ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي اسٽار بيٽر ڪين وليمسن جو ديسي لڪ توجهه جو مرڪز بڻجي ويو. پاڪستاني دوري تي آيل ڪيوي بيٽر ديسي لڪ اختيار ڪيو، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، مداحن پاران واکاڻ ڪئي وئي. تصويرن ۾ وليمسن کي سرمئي ڪلر جي ٽي شرٽ سان گڏ اڇي رنگ جي گوڏ ۽ چپل پهريل نظر اچي رهي آهي، وليمسن جي نئين لباس جي سوشل ميڊيا تي واکاڻ ڪندي چاهيندڙن دلچسپ تبصرا ڪيا. هڪ مداح لکيو ته ڪين ليمسن ڏکڻ ايشيا جو روايتي لباس پهريو آهي. ٻئي لکيو ته نه اهو بس هڪ عام ٽوال آهي. ڪجهه صارفين وليمسن جي ان لباس جي تحريف ڪئي ۽ چيو ته ان پاڪستان جي ثقافت کي پنهنجو ڪرڻ(اپنائڻ) جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو تحرف جوڳو عمل آهي،