اسان کي ابتدا کان ئي ڳالهائڻو پوندو، اهو بنهه ضروري آهي. ورهاڱي جي هل هُلاچي ۾ جيڪو ٿيو ۽ جيڪو ڪجهه لکيو ويو، ان جي تاريخي اهميت پنهنجي جاءِ تي مڃيل آهي، پر محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس ۾ نئين مملڪت جو جيڪو بيانيو پيش ڪيو، ان کان منهن- موڙ ڇو ٿي؟ ان جي ٻئي سال مختلف فرقن جي مولوين قراردادِ مقاصد منظور ڪري، لياقت علي خان جي ذريعي، رياست جي ڳچيءَ ۾ مذهبي سڃاڻپ وجهي ڇڏي. اسان ان بنيادي اصول کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون ته جڏهن ڪنهن رياست جو مذهب طئي ڪيو ويندو، ته لازمي آهي ته ان جو فرقو به طئي ڪيو ويندو. پاڪستان جو ڪهڙو فرقو طئي ٿيو؟ ڇا اسان مان ڪو به هن سوال جي حقيقت کان انڪار ڪري سگهي ٿو؟ اصولي طور تي، قراردادِ مقاصد سوشل ڊيموڪريٽڪ رياست جي جاءِ تي جهادي رياست جو بنياد وجهي ڇڏيو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گڏيل هندستان جي ويجهي تاريخ (ان وقت جي حساب سان) ۾ جن مسلم عقيدا (فرقا) رکندڙن جهاد جو دروازو کوليو، انهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ مسئلا ئي پيدا ڪيا. هڪ هڪ ڪري گڏيل هندستان جي جهادي تحريڪن جي اٿڪ ۽ انجام جو تجزيو ڪري ڏسو، توهان آسانيءَ سان سمجهي سگهو ٿا ته قراردادِ مقاصد سان طئي ٿيل مذهب ۽ عقيدي سان جڙيل جهادي رياست پنهنجا حقيقي فرض ادا نه ڪري سگهي، پر ان مذهب کي هٿيار بڻائي نئين مملڪت جي جاگرافيائي حدن، هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن، مقامي سڃاڻپ کي ختم ڪري ناقابلِ فهم سڃاڻپ مڙهي ڇڏي. ان سڃاڻپ کي رزق ان سوچ مان مليو: “مسلم هين هم، سارا جهان همارا”. هن فهم تي اٿاريل سوال غداري ۽ ملڪ دشمني قرار ڏنا ويا.
جيڪڏهن توهان 1940ع جي ڏهاڪي جي آخري ٽن سالن کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسو ته سمجهي وٺندؤ ته اسان وٽ رياست هميشه محب وطن رهي آهي ۽ ‘غدار’ بدلجندا رهيا آهن. خان عبدالغفار خان، جي ايم سيد، عبدالصمد اچڪزئي، خان عبدالولي خان، غوث بخش بزنجو، عطاءُ الله مينگل، حسين شهيد سهروردي- هي ‘غدارن’ جو ابتدائي طبقو هو. بنگالين کي هڪ قوم جي حيثيت سان اسان وٽ (اولهه پاڪستان ۾) هميشه هندن جو ساٿاري ۽ غير محب وطن سمجهيو ۽ پيش ڪيو ويو. پوءِ ‘غدارن’ جي اڳئين پيڙهيءَ ۾ شيخ مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو شامل هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جن ماڻهن انهن کي غدار قرار ڏنو، انهن رجعت پرستن جا وڏا پاڻ پاڪستان ٺاهڻ جا مخالف هئا. اسان ايندڙ نسلن جي ‘غدارن’ تي به ڳالهائينداسين، پر في الحال ڪجهه پوئتي هلون ٿا.
پاڪستان جن جاگرافيائي حدن ۾ وجود ۾ آيو، انهن مان هڪ اوڀر پاڪستان قديم بنگالي سڃاڻپ رکندڙ هو. هتي اولھه پاڪستان ۾ پشتون، بلوچ، سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي آباد هئا. انهن پنجن ئي قومن جون پنهنجون تهذيبي سڃاڻپون، تاريخون ۽ ٻوليون هيون. نئين مملڪت ۾ انهن قديم قومن جي تاريخ، تهذيب ۽ لساني سڃاڻپ کسي، پهرين ٻه قومي نظريو مڙهيو ويو، پوءِ پاڪستاني مسلم قوم جو تصور سامهون آندو ويو ۽ هندستان جي مسلم اقليت جي ٻولي اردوءَ کي قومي ٻولي طور مڙهيو ويو. جناح صاحب سميت ڪنهن به ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ته قديم قومي سڃاڻپن ۽ ٻولين جي جاءِ تي نئين قومي سڃاڻپ ۽ ٻولي مڙهڻ سان پاڪستان جي ٻنهي حصن جا ماڻهو هزارين سالن جي پنهنجي تاريخ کان ڪٽجي ويندا. هڪ زيادتي ٻي به ٿي، سا اها ته جناح صاحب سميت ڪيترائي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ اهو چوندي ٻُڌا ويا ته، “پاڪستان ته تڏهن ئي وجود ۾ اچي ويو هو، جڏهن پهرئين مسلمان گڏيل هندستان جي سرزمين تي قدم رکيو هو”. ڪجهه مذهبي شخصيتن مسلم قوميت جي شروعات سنڌ تي اموي خلافت جي حملي آور محمد بن قاسم کان ڪئي. وڌيڪ ظلم اهو ته ڪنهن به انهن کان اهو سوال نه ڪيو ته، جنهن اسلام عربن کي انهن جي پراڻي قومي سڃاڻپ، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ کان محروم نه ڪيو، ان ئي اسلام سان هتي اسان جي قديم سڃاڻپن کي ‘اَکري چُڪَ’ وانگر ڇو ميساريو پيو وڃي؟ هڪ طالب علم طور، جڏهن اسان ان انياءِ سبب پيدا ٿيل مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ته سادو جواب اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن ڪا نئين مملڪت پهرئين ئي ڏينهن کان سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي وڃي، ته پوءِ اهڙا بحران پيدا ٿين ٿا، جن جو علاج مشڪل ٿي پوي ٿو.
