ڇا برساتي ٻوڏ جي نقصان کان بچڻ لاءِ ڊيم ضروري آهي؟

0
48
منڇر، سنڌو تهذيب جو مرندڙ ماڳ 

  ڊان اخبار 11 سيپٽمبر 2022ع ۾ ڇپيل خبر مطابق پاڪستان جي فوج جي سربراھھ دادو ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ کانپوءِ چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊگھي مدي واري منصوبه بندي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ وڏا ڊيم ٺاهڻ ۽ پاڻي نيڪال جون رٿون شامل آهن. هن اهو به چيو ته ملڪ ۾ وڏن ڊيمن ٺاهڻ جي ضرورت آهي، پر ڪٿي ٺهڻ کپن اهو هينئر ڪجهه نٿو چئي سگهجي. هن اهو به چيو ته پاڻي وهڪرن تي ضابطو ڪرڻ لاءِ سوات ۾ ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته فوج طرفان ان سلسلي ۾ هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا ايندڙ هفتي وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي گڏجاڻي ۾ پيش ڪئي ويندي.

  فوج جي سربراهه جي ڪيل ڳالهه ٻولهه جي پهرين حصي، جنهن ۾ هن ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، سان اختلاف رکندي سندس ڳالهه جي ٻي حصي ته پاڻي نيڪال جا وڏا منصوبا ٺاهڻا پوندا سان، متفق آهيون. پاڻي نيڪال جا وڏا منصوبا 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ فورن شروع ٿيڻ کپندا هئا، پر سنڌ آبپاشي کاتي جي نااهلي ۽ بي حسي ڪري اڄ سڄي سنڌ ٻڏي پئي آهي. برساتي ٻوڏ جي ڪري جتي خريف جو فصل ختم ٿي ويو آهي، اتي چوپايو مال پڻ وڏي تعداد م ٻوڏ ۾ لڙهي ويو آهي. سنڌ جي عام ماڻهو جو گذر زراعت ۽ چوپايو مال تي آهي، جيڪي ٻئي هن کان کسجي ويا آهن. جيڪڏهن ٻنين ۾ بيٺل پاڻي جلدي نه ڪڍيو ويو ته ايندڙ ربيع جو فصل به نه ٿي سگهندو. اهڙي حالت ۾ سنڌ ڏڪار جي طرف وڌندي نظر اچي ٿي. ملڪ ۾ ڊيمن ٺاهڻ جي ڳالهه 1960ع واري سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ شروع ٿي. انهي معاهدي تحت هندستان کي ڏنل ٽن دريائن جي عيوض مليل خطير رقم مان پاڪستان کي پنهنجا متبادل ڪم 1970ع کان پهرين مڪمل ڪرڻا هئا. پاڪستان 1968ع تائين پنهنجا متبادل ڪم مڪمل ڪري ورتا، جن ۾ منگلا ڊيم شامل آهي. انهيءِ معاهدي جي مدت ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان 1976ع ۾ تربيلا ڊيم سنڌو درياهه تي ٺاهيو. موجودهه وقت ۾ صرف سنڌو درياهه ئي هڪ اهڙو درياهه آهي، جنهن تي ڊيم ٺاهي سگهجن ٿا. جنرل ايوب خان جي دور حڪومت کان وٺي جيڪي به حڪمران آيا آهن، انهن سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر سنڌ جي عوام جي مخالفت ڪري اهو مسئلو التوا جو شڪار رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ جو ماڻهو تربيلا ڊيم ٺهڻ ڪري انڊس ڊيلٽا جي تباهي اکين سان ڏسي رهيو آهي ۽ هو اهو سمجهي ٿو ته وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ معنى سنڌ سڪائڻ. اڄڪلهه ڀاشا ڊيم جي ڳالهه زور شور سان ڪئي پئي وڃي. ڀاشا ڊيم ٺاهڻ ۾ ڪجهه رڪاوٽون آهن. هڪ ته اهو علائقو جتي ڊيم ٺهڻو آهي، اهو زلزلي واري علائقي ۾ هئڻ سان گڏوگڏ  انهي علائقي تي گلگت ۽ خيبر پختونخوا جي ٻن قبيلن ۾ ڪافي عرصي کان جهيڙو هلندڙ هو، جنهن جو فيصلو تازو 2022ع ۾ ٿيو آهي. انگريزي اخبار ڊان ۾ 12 جنوري 2022ع تي آيل خبر مطابق ٻنهي ڌرين ۾ هڪ جرڳي طرفان ٺاهه ڪرايو ويو. انهي ٺاهه مطابق سرڪار ٻنهي ڌرين کي زمين جا پئسا ڏنا ۽ جهيڙن ۾ زخمي ۽ مري ويلن کي معاوضو ڀري ڏنو.

