ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري لياري جنرل اسپتال جي عملي تي حملي واري ڪيس ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي ايم پي اي عبدالرشيد سميت 2 جوابدار جي عبوري ضمانت منظور ڪري 50،50 هزار جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پراسيڪيويشن ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس فائل به طلب ڪري ورتو، عدالت چيو ته هي سنجيده معاملو آهي، اوهان (ايم پي اي) ڪنهن جي آفيس ۾گهڙي ڪري بدمعاشي ڪئي ۽ ماڻهن تي تشدد ڪيو، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ايم پي اي نه پر اتي موجود ماڻهن ۽ اسپتال انتظاميه متاثر شخص تي تشدد ڪيو آهي، عدالت چيو ته ڇا اوهان ڪنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي؟ جنهن تي وڪيل جو چوڻ هو ته اسانجو ڪيس داخل ئي نه ڪيو ويو، حڪمران جماعت جا ماڻهو اسپتال ۾ موجود هوندا آهن، سڌي ريت عبدالرشيد خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اهو ڪهڙو ڪم آهي ته ڪٿي وڃي توهان غنڊا گردي ڪريو؟ اوهان کي  ايم پي ٿيئڻو هوندو ته ٻيهر ٿي ويندو، اوهان اسپتال تي حملو ڪيو آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون آيا ته پوءِ اوهان جيل ويندئو؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته نرسنگ اسپتال  اندر وڃي بدمعاشي ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ الڳ الڳ شيون آهن، درخواستگذار جي وڪيل  چيو ته اڳوڻي ايم پي اي تي تشدد ڪري ڏند ڀڳا ويا، جنهن تي جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته معاملي کي وڌيڪ نه وڌايو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.