لاهور (م د) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ڇا خاص انصاف صرف شريفن جي لاءِ آهي؟ پنجاب جي اينٽي ڪرپشن پوليس جي ٽيم چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ٻين ڪيسن ۾ جوڊِيشل ميجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ گھريو، عدالت درخواست تي فيصلومحفوظ ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته مجموعي طورت ي 44 شوگر ملون هيون، 22 من پسند شگر ملن جي ڪوٽا وڌائي وئي، رحيم يار خان ۾ شگر ملز جي ڪوٽا پرويز الاهي رولز جي ابتڙ وڌائي۽ اختيار اورانگھيا، ان ڪري وڌيڪ رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت ۾ ٻڌڻي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف لاءِ ئي سمورا رليف آهن، پنج مهينن کان اسين ضمانت تي آهيون پر اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي. اسپيشل انصاف صرف شريفن لاءِ آهي ڇا؟ انصاف ته اهو آهي جيڪو ٿيندي نظر اچي ۽ ان کي عوام به تسليم ڪي. اسان کي ادارن ۽ عدالتن جو احترام آهي جڏهن ته شريفن هميشه ججن خلاف سخت ڳالهيون ڪيون آهن، اهو ڪٿان جو انصاف اهي جو نواز شريف لاڏلي لاءِ سمورا رليف ۽ باقين لاءِ سختي هجي.