اسان سڀني کي کليل دل سان اهو تسليم ڪرڻ گھرجي ته اسان اخلاقي وائڙائپ جي بلندين کي پهچي چڪا آهيون. اهي ڏينهن ويا، جڏهن دشمن به گهر جي عورتن لاءِ اکين ۾ حيا، دل ۾ احترام، ۽ لفظن جي چونڊ ۾ احتياط واجب سمجهيو ويندو هو. هاڻ ته واجب ۽ سنت جا بحث ايترا وڌي ويا آهن، جو ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. برادر محمد عامر حسيني، منهنجي گذريل ڪالم “‘نرم’ رياست کان ‘گرم’ رياست تائين” کي هڪ خاص نوٽ سان پنهنجي فيس بڪ وال تي شيئر ڪيو. هو گهڻو ڪري اهڙي نوازش ڪندو رهندو آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙن جو حلقو وسيع ٿي ويندو آهي. هن ڪالم تي جيڪو نوٽ لکيو، ان ۾ امام عليؑ جو ذڪر هو، مڪمل فهم ۽ دعوت سان گڏ. اڄ جو ڪالم لکندي، جناب سيد ابوالحسن امام علي ابن ابي طالبؑ جو هيءُ ارشاد ذهن تي دستڪ ڏئي رهيو آهي:
“ڳالهايو، ته جيئن سڃاتا وڃو”. نہج البلاغه ۾ ئي هڪ ٻئي هنڌ هي ارشاد به آهي: “انسان پنهنجي زبان جي هيٺان پوشيده آهي”. منهنجي دل چاهي ٿي ته مرشدن جي مرشدِ اعلى، امام عليؑ جي حرم (خانقاه) تائين رسائي حاصل ڪريان ۽ سندن خدمت ۾ عرض ڪريان: “منهنجا آقا! مان ته ماڻهن جي جهنگ ۾ جي ۽ وسي رهيو آهيان۔ انسان ملن ٿا ته مان انهن تائين اوهان جو هيءُ ارشاد پهچايان ٿو ته: “انسان پنهنجي زبان جي پٺيان پوشيده آهي”. اسان جي چوڌاريءَ جيڪو ڪجهه وهي واپري پيو، ان کي نرم لفظن ۾ رهيل کهيل سماج جي ڪرياڪرم جي تياري سمجهڻ گهرجي ٿو۔ فقير راهمون چوي ٿو: “شاهه جي! بنجر وات ۾ ماکيءَ سان ڀريل لفظن جي پوک ناهي ٿيندي”۔ اوهان جي ته خبر ناهي، پر مان فقير راهمون سان متفق آهيان۔ هي طالب علم ڏهاڪن کان اوهان جي خدمت ۾ اهو عرض ڪندو آيو آهي: “صاحبو! ورڇ ۽ ورهاڱي جي خوني کيٽن ۾ گلاب ناهن ٽِڙندا”. سچ ته اهو آهي ته عوامي حاڪميت کان محروم رياست ۾ عوام نه، بلڪه رعيت هوندي آهي. مان هجان يا اوهان، اسان رعيت ئي آهيون. چوڌاريءَ ماڻهن جو جهنگ آهي۔ هيءَ رياست سرمائيدار، بالادست سامراجي مزاج رکندڙ اقتدار پرست طبقن کي ئي وارو کائي ٿي. انساني سماج ۾ غور ۽ فڪر ٿيندو آهي. سوال اٿاريا ويندا آهن. مڪالمي سان رونق ايندي آهي. مڪالمي جي طاقت سان جهالت جي انڌيرن جو انت ايندو آهي.