سيڪيورٽي اسٽيٽ رجعت پسندي ۽ مصنوعي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ هر حربو آزمائي ٿي. ايتريقدر جو ڪنهن به سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ عوام جي حقِ حڪمراني، يعني ‘عوامي جمهوريت’ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي هوندي. بلڪه سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي سڌي حڪمراني ۽ طبقاتي جمهوريت جي چوڌاري ئي سمورو نظام ڦرندو رهي ٿو. سُرت ۽ ساڃهه جي قاتل سوچ ۽ نظام سبب، رياست پنهنجي ئي ماڻهن جو اعتماد وڃائڻ لڳي ٿي. 14 آگسٽ 1947ع کان 16 ڊسمبر 1971ع تائين جي وچ وارن سالن جي تاريخ، سياسي لاهن چاڙهن، طرزِ حڪمراني ۽ رياستي جبر سبب پيدا ٿيل مسئلن ۽ بحرانن جو تجزيو انتهائي ضروري آهي. اهو تجزيو ئي اسان کي حقيقت سان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ، اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ جا حقيقي سبب سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.
تجزيو ڪرڻ کانسواءِ ئي چمڪي تي بندوق هلائڻ وارو مثال ئي ان تي ٺهڪي ايندو. ساڳي طرح، اسان کي ورهاڱي جي پسِ پرده حالتن، بدلجندڙ عالمي منظرنامي، هڪ سامراجي قوت جي محدود ٿيڻ، ۽ نئين سامراجي قوت جي ارتقائي سفر تي به غور ڪرڻو پوندو. تڏهن ئي اسان سمجهي سگهنداسين ته جڏهن سامراجي قوتون پنهنجي قبضي هيٺ آيل علائقي مان نڪرن ٿيون، ته ڪهڙا ٻج ڇٽي وڃن ٿيون. ان سان گڏوگڏ، اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو ته سامراجي قوتن جي ٺاهيل يا ٺهرايل سيڪيورٽي اسٽيٽ، مذهب کي طاقت جو سرچشمو ڇو بڻائي ٿي؟ جڏهن اسان ان سوال تي غور ڪنداسين ته “ڇا اسان گڏ رهي سگهون ٿا؟”، ته پوءِ اهو انتهائي ضروري ٿيندو ته پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين جو هر ورق ورق اٿلائي ڏسون.
اسان جي سمجهه موجب، سيڪيورٽي اسٽيٽ کان شروع ۾ ئي جيڪي غلطيون ٿيون، انهن ۾ مقامي سڃاڻپ ۽ تاريخ کان مڪمل انڪار ڪرڻ سان گڏ مذهب جي جهادي لاڙي کي اختيار ڪرڻ شامل هو. مذهب جو جهادي لاڙو ڇا هوندو آهي، ان کي آسانيءَ سان سمجهڻ لاءِ، اسان کي اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ فوج جي حمايت سان ٺهيل ٻن تنظيمن، البدر ۽ الشمس جي ڪردار کي سمجهڻو پوندو. غيرمتوازن نظام ۽ رياستي مسئلا ته اڳ ئي موجود هئا، پر عوام جي حقِ حڪمراني کي چيڀاٽڻ لاءِ غيررياستي ايڪٽرز جي سرپرستيءَ جنهن نفرت جي فصل کي پوکيو، اهو فصل اڄ به بنگلاديش ۾ لڻيو پيو وڃي. خود اسان وٽ، اڳوڻي اولهه پاڪستان ۽ هاڻوڪي پاڪستان ۾ به، مذهب ۽ جهادي عقيدو اڃا تائين سيڪيورٽي اسٽيٽ جي طاقت آهي. ان طاقت جي بيرحماڻي استعمال جي پويان، علائقي جي ٿاڻيدار بڻجڻ جي خواهش سان گڏوگڏ، “اسان غالب اچڻ لاءِ پيدا ڪيا ويا آهيون” واري سوچ جو عمل دخل آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ 76-77 سالن ۾ انسان سازي لاءِ هڪ به ادارو نه ٺاهيو ويو. ڇو؟ سادو جواب اهو آهي ته سيڪيورٽي اسٽيٽ کي انسان ‘وارو’ ئي نٿا کائين، ڇو ته انسان سوال ڪن ٿا، جڏهن ته سيڪيورٽي اسٽيٽ کي رڳو اطاعت گذار مخلوق جي ضرورت هوندي آهي. ٻيهر عرض آهي ته بنيادي حقيقتن کان منهن موڙي، رُڃ جي پٺيان ڊوڙندڙ رياست، 25 ڪروڙ ماڻهن کي جنهن هنڌ آڻي بيهاريو آهي، اهو هرگز ڪو فخر جوڳو مقام ناهي. (هلندڙ)