ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽڻ تي سموري دنيا جي موجودا توڙي اڳوڻن ڪرڪيٽرن فاتح ٽيم کي واڌايون ڏنيون جن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرز به شامل هئا پر انهن سڀني ۾ هڪ ڪرڪيٽر جي انسٽاگرام اسٽوري سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا جي ڪاميابي کانپوءِ انسٽاگرام جي اسٽوري تي لکيو ته ” ڪرڪيٽ آسٽريليا کي وڌايون، فائنل ۾ اوهان ڇا ته شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو“بابر اعظم جي ان اسٽوري تي مداحن کي گذريل سال 2022ع ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ياد اچي ويو جنهن ۾ انگلينڊ پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.