،، ع لي ،،
ڇا توھان اي آءِ کي استعمال ڪرڻ ڄاڻو ٿا ؟ ڇا توھان سکڻ سمجھڻ چاھيو ٿا ته اي آءِ کي ڪيئن استعمال ڪجي ؟ ڇا توھان ايندڙ ايجادن ۽ تبديل ٿيندڙ دنيا سان پاڻ کي ڳنڍڻ چاھيو ٿا ؟
واٽسپ تي اي آءِ آرٽيفيشل انيٽلجنس چيٽ بوٽ ڪيئن استعمال ڪجي ؟
ڪيترن ئي دوستن وٽ سوشل پيڪج ئي ھوندو آھي ٻيو پيڪج ناھي ھوندو ۽ پوءِ ٻي ڊيٽا ڏسڻ ھلائڻ کان قاصر ھوندا آھن انھن دوستن جي لاءِ واٽس ايپ تي اي آءِ چيٽ بوٽ ھلائڻ جا ٻه اسان طريقا آھن
1 طريقو :
ميٽا طرفان واٽس ايپ تي گول رنگين دائري کي جيئن ڪلڪ ڪندا ته ھڪڙو چيٽ بوڪس کلندو ۽ چيٽ شروع ڪري ڇڏيو انگلش ۽ اردو ۾
2 ھن لکڻي ۾ نمبر آھي ان کي سيو ڪيو ۽ واٽس ايپ تي وڃي چيٽ شروع ڪيو ھن چيٽ جي پي ٽي تي سنڌي اردو سميت ڪنھن به ٻولي ۾ چيٽ ڪري سگھجي ٿي
نوٽ : نمبر کي ڪاپي ڪرڻ کانسواءِ سڌو سيو ڪجو ڪاپي ڪرڻ سان نمبر اڳتي پوئتي ٿو ٿي وڃي +1(800) 242-8478
وائيس مان ٽيڪسٽ اکرن ۾ تبديل ڪرڻ جو واٽس ايپ جو طريقو
طريقو
واٽسپ تي وڃو اتي مٿي 3 ٽٻڪا ھوندا انھن کي ڪلڪ ڪيو انھن کان ھيٺ سيٽنگ لکيل ھوندو ان کي ڪلڪ ڪيو ان کانپوءِ چيٽ Chat لکيل ھوندو ان کي ڪلڪ ڪيو چيٽ کانپوءِ ان جي ھيٺ ھڪڙو آپشن ھوندو Voice massage transcript ان کي ڪلڪ ڪيو
ھاڻي جيڪي به وائيس ھوندا انھن کي اکرن ۾ تبديل ڪري سگھو ٿا
نوٽ: فلحال ھن ۾ ڪجھه محدود يا مخصوص ٻوليون آھن ايندڙ وقت ۾ تقريبن سڀ ٻوليون اچي وينديون
اسڪين: واٽس ايپ جو ٻيو فيچر
واٽس ايپ جو ھڪڙو ٻيو فيچر به آيو آھي جنھن ۾ توھان کي ڪاغذ وغيره اسڪين ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن به ٿرڊ پارٽي مطلب ٻي ڪا ايپليڪيشن استعمال ڪرڻي ڪونه پوندي واٽس ايپ ئي اسڪين ڪندو ۽ اسڪين ٿيل ڪاغذ ڪنھن ڏانھن به موڪلي سگھو ٿا
اي آءِ (آرٽيفيشل انٽيلجنس) کان تصويرون ڪيئن ٺھرائجن
اي آءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس چيٽ بوٽ کان اڳتي وڌي ھاڻي دنيا ۾ ٻين شين کي آسان يا سولو ڪندو اڳتي وڌندو پيو وڃي اھا اسان جي بدقسمتيءَ يا اڻ ڄاڻائي آھي جو اڃا تائين اي آءِ چيٽ بوٽ کي به صحيح طريقي سان استعمال نه پيا ڪري سگھون
اي آءِ کي استعمال ڪرڻ جا مختلف طريقا ۽ مختلف ايپليڪيشن آھن انھن کي استعمال ڪري پنھنجي پئسن جو ذريعو پيدا ڪري سگھجي ٿو، اي آءِ چيٽ بوٽ 2 طريقن جا آھن ھڪڙو محدود ڊيٽا تي مفت ھلڻ وارو ۽ ٻيو پئسن سان خريد ڪري ھلائڻ وارو ھتي پاڻ واٽس ايپ ميٽا جي اي آءِ کان سوشل پڪيج ۾ تصويرون ٺاھڻ سکندسوان
تصويرون ٺاھڻ جو طريقو
ميٽا جي واٽس ايپ اي آءِ چيٽ بوٽ کولي پوءِ imagine/ لکبو يا رڳي / جو نشان ڏبو ته تصوير ٺاھڻ جي لاءِ ھڪڙو آپشن ايندو ان کي جيئن ڪلڪ ڪندا ته Imagine/ نيري پٽي سان چيٽ بوڪس ۾ اچي ويندو پوءِ توھان کي ڪھڙا منظر يا شھر جي ڪھڙي نموني جي تصوير گھرجي پوءِ اھو سڀ انگلش ۾ لکو ۽ ڪلڪ ڪيو ڪجھه سيڪنڊ ۾ توھان جي ڏنل ترتيب سان تصوير تيار ٿي ويندي
اي آءِ ميٽا ۾ تصوير ٺاھڻ جو ٻيو طريقو
ڪيترائي دوست اي آءِ کي استعمال جو شوق دلچسپيءَ رکن ٿا پر انھن جو خيال آھي ته خرچ نه ڪيون ۽ اھو ڪم سستو ۽ مفت ۾ ٿئي انھن دوستن جي لاءِ واٽس ايپ تي ميٽا طرفان اي آءِ جي مدد سان تصويرون ٺاھڻ جو آسان طريقو آھي
طريقو ڪھڙو آھي ؟
اي آءِ ميٽا طرفان چيٽ بوڪس کوليو ۽ ان ۾ انگلش ۾ تصوير جيڪو به ڪجھه چاھيو ٿا منظر نگاري ھجي رنگ ھجن ڪھڙي موضوع تي تصوير ھجي وغيره مطلب جيڪو ڪجھه چاھيو ٿا ته ان کي انگلش ۾ لکو ۽ ڪلڪ ڪيو ڪجھه سيڪنڊ ۾ تصوير ٺھي ويندي
مون وانگر ڪيترن ماڻھن کي انگلش ناھي ايندي پوءِ ؟
جنھن کي انگلش نٿي اچي انھن جي لاءِ ٻيا ڪيترائي طريقا آھن پر ھتي پاڻ آسان 2 طريقن کي ٿا سمجھون
1 توھان چيٽ بوٽ ۾ اردو۾ ئي منظر نگاري لکو چيٽ بوٽ کي چئو ھن کي انگلش ۾ ترجمو ڪري چيٽ بوٽ ڪجھه سيڪنڊ ۾ ترجمو ڪري ڏيندو ۽ پوءِ ان کي ڪاپي ڪري واپس چيٽ بوٽ ۾ رکي چئو ميڪ دي پڪچر چيٽ بوٽ تصوير ٺاھي ڏيندو
2 گوگل طرفان ٽرانسليٽ جي لاءِ ھڪڙي ايپليڪيشن آھي ان کي موبائل ۾ انسٽال ڪيو ۽ دنيا جي ڪھڙي به ٻولي ۾ جملن کي ترجمو ڪيو ترجمو ٿيل مواد کڻي چيٽ بوٽ ڏي کڻي تصوير ٺھرائي سگھو ٿا ….
(فيس بوڪ تان ورتل)