انهي فيصلي واري تقريب ۾ چيئرمين واپڊا ليفيٽينٽ جنرل (ر) مزمل حسين کانسواءِ ڪمانڊر ناردن فورس ايرياز (FCNA) ميجر جنرل جاويد احمد قاضي پڻ موجود هو ٻيو ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ لاءِ پاڪستان سرڪار وٽ پئسا نه آهن. اخباري اطلاعن مطابق دنيا جو ڪو به ادارو ايڏو وڏو قرض ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ ٻي به خبر آهي ته چين سان رابطو ڪيو ويو، جنهن اهڙا ڏکيا شرط رکيا جو في الحال پاڪستان سرڪار خاموش آهي. ڊيم حامين طرفان ڊيم جا 3 فائدا ٻڌايا وڃن ٿا. هڪ ته اهو ٻوڏ کي روڪيندو، ٻيو پاڻي جمع ڪندو ۽ ٽيون سستي بجلي مهيا ڪندو. اهو هڪ ڊگهو بحث آهي پر مختصر آئون اهو چوان ٿو ته اسان وٽ ٺهيل ڊيمن مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڊيمن مان هڪ مند کان ٻي مند تائين پاڻي ضرورت مطابق موجود نه هوندو آهي. هن سال درياهه ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ هئڻ باوجود ارسا ربيع مند ۾ 20 سيڪڙو پاڻي کوٽ جي ڳالهه ڪئي آهي. انهي مان صاف واضح ٿي وڃي ٿو ته ڊيم پاڻي ضرورت مطابق جمع نٿا ڪن. جيستائين ٻوڏ کي روڪڻ جو تعلق آهي ته هن سال آيل ٻوڏ انهي دعوا کي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ آيل ٻوڏ بلوچستان ۽ سرائيڪي علائقي جي جبلن تان آيل پاڻي ڪري آئي، جنهن تي ڊيم اڏڻ ناممڪن آهي، جيڪڏهن اتي ڊيم ٺاهيا ويا ته انهن جو اهڙو حشر ٿيندو جهڙو تازو ٻوڏن ۾ بلوچستان ۾ ٺهيل ننڍن ڊيمن جو ٿيو. هن سال پڻ تربيلا ڊيم ڀرجڻ کانپوءِ پاڻي هيٺ ڇڏيو ويو، جنهن سنڌ ۾ دريائي ٻوڏ آندي. انهي مان واضع ٿئي ٿو ته ڊيم ٻوڏ کي روڪي نٿا سگهن. ڇا سوات ۾ ڊيم ٺاهي سگهجي ٿو؟ سوات ندي ۾ سانوڻي ۾ پاڻي وڌ ۾ وڌ هڪ لک ڪيوسڪ جي قريب اچي ٿو. 1985ع ۾ ته اهو صرف 40 هزار ڪيوسڪ هو.

هن سال سوات ندي ۾ 3 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو هو. انهي ڪري ايتري ٿوري وهڪري تي ڊيم ٺاهڻ ڪنهن به ريت فائديمند نه آهي. جستائين سستي بجلي جو تعلق آهي ته هن وقت دنيا ۾ سولر سسٽم ذريعي حاصل ٿيندڙ بجلي سڀ کان سستي آهي. خاص ڪري اسان جهڙي ملڪ جنهن ۾ سال جا 300 ڏينهن گرمي هوندي آهي. اسان وٽ مستقبل سولر سسٽم جو آهي. اسانجي ملڪ ۾ هوا ذريعي پڻ سستي بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. دنيا ۾ وڏا ڊيم ختم ڪيا پيا وڃن. هڪ اندازي مطابق آمريڪا ۾ گذريل ڏهه کان پندرهن سالن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ڊيم ختم ڪيا ويا آهن. يورپ ۾ هر مهيني ڪٿي نه ڪٿي ڪو ڊيم ٽوڙيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اسان وڏن ڊيمن ٺاهڻ جي وڪالت ڪريون ٿا. ملڪي سربراهن کان علاوه ملڪي اهم عهدي تي مقرر هي ٻيو عهديدار آهي. جنهن ڊيمن ٺاهڻ جي حمايت ڪئي آهي. 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ جي ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار، ڀاشا ۽ محمد ڊيم چندي ذريعي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ سڀ کان پهرين پاڻ ان ۾ ڏهه لک روپيا جمع ڪرايا. فنڊ جمع ڪرڻ جي حوالي سان ثاقب نثار جو هڪ واقعو اخبارن جي زينت بڻيو. اخبار ۾ اها خبر آئي ته ڪنهن سياستدان شهري هوابازي جي آفيسر سان زيادتي ڪئي آهي چيف جسٽس ان جو نوٽيس وٺندي سياستدان کي آفيسر کان معافي وٺڻ ۽ ڏنڊ طور 30 لک روپيا ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. هڪ اندازي مطابق انهي چندي مهم ۾ ڏهه ارب روپيا جمع ٿيا. 2013ع ۾ ڀاشا ڊيم جي ٺهڻ لاءِ ڪرايل اڀياس مطابق ان تي ايندڙ لاڳت جو اندازو 14 ارب ڊالر آهي.

