٽ انهن وهڪرن وسيلي سڄي ڪناري سان ڇوڙ ٿيندو ۽ درياءَ جو پاڻي سڄي ڊيلٽا جي ماڻهن تائين پهچندو.

انڊس ڊيلٽا جي وِيرن واري سيلابي علائقي تي تمر جي پوکي کي همٿايو وڃي خاص ڪري سجاول ضلعي ۾. تمر جا ٻيلا قدرتي آفتن جھڙوڪ:وڏين وِيرن، سامونڊي طوفانن ۽ سونامي جي اثرن کان گھٽائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندي پهرين مورچي جو ڪم ڪن ٿا. ان کان علاوه تمر جا ٻيلا لَٽ کي جھلي ۽ڄمائي سامونڊي ڪناري کي وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.ان سان گڏ مڇي، جھينگن ۽ ٻي سامونڊي زندگي جي واڌ ويجھه سان گڏ  ساحلي علائقن ۾ رهندڙ آبادي کي ڪاٺ، چراگاهه  ۽ روزگار مهيا ڪن ٿا.سامونڊي وير آهستي چڙهندي آهي پر جڏهن لهندي آهي ته اها تيزي سان لهندي آهي نتيجي ۾ اها کاڌ پيدا ڪندي آهي. خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي تمر جا ٻيلا نه هوندا آهن. ان ڪري تمر جي ٻيلن کي وڌائجي ۽ انهن جي غير قانوني واڍي تي بندش وجھجي.

ڊيلٽا ۾ موجود ڍنڍون ۽ ڍورا اڪثر کارا ٿي ويا آهن. انهن کي بحال ڪري برسات دوران پاڻي گڏ ڪري ذخيرو ڪيو وڃي. اهو پاڻي ضرورت وقت پيئڻ ۽ زراعت لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. انهن ڍنڍن ۾ گڏ ٿيل پاڻي سيمو ڪري جر جي پاڻي کي به بهتر ڪندو.

سمنڊ جو زمين جي مٿاڇري تي گھڙي اچڻ   ((Surface Seawater Intrusionکي گهٽائڻ لاءِ ڪوسٽل هائي وي جي اڳ ۾ ٺهيل 28 ڪلوميٽر حصي کي سامونڊي ويرن واري حدن (Periphery)سان گڏ اڳتي وڌائي “سڄڻ واري” وٽ سنڌوءَ تي پُل وِجھي ان کي علي بندر تائين کڻي وڃجي. ان هائي وي جي تعمير ڪرڻ سان ٽي فائدا حاصل ٿيندا. هڪ ته سامونڊي ڪناري جي ماڻهن کي زرعي توڙي سامونڊي پيداوار کي ڪراچي جي مَنڊين ۾پهچائڻ تمام سولو، سستو ۽ تڪڙو ٿي پوندو. ٻيو ته سمنڊ جي پاڻي جي وڌندڙ سطح ۽ زمين جي ويهڻ جي ڪري روزانو جي بنياد تي خشڪي طرف وڌندڙ سمنڊ کي روڪي سگھبو. ٽيون ته سائڪلون يا سونامي جي شدت کي گھٽ ڪرڻ لاءِ هي هائي وي ٻي مورچي جو ڪم ڏيندي.

Email: [email protected]