اسان وٽ گذريل ڇاهتر- ستهتر ورهين کان جهالت جو راڄ آهي. ڀولڙن جي هٿن ۾ پاڪي آهي. اهي ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا آهن. مسئلن جو سج سوا نيزي کان به ڪجهه هيٺ آهي. عوام جي ڪل مختياري ۽ حاڪميت جي واٽ ۾ اڳي ننڍا ننڍا نالا، جهڙوڪ دفاعِ پاڪستان رولز، رنڊڪ بڻجندا هئا، پر هاڻي مالڪن اقتداري حصيدارن ساڻ گڏجي حضرت پيڪا ايڪٽ مدظله جي ديوارِ چين کڙي ڪري ڇڏي آهي. سياسي پارٽين جي نالي تي شخصي ۽ خانداني ڪمپنيون آهن، مذهبي پارٽين جي نالي تي فرقي پرستن جا هجوم. انهن رنگ برنگي هجومن جو پنهنجو پنهنجو حق آهي، هر حق جو باطل پنهنجو. هڪ ڏينهن اسان هڪ دوست سان چيو: “حق ۽ باطل جو جيڪو معيار فرقي پرست دُڪانن تي وڪامي رهيو آهي، ان کي جي گرائينڊر ۾ پيهي ڏسجي ته به حق ڳولهئي به نه ملندو”. دوست چيو، “آئون تو وانگر شهادت جو شوق هرگز ناهيان پاليندو”. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. شڪر آهي آئي وئي ٿي وئي، نه ته فتوائن جا نيزا اسان جي ڇاتين ۾ ٽنبجي به سگهيا ٿي. معاف ڪجو، مٿي بيان ڪيل سٽون ٿوريون خشڪ لڳي رهيون آهن. رمضان المبارڪ ۾ چسڪي دار سٽون لکڻ سان روزو متاثر ٿيندو آهي. اسان جو ته روز ئي متاثر رهندو آهي. اچو ته مقصد جي ڳالهه ڪريون.
هي طالب علم سنڌي سماج ۽ ڏاهپ جي سج، محترم شيخ اياز مرحوم کي پسند ڪري ٿو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾، هڪ انٽرويو دوران، هن چيو هو: “قومي سڃاڻپ تي فخر ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي، خراب ڳالهه اها آهي ته اوهان پنهنجي فخر کي حق ثابت ڪرڻ لاءِ ٻين جي قومي سڃاڻپ کي دل کولي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو”. شيخ اياز هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو: “پنهنجي قومي وجود جي تاريخي صداقت ۽ سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ، ٻين جي تاريخ کان انڪار ڪندڙ مجاور هوندا آهن، ماڻهو نه”. مون طالب علم عرض ڪيو، “شيخ صاحب، ماڻهو ڇو؟ انسان ڇو نه؟” هن ڌيرج سان جواب ڏنو: “ماڻهو هوندو ته انسان ٿيڻ جي جستجو ڪندو”. اوهان چوڌاري نظر ڊوڙائي ڏسو. هي رياست، ان جا شريڪِ ڪار طبقا، شخصي ۽ خانداني سياسي پارٽيون، ۽ فرقي پرست هجومن جا مالڪ، سڀ اسان کي رعيت بڻائڻ لاءِ اندران ئي اندارن گڏ آهن. يعني: “وچون وچون کائي جا، تي اتون رولي پائي جا”
اسان وٽ قوميتي سوال تي ڳالهائڻ ڏوهه آهي. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا، هنن سٽن ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته، هن رياست جو اصل مسئلو اهو آهي ته چوڌاري جي سچائين تي هڪ قومي نظريي جون لٺيون وسايون پيون وڃن. هاڻي لٺين جي جاءِ بندوقن وٺي ڇڏي آهي. اسان وٽ ڪنهن کي به ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته غيرمتوازن نظام جي ڪري فيڊريشن جا بنياد لڏي ۽ ڪنبي رهيا آهن. “حب الوطني جو جوشاندو” وڪرو ڪندڙن کي خبر ناهي ته ڪڏهن عقل ايندو ته “حب الوطني جوشاندو” هاڻ مُدي خارج ٿي چڪو آهي. رياستون بندوقن، جوشاندن، “آئون حق تي، تون باطل پاسي”، “آئون مسلمان، تون ڪافر” تي نه پر انصاف، علم، مڪالمي، ۽ مساوات تي قائم ۽ دائم رهنديون آهن. هيءَ رياست هلائڻ وارا بگاڙ ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي اهل ناهن. اها محرومي ڪا اڄ جي ناهي، هميشه کان آهي. مٿان وري اهو گهمنڊ به ته، “جيڪي اسان ڄاڻون ٿا، ٻيو ڪير به نه ٿو ڄاڻي”، جيڪا هڪ لاعلاج بيماري آهي”. خطي ۾ چوڌري بڻجڻ جي شوق کين رُسوا ڪيو، ان جي ڪاوڙ پنهنجن ئي ماڻهن تي ڪڍي پئي وڃي. تعليم، صحت، ۽ انصاف ڪاروبار بڻايا ويا. منصف به هاڻ سانچن ۾ ٺاهيا ويندا آهن. دنيا ۾ عدالتي فيصلا ڳالهائيندا آهن، اسان وٽ جج ڳالهائيندا آهن.