چندي وارا اهي پئسا ايئن آهن، جيئن اٺ جي منهن ۾ جيرو. ثاقب نثار جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ انهن گڏ ٿيل پئسن جو حساب ڪتاب ڪير به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. تازو قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي انهي جو نوٽس وٺندي، اڳوڻي چيف جسٽس کي ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها به مزيدار ڳالهه آهي ته ثاقب نثار چندو گڏ ڪرڻ لاءِ جنهن وقت غير ملڪي دورا ڪري رهيو هو ان وقت ڪورٽ ۾ 40 هزار کان مٿي ڪيس التوا ۾ هئا. اخباري اطلاعن مطابق ته ڊيم فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ اشتهارن تي 14 ارب روپيا خرچ آيو. انهي ڳالهه جي چٽائي ان وقت ٿيندي، جڏهن اڳوڻو چيف جسٽس، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي آڏو حاضر ٿي، گڏ ڪيل پئسن ۽ خرچ جو حساب ڏيندو. 2013ع ۾ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو ڪاٿو 14 ارب آمريڪي ڊالر هو. جيڪو هاڻي 20 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هئڻ کپي. جيڪي ڊالر جي موجودهه قيمت سان لڳ ڀڳ 500 ارب روپيا ٿين ٿا. پاڪستان جهڙي غريب ملڪ لاءِ جنهن جو هر شهري 2 لک کان وڌيڪ جو قرضي آهي، اها رقم تمام گهڻي آهي. اها رقم دنيا مان قرض کڻي ڊيم ٺاهڻو پوندو ۽ رقم وياج سميت واپس ڪرڻي پوندي. جيڪا واپسي تائين منهنجي اندازي ۾ 50 ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿي. ايڏي وڏي رقم پاڪستان لاءِ اقتصادي خودڪشي هوندي. هيءَ ته صرف هڪ ڊيم جو ڪاٿو آهي. ملڪ جي فوج جي سربراهه ڊيمن جي ڳالهه ڪئي آهي. لڳي ٿو ته هو واپڊا جي ويزن 2025ع کان متاثر آهي، جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ ڊيم، نوان واهه ۽ بئراج ٺاهڻ جي ڳالهه ڪيل آهي. ڀاشا ڊيم لاءِ اها مزيدار ڳالهه آهي ته گذريل 15 سالن ۾ ان جو 5 دفعا سنگ بنياد رکيو ويو آهي. آخري دفعو پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ ان وقت جي وزيراعظم عمران خان پڻ اها رسم ادا ڪئي. جيئن ته ڀاشا ڊيم جنهن هنڌ تي ٺاهيو پيو وڃي، اتي زلزلي جو خطرو هر وقت رهي ٿو ۽ جيڪڏهن زلزلي جي ڪري ڊيم ٽٽي پيو ته عوام 1992ع ۾ منگلاڊيم مان هڪدم پاڻي ڇڏڻ ڪري آيل آفت کي وساري ويهندا. هن وقت جيئن ته ملڪ جي اهم ۽ طاقتور ڌر طرفان ڊيمن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي انهي ڪري ممڪن آهي ته ڀاشا ڊيم ٺهي وڃي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ اهو سنڌ جو معاشي قتل عام هوندو ۽ سنڌ جو وجود خطري ۾ اچي ويندو.