ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار سيف علي خان گهر ۾ حملي دوران زخمي ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پٽ تيمورجي ردعمل بابت وڏا انڪشاف ڪيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب، سيف علي خان هڪ انٽرويوءَ دوران ٻڌايو ته شروع ۾ هن کي خبر ئي نه پئي ته کيس چاقو لڳو آهي، بس ٿوري تڪليف محسوس ٿي، جيئن چيلهه ۾ ڪو مسئلو هجي. انهيءَ دوران ڪرينا ڪپور هن کي اسپتال وڃڻ لاءِ چيو، هوءَ مدد لاءِ فونون ڪري رهي هئي، ان وقت گهر ڪو ٻيو موجود نه هو. سندس چوڻ هو ته جڏهن هن ڪرينا کي چيو ته ٺيڪ آهيان مران نه پيو ته تيمور کائنس پڇيو ته ” ڇا توهان مري ويندئو ؟“ پر هن کيس جواب نه ڏنو. ليلا وتي اسپتال جي ڊاڪٽرن ميڊيا کي ٻڌايو ته زخمي سيف علي خان پنهنجي پٽن تيمور ۽ ابراهيم سان گڏ اسپتال پهتو. سيف علي خان ٻڌايو ته جڏهن هن اسپتال ۾ تيمور کي ڏٺو ته هو مڪمل طور تي مطمئن لڳي رهيو هو، کيس ڏسي هن کي گهڻو سڪون مليو، ڇو ته هو ان وقت اڪيلو رهڻ نه پيو چاهي. سندس چوڻ هو ته شايد ڪرينا ڪپور ڄاڻي ٿي ته ان حالت ۾ تيمور جو ساڻس گڏ هجڻ تمام ضروري هو، ان ڪري ئي

هن کيس ساڻس سان گڏ اُماڻيو هو.