گهُٽ ۽ ٻوسٽ آهي، گهگهه اوندهه آهي، جهالت ۽ حب الوطني جوشاندو. ويڄ ۽ تن طبيب پري پري تائين نظر نٿو اچي. جيڪو اسان کي پسند آهي، اهو ئي نائبِ ارض آهي، باقي سڀ ڇاڻ بُوسو آهن. ڳالھه اُگري آهي، پر ڪڙو سچ اهو آهي ته ايٽمي طاقت، وڏي فوج، ۽ ٻه درجن ڳجهيون ايجنسيون جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي وجود جي ضمانت هجن ها، ته سوويت يونين نه ٽُٽي ها. عقل وارن لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي. اسان کي (اسان سڀني کي) ويچارڻو پوندو ته عدم توازن جو علاج ڇا آهي؟ قومي سڃاڻپ ۽ پنهنجي وسيلن تي پنهنجو پهريون حق سمجهندڙ فيڊريشن کان ناراض ڇو آهن؟ “را جي سازش”، “عالمي دشمني”، “غير ذميوار پاڙيسري” جا بهانا هاڻي وڌيڪ نه هلندا. رڳو اقتدار ڌڻين ۽ بندوق بردارن کي نه، اسان سڀني کي سوچڻو پوندو، فقط اهو ته، “ڇا اسان گڏ رهي سگهون ٿا؟جيڪڏهن گڏ رهي سگهون ٿا ته ڪيئن؟ ۽ جيڪڏهن نٿا رهي سگهون ته ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ هي سوال آهي، گار ناهي. نه ئي حب الوطني جي جوشاندي جي مقابلي ۾ نئون جوشاندو. بنيادي سوال اهو آهي ته فيڊريشن سان شڪايتون نفرت ۾ ڇو تبديل ٿيون؟ ٿورو وڌيڪ حوصلو ڪريون ته هڪ سوال اهو به آهي ته، جنهن اخلاقي زوال ۾ اسان ڳچيءَ تائين ڦاٿل آهيون، ان مان نجات جي ضرورت ڇو محسوس نه پئي ڪئي وڃي؟ سوال ته ٻيا به آهن: فرقيوار شدت پسندي آهي، طالبانائزيشن آهي، بلوچ عسڪريت پسندي آهي، انصاف براءِ فروخت … هڪ هڪ ڪري، ايندڙ ڪالمن ۾ انهن تي ڳالهائينداسين۔ اڄ جو سوال فقط هي آهي ته، “ڇا اسان گڏ رهي سگهون ٿا؟” اچو ته ان تي پنهنجي پنهنجي عصري شعور جي روشني ۾ غور ڪرڻ جي تڪليف ڪريون، متان گهڻي اوير نه ٿي وڃي. (هلندڙ)